سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي
سنڌ سلامت سٿ پاران فورم جي سينيئر دوست محترم عاشق سولنگيءَ کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي۔
چون ٿا ته عاشق يا ته مجبور هوندا آهن يا وري مجنون هوندا آهن پر هي عاشق ڪو ٻيو لڳندو آهي جيڪو ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن هوندو آهي۔ ڪڏهن سنڌ جو عاشق، ڪڏهن شاعري جو عاشق، ڪڏهن سنڌ سلامت جو عاشق، ڪڏهن فيسبوڪ جو عاشق، ڪڏهن خوبصورت تصويرن جو عاشق۔
عاشق سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ تي هر وقت موجود هوندو آهي سندس غير موجودگي سڀني کي محسوس ٿيندي آهي۔ سندس ڊزائن ڪيل شاعري تمام سهڻن رنگن سان سجايل هوندي آهي۔ سنڌ سلامت لاء ڪيل سندس خدمتن جو ثبوت سندس 5000 تحريرون ۽ خلوص آهي۔
سندس فورم لاء ڪيل ڪوششن تي کيس سلام۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش هجي ۽ اڃان وڌيڪ لکندو رهي ۽ سنڌ جي سهنن عاشقن ۾ سندس شمار ٿئي۔