• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيد جي نگري حاضري!!!

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ھر سال سائين جي ايم سيد جي سالگره يا ورسيءِ تي تياري ڪندو ھيس پر ڪجھ ذاتي مصروفيات ۽ ذاتي مسئلن مان جان ڇُٽندي ئي ڪون ھُئي ھن سال سائين جي سالگره تي وڃڻ جو وچن ڪيو ۽ اھو واعدو ڪيو پاڻ سان ته ڀلي ڪجھ به ٿئي پوي سائين جي الگره تي سيد جي نگري حاضري ضرور ڀرڻي آھي.
مسئلو ھيو سن وڃڻ جو دوستن سان رابطا ڪيا ته دوستن چيو ته اڪيلا نه اچو اوھان لاءِ واپسي ۾ مسئلو ٿيندو سو اوھان اچو ته ڪنھن قوم پرست پارٽي جي ريلي سان گڏ اچو اھا ڳالھ منھنجي لاءِ پريشان پيدا ڪئي ته مان ڪيئن ۽ ڪنھن جي ريلي سان وڃان؟
دوست ته ھئا جن مونکي دلجاءِ ڏيندي چيو ته ادا اوھان اسان ساڻ ھلو، پوءِ آءُِ جوھر ڪراچي جي سنڱت سان جيئي سنڌ تحريڪ وارن جي ريلي سان ڪراچي مان سن لاءِ نڪتس ساڻ مونسان گڏ منھنجو تمام سٺو دوست عرفان ديشي ۽ نعيم کوسو صاحب جن ھئا.
اسان سن سيد جي نگري پھتاسين ھر جيئي سنڌ پارٽي جو ھڪ الڳ الڳ پنڊال ھيو اھو ڳالھ مونسان گڏ ھر سيد جي عاشق لاءِ ھڪ وڏي پريشاني جو سبب ھن سال به بڻي، خير مان ڪو ڪنھن قوم پرست جو جلسو ٻڌڻ لاءِ ته ڪون ويو ھيس مان سيد جي نگري حاضري ڀرڻ ويو ھيس اُتي ڳوٺ توڙي فيس بوڪ جا ڪيترا ئي دوست به آيل ھئا.
مان سيد جي پيرادي کان بيھي سيد ۽ سنڌ جي حالات ۽ سنڌين جي حالت تي ٿورڙو غور ڪيو ته اکين مان لڙڪ لڙي آيا ڏاڍو ڏک افسوس ٿيو ۽ جڏھن ڏٺو قوم پرستن جو الڳ الڳ ميڙاڪو ته قوم پرست جيئي ھڪ ئي ماڻھون جي فڪر جي ڳالھ ٿا ڪن اُھي پاڻ ئي الڳ الڳ پنڊال ۾ پنھنجي ڪارڪنن کي خطاب پيا ڪن ۽ گڏ گذاريل سيد جا يادگار واقعه پيا پيس ڪن ۽ سيد جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي تاڪيد پيا ڪن.
سيد جي نگري حاضري ڀري مونکي ڏاڍي خوشي ٿئي ۽ اُتي آيل دوستن سان ملي ڪري سٺو لڳو.........موري جي تقريبن سڄي سنڱت اُتي آيل ھُئي جن ۾ ظفر سنڌي، زاھد لغاري، اياز ھوشو، مھراڻ سنڌي، وسيم حسين، سجاد، خالد لغاري، آصف سنڌي، سائين محمد بخش سھتو، امجد ڀٽي، اشفاق لغاري ۽ مئڪش سومرو وغيره
اُتي ٻيا کوڙ سارا منھنجا پيارا دوست آيل ھئا جن سان ملڻ جو تمام گھڻو شوق ھيو جيئين ساگر شفقت مھر، وقار بلوچ باسط ٻگھيو جنيد ميمڻ ۽ ڪيترا اھڙا به دوست ھئا جن جا نالا مان ياد ڪري نه سگھيس.........(معزرت)
آخر ۾ بس مان سيد جي عظيم شخصيت کي سلام ڪندس سلام سيد سلام سيد


ڪجھ يادگار تصويرون

400963_332151790139926_100000353221650_1120479_1372149573_n.jpg

398712_298504326867841_100001248279284_889924_290581495_n.jpg

397261_298505936867680_100001248279284_889927_745857648_n.jpg

397944_298505346867739_100001248279284_889925_843482797_n.jpg

402076_297423180309289_100001248279284_887844_643459211_n.jpg

397891_297525810299026_100001248279284_887998_1283900885_n.jpg

395215_287662944625201_100001444933084_829004_619575314_n.jpg
 
جواب: سيد جي نگري حاضري!!!

سلام عاشق سائين ۔۔۔۔

سيد جي نگري سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سلامي ڀري آيا ۔۔۔۔ اهو سٺو ٿيو ، اوهان جي اها آس به پوري ٿي۔ قومي تحريڪ جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ سبب سچ ته ڏک سان گڏ روئڻ ٿو اچي۔ جڏهن اسان هڪ شخصيت جي نظريي جا پوئلڳ الڳ الڳ ٿي ويهنداسون ته پوء ٻين کي پاڻ سان ڪيئن ملائي سگهنداسون۔

خير پيرائتي خبر سا به فوٽن سان ۽ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه جي تصوير سان گڏ ڏسي ديدار ٿي ويو۔
 
جواب: سيد جي نگري حاضري!!!

واڌايون ۔۔۔ ڪيترن ڏينهن جي آس پوري ٿيڻ جي ۔۔۔

اوهان سائين سنڌ جي عاشق، سنڌ جي رهبر محترم جي ايم سيد جي آخري آرام گاهه تي سلامي ٿيا، اسانجو به سلام قبول پوي ۔۔۔

سيد غلام مرتضا عرف جي ايم سيد جي تعرف ۾ ڪتاب ڪارا ڪجن ته به تعرف پورو ڪون ٿيندو، سنڌ ۾ هڪ جامع شخصيت جنهن مان ڪيترائي ادارا ڦٽي نڪتا، هڪ اهڙي شخصيت جنهن جي ٻولن ۽ قولن مان ڪيترائي مستفيض ٿيا، هڪ اهڙي شخصيت جنهن جي علم ۽ فڪر سان سنڌ ۽ سنڌيت کي ابدي ۽ جاودان زندگي ملي آهي ۔۔۔

سندس ٿورا ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن ۔۔۔

سلام سنڌ جا عاشق ۔۔۔ اوهانجي جسم کي موت ته آيو آهي پر اوهانجو روح ۽ اوهانجو فڪر اسان سان گڏ آهي، دير يا سوير انشاء الله اوهانجي ڳالهه سچ ثابت ٿيندي ڪوڙ جا ڪوٽ ڪرندا ۽ سچ جو سج اڀرندو ۔۔۔ سنڌ آزاد ٿي عالم انسانيت ۾ لطيف جي فڪر کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندي ۔۔۔

لک ٿورا سهڻا عاشق ۔۔۔ جڳ جڳ جيئو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top