ذوالفقار علي ڀٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    هڪ شخصيت جيڪا هميشه امر رهندي...
    سجاد حسين بلوچ


    هڪ اهڙي شخصيت جيڪا صدين ۾ جنم وٺي، جنهن جي قائدانه صلاحيتن دنيا جي سپر پاور جون ننڊون حرام ڪيون، جنهن جي ڪارنامن جا گيت اڄ به زبان عام آهن. جنهن خلق خدا کي پنهنجو مرڪز بڻايو ۽ انهن کي بنيادي حقوق ڏنا ۽ ان خاطر هي جان ڌڻي تعاليٰ حوالي ڪيائين.

    هي شخصيت آهي ذوالفقار علي ڀٽو جي جنهن جي قيادت، صلاحيتن ۽ فيصلن دنيا ۾ پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ طور روشناس ڪرايو. سنڌ جي هن عظيم فرزند 25 جنوري 1928ع ۾ جنم

    ورتو، سال 1947ع ۾ ممبئي کان مئٽرڪ ڪيائين ۽ 1958ع ۾ پاڪستان جو ڪامرس جو وزير بڻيو ۽ سال 1959ع ۾ اطلاعات ۽ قدري وسيلن جو وزير بڻيو، ڀٽو صاحب 1963ع کان 1965ع تائين پاڪستان جو پرڏيهي وزير رهيو. ڀٽو صاحب 1959ع، 1960ع ۽ 1965ع ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪئي، ڀٽو صاحب 22 سيپٽمبر 1965ع تي سلامتي ڪائونسل ۾ تاريخي خطاب ڪندي چيو ته “اسين هزار سالن تائين به جنگ کي منهن ڏينداسين”.

    ڀٽو صاحب 1966ع ۾ وفاقي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏني جنهن بعد 21 جون 1966ع تي سندس لاهور ۾ تاريخي استقبال ٿيو، انهي ڏينهن پ پ جو منشور بڻايو ويو، اسلام اسان جو يقين آهي، جمهوريت اسان جي پاليسي آهي، سوشل ازم اسان جي معيشت آهي ۽ طاقت جو محور عوام آهي” آڪٽوبر 1966ع ۾ پ پ جي بنياد رکي ۽ 1968ع ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ وڏي مهم هلائي جنهن باعث ڀٽو صاحب کي جمهوريت لاءِ حڪومت خلاف نفرت پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.سازشي عنصرن جي هر ڪوشش باوجود پ پ 1970ع جي اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي.

    اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ شهيد ڀٽو جيڪي تاريخي ڪارنامه سرانجام ڏنا انهن جو ڦل اڄ تائين اسين کائي رهيا آهيون، ڀٽو صاحب نهايت دور انديش ليڊر هو ۽ هن جي انهيءَ صلاحيت ۽ گهرائي پاڪستان کي مستقبل جي ايندڙ خطرن لاءِ تيار ڪيو، ڀٽو صاحب شديد عالمي رد عمل باوجود ائٽمي پروگرام شروع ڪيو. 1972ع ۾ ليبر پاليسي ٺاهي مزدورن جي جائز حقن کي قانوني شڪل ڏني، شملا معاهدو ڪري پاڪستان جي پنج هزار چورس ميل رتبو واپس حاصل ڪيائين، جنهن تي هندستان 1971۾ قبضو ڪيو هو. 1975ع ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن قائم ڪيائين، 1973ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ علامه اقبال يونيورسٽي قائم ڪيائين، 1973ع ۾ ئي پاڪستان کي پهريون متفقه آئين ڏنائين. شناختي ڪارڊ جاري ڪيائين، اسٽيل مل جو بنياد رکيائين. اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو انعقاد ڀٽو صاحب جي جادوئي شخصيت جو آئينه وار آهي.

