
هڪ نوجوان هڪ غريب ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سندس خوبصورت ۽ قيمتي ڪار کي غور سان ڏسي رهيو هيو۔۔ نوجوان کي غريب ڇوڪري تي ترس آيو ۽ کيس ڪار تي گهمائڻ جي آفر ڪئي۔۔۔
ڇوڪرو ڪار ۾ ويهي رهيو۔۔ ۽ جڏهن ڪار هلڻ شروع ڪيو ته هن نوجوان کان پڇيو ”تنهنجي ڪار ڪيڏي نه خوبصورت آهي۔۔۔ قيمتي هوندي نه۔۔۔ ڪيتري جي آ۔۔۔؟“
نوجوان مسڪرايو ۽ جواب ڏنو۔۔”مون کي ناهي خبر ۔۔ منهنجي ڀاء هي ڪار مون کي سالگره جو تحفو ڪري ڏني آهي۔۔“
ڇوڪري حيرت ۾ چيو۔۔۔ ”واه۔۔ ڪيترو نه ڀلو آهي تنهنجو ڀاء۔۔۔“
ڪافي دير خاموشي رهي ته نوجوان غريب ڇوڪري کان پڇيو۔۔۔ ”تون ڇا پيو سوچين ۔۔۔ ڇا تون اهڙي ڪار وٺڻ ٿو چاهين۔۔۔ “
ڇوڪري جواب ڏنو۔۔۔ ”مان اهڙو ڀاء وٺڻ چاهيان ٿو۔۔۔ “
سبق: هميشه ماڻهن جي توقع کان وڌيڪ سوچيو۔۔