نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
نظم
سڪون جي تلاش ۾

مجيب سنڌي

سڪون جي تلاش ۾
ڀٽڪندو وتي ٿو
هر آدم !
گم آهي شاباش ۾
سڪون جي تلاش ۾
ستارن جي ڳولا
پيارن جي ڳولا
سهارن جي ڳولا
ڪري پيو آڪاش ۾
سڪون جي تلاش ۾
گهمندي ڦرندي
ڪرندي ڪرندي
ٻڏندي ترندي
وڃي پيو آ چاش ۾
سڪون جي تلاش ۾
روڊ تي گم سُم
هڏن کان ڌار چم
ماڻهو جو سر قلم
بدبو ٿي وئي لاش ۾
سڪون جي تلاش ۾
سڪون جي تلاش ۾
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

سڪون جي تلاش ۾
گهمندي ڦرندي
ڪرندي ڪرندي
ٻڏندي ترندي


ادا بھترين
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

اڙي ادا مجيب، وڏي ويڌن آهي انسان ويچاري سان ۔۔۔ الله پناهه ۾ رکي، ايمان جا ڪمزور ماڻهون، انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي وڃن ٿا۔ پر جنهن ماڻهونءَ جو ايمان مضبوط ٿي وڃي ٿو ته بس پوءِ کيس سڪون ملي وڃي ٿو ۽ خالق حقيقيءَ جي بارگاهه ۾ سربسجود ٿي رب جي رضا جي آڏو سرجهڪائي ڇڏي ٿو ۔۔۔

عام زندگيءَ جي سٺي عڪاسي ڪيل آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

بهترين شاعري ادا مجيب،۔الله پاڪ انسان کي اهڙي مٽي مان ٺاهيو آهي جيڪو خوب کان خوب تر بنجڻ جي چڪر ۾ پنهنجي سڪون برباد ڪري ڇڏيندو آهي ،پو ورتو سڪون کي ڳوليندو آهي۔توهان جي شاعري به ان طرف اشارو ڪري رهئي آهي۔
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

پيارا مجيب ۔۔۔۔ مهربانيون

اوهان سهڻو نظم ونڊ ڪيو۔ يار ان سڪون جي تلاش ۾ ڇا اڇا نه ٿا ڪيون پر پوء به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

هاء ڙي انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

ادا عاشق سولنگي ، سائين نثار ابڙو ، ڀا غلام مصطفيى ، ۽ سائين محمد سليمان وساڻ صاحب
منهنجو نظم پسند ڪرڻ لئه اوهان سڀني مانوارن ساٿين جون مهربانيون
 
جواب: نظم ۔ سڪون جي تلاش ۾ ۔ مجيب سنڌي

ها سائين مجيب واقعي انسان هميشه سڪون انهن شين جي حصول ۾ ئي سمجهيو آهي هن ان جي بي چيني ۾ مسلسل اضافو ڪيو آهي
اوهان انسان جي نفس پرستي جي بهترين صورت پيش ڪئي آهي ۔
وسلام
 
Back
Top