    ڀٽو صاحب کي ڀت سان لڳائڻ جي وڏي وجهه پاڪستان جو ائٽمي پروگرام هو، بحيثيت صدر پاڪستان جي 1972ع ۾ پاڪستان جي پهرين ائٽمي پاور پلانٽ جو ڪراچي ۾ افتتاح ڪيائين، ڀٽو صاحب 1960ع ۾ بحيثيت معدني وسيلن جي وزير طور ائٽمي انرجي ڪميشن جي قيام لاءِ امر ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪهوٽار ريسرچ ليبارٽري به ڀٽو صاحب جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

    ڀٽو صاحب جي اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري ملڪ کي نظرياتي سوچ مان ڪڍي معاشي سوچ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڀٽو صاحب، صدر ۽ پارليامينٽ وچ ۾ اختيارن جي جنگ کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ۽ سڀ اختيار وزيراعظم کي ڏنائين.

    شهيد ڀٽو ملڪ کي معاشي، بچاءُ ۽اندروني طور مضبوط بڻائڻ لاءِ انتهائي محنت ڪئي، ڀٽو صاحب ملڪ جي 70 سيڪڙو عوام کي روشن زندگي ڏني، سندس اعلانيل زرعي اصلاحات، زراعت جي شعبي ۾ انقلاب برپا ڪيو، تعليم جي شعبي ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو قيام ڪري ملڪ جي نوجوانن جي مستقبل کي مضبوط بڻايائين.

    ان وقت جي آمريڪي صدر ڀٽو صاحب کي چيو ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام ختم ٿيڻ گهرجي نه ته ملڪ جي وزيراعظم کي ڳري قيمت ڀوڳڻي پوندي، هي اهو ئي وقت هو جڏهن اسلام جي هن عظيم فرزند خلاف بيروني سازشون شروع ٿيون، جنهن کي ضياءَ الحق عملي طور مڪمل ڪيو.

    1977ع جي اليڪشن ۾ پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي، ان وقت جي اپوزيشن پي اين اي اليڪشن نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌانڌلي جا الزام لڳايا جون 78-1977ع تي حڪومت ۽ پي اين اي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته اليڪشن ٻيهر آڪٽوبر 1977ع تي ٿيندي، پر پنج جولاءِ 1977ع تي ضياءَ الحق مارشل لا لڳائي آئين معطل ڪري ڇڏيو.

    3 سپٽمبر 1977ع تي ڀٽو صاحب کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو، آخرڪار ملڪ جا دشمن ڪامياب ٿيا ۽ ڀٽو صاحب کي 4 اپريل 1979 ع ۾ ڦاهي ڏني وئي ۽ اسلامي دنيا کي هڪ عظيم فرزند کان محروم ڪيو ويو.

    ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي کي ڊيل تي فوقيت ڏني، سندس زندگي جا ڏهاڙا جمهوريت لاءِ جدوجهد جي شاندار مثال آهن، جنهن ۾ هُن مقصد جي حصول لاءِ شهادت حاصل ڪئي.

    ڀٽو صاحب کي جڏهن برطرف ڪيو ويو تڏهن پاڻ اسلامي دنيا جو ترجمان ۽ ايندڙ دنيا جو عظيم ليڊر بڻجي چڪو هو.ڀٽو صاحب جي زندگي انقلاب جي زندگي آهي، جيتوڻيڪ شهيد ڀٽو جي حڪومت ۽ زندگي کي ظالمانه طريقي سان ختم ڪيو ويو پر ڀٽو تاريخ ۾ هڪ روشن چنڊ جيان هميشه ٽمڪندو رهندو جنهن مسلمان ملڪن ۽ غريب عوام لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. اڄ اگر ڀٽو صاحب حيات هجي ها ته اسان جي ملڪ تي ڊرون حملا نه ٿين ها پر اسان وٽ ڊرون جهاز ضرور هجن ٿا. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي تعريف ۽ واکاڻ جو هر لفظ سلام پيش ڪري ٿو.




