• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجرڪ لازمي قرار

ڪي ٽي اين نيوز
لاڙڪاڻو نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻين جي يونيفارم (اسڪول جي ڊريس) ۾ اسڪارف جي بدران اجرڪ لازمي قرار ڏنو ويو۔

1y4kjt.jpg
 
جواب: اجرڪ لازمي قرار

اها ساڳي ڳالهه مون ڪجهه مهينا اڳ سنڌي ثقافتي ڏينهن ۽ اجرڪ جي اهميت کي سامهون رکندي ڪئي هئي ۔۔۔ الحمد الله، لاڙڪاڻي وارن اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي، اميد ته سنڌ جا ٻيا ضلع به ان تتبع تي اهو ساڳيو عمل ڪندا ۔۔۔ ان عمل سان سنڌ ۾ موجود اجرڪ جي صنعت کي تمام وڏو فائدو رسندو ۽ سنڌي ثقافت پڻ اجاگر ٿيندي ۔۔۔

مون واري صلاح جي لنڪ .اجرڪ
لک ٿورا، سٺي خبر آهي
 
جواب: اجرڪ لازمي قرار

هي خبر مان به اردو چينل جي خبرن ۾ به ڏٺي۔

اجرڪ خوبصورتي سبب يقينن هڪ دلڪش يونيفارم لڳندو۔ اجرڪ کي في الحال صرف لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اتان جي ضلعي حڪومت لازمي قرار ڏنو آهي ۽ ان سان گڏ اسڪولن ۾ مفت اجرڪ پڻ ورهايا آهن۔ ضلعي انتضاميه جي اهڙي قدم جي ساراهه ڪجي ٿي۔

اميد ته هي سلسلو سڄي سنڌ ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ حڪومت سنڌ ان باببت جيڪڏهن صوبائي اسيمبلي مان ڪو بل منظور ڪري ته واهه واهه۔
 
جواب: اجرڪ لازمي قرار

واھ واھ زبردست قدم سنڌ جي ھر اسڪول ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏھين تائين اجرڪ لازمي قرار ڏنو وڃي ته ڏاڍو مزو اچي ويندو۔
 
Back
Top