    روزاني سنڌ تان ورتل
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    زبردست شيئرنگ ڪئي آهي ادا سلطان توهان۔۔
    ادا اهڙيون شخصيتون ڪڏهن به وسارڻ جهڙيون نه آهن۔
    پوري ڀٽو خاندان پاڪستان ۽ جهموريت کي بچائڻ لاء جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو دنيا کان لڪل نه آهي۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، توهان ڀٽي خاندان جي باري ۾ ايترو ڪجهه لکي ڀٽي خاندان جي ڏنل قربانين جو قرض لاٿو آهي، ادا، ڪل ڀي ڀٽو زندا ٿا آج ڀي ڀٽو زندا هي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام پياري شيئرنگ آهي ادا
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سلطان اگر توهان ڪجهه محترمه جي زندگي جي باري ۾ ڪجهه شيئر ڪندا ته توهان جا لک لائق هوند.
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ذوالفقار علي ڀٽو

    اڄ دنيا جي نامور ليڊر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي 82 سالگره آهي ۔۔۔ ڀٽو صاحب کي 4 اپريل 1979 ۾ راولپنڊي ۾ ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو هو۔۔ پاڪستاني تاريخ ۽ سياست هن سانحي کي عدالتي قتل قرار ڏئي ٿي۔۔۔
    ڀٽو صاحب جو هڪ واقعو ياد پيو اچي ۔۔۔ ڪتاب جو نالو ذهن ۾ ناهي۔۔۔
    1963 جي ڳالهه آهي ڀٽو صاحب ان وقت صدر ايوب خان جي ڪابينه ۾ وزيرِ خارجه هو۔۔۔ ۽ آمريڪا جي دوري تي ويل هو۔۔۔ آمريڪا ۾ ان وقت جان ايف ڪينڊي صدر هو۔۔۔ ڀٽو صاحب ۽ صدر ڪينڊي جي ملاقات ٿي۔۔۔ صدر ڪينڊي ڀٽو صاحب جي گفتگو، معلومات ۽ ذهانت کان ڏاڍو متاثر ٿيو۔۔۔ ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ”اوول آفس“ مان اٿڻ لڳو ته ڪينڊي هن سان مخاطب ٿيندي چيو۔۔۔ ”مسٽر ڀٽو۔۔۔ جيڪڏهن توهان آمريڪي هجو ها۔۔ ته توهان هن وقت منهنجي ڪابينه ۾ وزير هجو ها۔۔۔۔“
    ڀٽو صاحب هلڪو مسڪرايو ۽ صدر ڪينڊي کي جواب ڏنو ته ۔۔۔۔”مسٽر پريزيڊينٽ۔۔۔! نه۔۔۔جيڪڏهن مان آمريڪي شهري هجان ها ته هن وقت مان آمريڪا جو صدر هجان ها۔۔۔۔۔“
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ذوالفقار علي ڀٽو

    ادا اهڙي طرح هڪ ٻيو واقعو ياد آهي۔ پوري طرح نه پر۔۔۔۔ ايترو ياد آهي جو آمريڪي صدر واشنگٽن ڊي سي جي اندر ميٽنگ مان اٿندي ڀٽو صاحب کي پاڪستان جي باري ۾ ڪجهه غلط چيو ته ڀٽو صاحب (جيڪو انهيءَ وقت فرش تي بڻيل آمريڪه جي قومي نشان واري گول جي مٿان بيٺو هو) وراڻيو ته نه ۔۔ نه۔۔ هينئر آمريڪه منهنجي پيرن جي هيٺان آهي۔۔۔ بيشڪ ڀٽو صاحب وڏو بهادر ۽ نڊر ، منهن تي چوڻ وارو ماڻهو هو۔۔ يونائيٽڊ نيشن ۾ ڪيل سندن تقرير ۽ ڪاغذن کي ڦاڙڻ وارو ڦوٽو سندس يادن کي تازو ڪري ٿو۔۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ذوالفقار علي ڀٽو

    ادا سلطان پيارا اوهان تمام بهترين شيئرنگ ڪئي آهي جناب ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي هيرو هو سندس قربانيون وسارڻ جهڙيون نه آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو