نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو ، شهر جي اديبن، سماجي شخصيتن ۽ علمي شخصيتن جي شرڪت
رپورٽ : نثاراحمدناز تصويرون: رحمان مصطفى سمون
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، نمستي، جيئي سنڌ۔
گُذريل رات سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي چونڊيل نئين باڊي کي خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران هڪڙو پر تڪلف آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ شهر جي ڪافي اديبن، شاعرن، سماجي شخصيتن، ۽ علم سان سلهاڙيل دوستن شرڪت ڪئي۔ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت جي تازين چونڊن ۾ سيڪريٽري واسطي چونڊيو ويو آهي سو پنهنجي سنگت جي سمورن ساٿين سميت شريڪ ٿيو ، خدمت سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ سندس ساٿين سنگت جو ڀرپور استقبال ڪيو ، هن آجياڻي تقريب جي ڪاروائي ٺيڪ رات جو اٺين وڳي اسٽارٽ ڪئي وئي۔هن آجياڻي تقريب جي ڪاروائي هلائندڙ معظم ٽالپر سڀ کان پهرين شريڪ ٿيندڙ سڀني خواتين حضرات جا ٿورا مڃيا ان کانپو خدمت سنڌ فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري کي هن آجياڻي جي تقريب جي صدارت جي ڪرسي تي گهرايو ويو، ان کان پو سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان رابطي سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه کي مهمان خاص جي حيثيت سان سڏايو ويو، ان بعد راقم الحروف ، سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز جيڪو هاڻي سنڌي ادبي سنگت جو نئون چونڊيل سيڪريٽري پڻ آهي ان کي مهمان خصوصي جي حيثيت سان اسٽيج تي گهرايو ويو، ان کان پو سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊيل جوائينٽ سيڪريٽري (فيميل) محترما امبر شاهه کي اسٽيج تي گهرايو ويو، ان کانپو ڊاڪٽر جي ايم گُل کي اسٽيج تي گهرايو ويو اعزازي مهمان جي حيثيت سان آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو نئون چونڊيل آڊيٽر سومار ملهار کي گهرايو ويو، هن آجياڻي جي تقريب جي شروعات لاکيڻي لطيف جي وائي سان ڪئي وئي، ان بعد خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران منظور عادل سومرو آجياڻي واري تقرير ڪندي چيو ته اسان جو معاشرو اديب ۽ ادب کان سوا اڌورو آهي، سياست ۽ ادب معاشري کي ڇڙواڳي کان بچائي ٿو پر بدقسمتي سان اسان وٽ نه سياستدان ۽ نه ئي اديب پنهنجو سهي معنى ۾ تشخص برقرار رکي سگهيا آهن، اسان جا اديب سُجاڳ آهن ته ڌرتي جي ڏُکن سورن کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان پڌرو ڪري ٻُڌائن ٿا ۽ ظلم جي خلاف ويڙهاند جو درس ڏين ٿا اسان جا سياستدان جيڪڏهن سُجاڳ آهن ته ماحول ۾ نواڻ ترقي تبديلي جي لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي کٽي آيل نئين باڊي کي هن مُبارڪون ڏيندي چيو ته سنگت خاص ڪري سنگت جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري نثارناز تي کوڙ ساريون ذميواريون عائد ٿين ٿيون هن کي کپي ته سنڌي ادبي سنگت کي جديد لاڙن مطابق هلائي، سڀني سنگت جي ميمبرن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ، ان کان پوءِ ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي جيڪا سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊجي آيل ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر به آهي پنهنجي تقرير ڪندي چيو ته اسان کي سنڌي ادبي سنگت مان نت نوان زهن پيدا ڪرڻا آهن ، مدي خارج سوچن کي الوداع ڪرڻو آهي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان کي علم ۽ ادب جو گهوارو ڪرڻو آهي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي ساري سنڌ ۾ مثالي شاخ ڪرڻو آهي اسان ٽنڊو محمد خان جا اديب خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ سنگت جي پنهنجي آفيس آهي اسان سنگت جي هن آفيس کي اصلاحي ڪلاس کان علاوه سنگت جي لائبريري طور به استعمال ڪرڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اسان سڀني سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي گهرجي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب گڏ ڪري سنگت جي ساٿين کي علم ۽ ادب جي نئين ڄاڻ ڏيون ان سلسلي هُن پنهنجي وس آهر هر ممڪن سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ نڀائڻ جو اعلان ڪيو۔ ان کان پوءِ شهر جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر گرڌاري مرچومل گُل(ڊاڪٽر جي ايم گُل) کي سنگت جي نئين چونڊي آيل باڊي جي آجياڻي لاءِ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ گهرايو ويو ڊاڪٽر جي ايم گُل سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي چونڊجي آيل ساٿين کي مُبارڪون ڏيندي چيو ته ساري دنيا ۾ اديب ئي هوندا آهن جيڪي معاشري جي تعمير نو ڪندا آهن ، اديب ئي پنهنجي ٻولي، پنهنجي قوم، پنهنجي ايندڙ مستقبل لاءِ جاکوڙيندا آهن سياستدانن کي، سول سوسائٽي جي ماڻهن کي، فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ماڻهو ئي صحيح دڳ ڏيکاريندا آهن ظالم جي خلاف وڏي ويڙهاندجو ڏس پتو ڏيندا آهن، پنهنجي قوم ، پنهنجي نئين نسل کي سماجي بُرائين، سياسي برائين کان پاڻ بچائڻ جي تلقين ڪندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنگت جا ساٿين کي گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي ، وڏي پيماني تي ادبي مذاڪرن ، سيمينارن جو انعقاد ڪرڻو پوندو، اصلاحي ڪلاسن ۾ ادب جي ڄاڻو دوستن کي گهرائي باقائده هفتيوار، پندره روزه يا ماهوار ليڪچر پروگرام ڪرائڻا پوندا، ته جيئن سورهان آنا اسان جا نوان اديب نوان شاعر انهن ليڪچر پروگرامن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ، ان کانپوءِ سنڌ سلامت جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل سيڪريٽري نثاراحمدناز کي تاڙين جي گونج ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو چيو ويو، نثارناز لاکيڻي لطيف جي بيت:
الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏُک ڏسن
ڀوريون ڀتار سين کليو کير پيئن
مون سين مون پريَنِ ڀورائي ۾ ڀال ڪيا
ڀوريون ڀتار سين کليو کير پيئن
مون سين مون پريَنِ ڀورائي ۾ ڀال ڪيا
سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ، ته مان هڪڙو غريب شاعر آهيان سدائين انهن اليڪشن کان ڪنارو ڪندو آيو آهيان، پر هن ڀيري دوستن مونکي انهيءَ اليڪشني عمل کان پاسو ڪرڻ ڪونه ڏنو ۽ مون تي اعتماد ڪري مونکي سيڪريٽري جي اهم ترين ذميواري تي منتخب ڪيو، آئون اهو نٿو چوان ته ڪو آئون آسمان مان تارا لاهي سنڌي اديبن کي هيرن ۽ جواهرن سان سجائي ڇڏيندس، پر مان ڪوشش وٺي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي شاخ کي مثالي شاخ بنائي ڏيکاريندس، هن پنهنجون ٽي اهم ترين تجويزون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي مثالي بنائڻ جو ڏنيون:
1۔ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي ڀلوڙ لائبريري قائم ڪرڻ جنهن ۾ هُن پنهنجا ذاتي 60 علمي ادبي ڪتاب سنگت جي لائبريري کي ڊونيٽ ڪرڻ جو چيو۔
2۔ لائبريري ۾ سي ايس ايس جا جملي ڪورس وارا ڪتاب رکيا ويندا جنهن مان اسان جا سنڌي ڀائر ڀينرون لاڀ حاصل ڪري سي ايس ايس واري چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا
3۔ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي اديب دوستن جو ڪاوشون فري ۾ ڪمپوز ڪري ان جا بٽر ڪڍرائي انهن جي ڪاوشن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ۔

نثاراحمدناز جي انهي ٽنهي تجويزن تي دل کولي دوستن تاڙيون وڄائي انهي تجويزن جي تائيد ڪئي۔ آخر ۾ نثاراحمدناز خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمدخان جا ٿورا مڃيندي چيو ته خدمت سنڌ فائونڊيشن وارن سنگت جو آجياڻو ڪري پنهنجي پاڙيسري هُئڻ جو حق ادا ڪيو آهي ڇو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي آفيس ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آفيس آمهون سامهون سوڪ سينٽر جي فرسٽ فلور تي آهن ۔خاص ڪري خدمت سنڌ وارن جو اهو ٿورو آهي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين جي سلسلي ۾ هو پنهنجو فرنيچر خوشي سان استعمال ڪرڻ ڏيندا آهن۔
ان کانپوءِ ريٽائرڊ پروفيسر سائين محمد موسى سٺيو تقرير ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت وارن جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي سنڌي ٻولي، پنهنجي ثقافت، کي ڌارين جي يلغار کان بچائن ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت سنڌ جا ويڙهو ۽ حلالي پُٽ بڻجي ڪن، اسان کي توهان نوجوان سنڌي شاعرن ، ڪهاڻيڪارن، اديبن مان وڏيون اميدون آهن ، جيڪڏهن سنڌي اديب سرموڙ آهن ته اسان جي سنڌ سدائين آباد رهندي ڪو دشمن سنڌ تي ميري نظر ڪونه رکندو هن پنهنجي هر ممڪن مدد سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان سان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۔ ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش حاتم مگسي چيو ته ترقي پسند ادب ۽ مزاحمتي ادب پوري دنيا ۾ صرف هاڻي سنڌ ۾ سرجيو پيو وڃي، اسان جا سنڌي شاعر گل بلبل ۽ مينا واري سحر کان ڪڏهوڪو نڪري چُڪا آهن ، ڪير به سنڌ ڌرتي ڏانهن ميري اک کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اسان جو هڪڙو ننڍڙو معمولي شاعر به ان ميري اک کڻڻ واري جون اکيون ڪڍڻ جي ڳالهه پنهنجي ڪويتا ۾ کُلي عام لکي ٿو، اسان جو سنڌي ادب جدت سان ڀرپور آهي، سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي کان وڏي ادبي تنظيم آهي جنهن جون شاخون نه صرف سنڌ پر مُلڪ کان ٻاهر پڻ آهن۔ سنڌي ادبي سنگت جو نالو ئي ڪافي آهي ، سنڌي ادبي سنگت جي اصلاحي ڪلاسن مان پچي راس ٿيندڙ شاعر يا اديب ۾ ٻيو ڪجهه اچي يا نه اچي پر هُن ۾ خود اعتمادي حد کان وڌيڪ وڌي ويندي آهي۔آخر ۾ هن آجياڻي جي ميزبان ۽ صدارت ڪندڙ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ محترم احمد نوناري سنگت جي نئين چونڊجي ايندڙ باڊي کي پرخلوص مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان سياسي رستي جا پانڌيئڙا آهيون ، پر ايتري خبر آهي ، ته سنڌي ادبي سنگت جا اديب ، شاعر سنڌ جي سڀيتا لاءِ ، سنڌ جي سينڌ سائي رکڻ لاءِ هميشهه پنهنجي ڪويتائن جي ذريعي، پنهنجي ڪهاڻين، ۽ مضمونن ذريعي ظالمن سان جيهڙيندا نظر ايندا آهن سنڌ جا اديب ئي آهن جن پنهنجي جيجل سنڌ جي ٿڃ جو حق پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو آهي، اسان خدمت سنڌ فائونڊيشن وارن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته بنا ڪنهن مذهبي رنگ نسل مت ڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪيون، انهي سلسلي ۾ خدمت سنڌ فائونڊيشن شهر ۾ تمام گهٽ خرچ تي هڪڙي لائبريٽري جو قيام عمل ۾ آندو آهي جنهن ۾ رت جي ميچنگ ڪئي ويندي آهي غريبن بيمارن ۾ ايمرجنسي ويلي رت جون بوتلون مهيا ڪري سندن جان بچائي ويندي آهي ان کان علاوه انسانيت جي فلاح ۽ بهبود واسطي ڏينهن رات خدمت سنڌ فائونڊيشن جا ڪارڪن پاڻ پتوڙي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان وارن سان پاڙيسري هُئڻ جي ناتي اسان جو انهن سان سر لڳي، اسان کان جيترو به هڙون وڙون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان لاءِ پهتو اهو ڪنداسين، سنڌي ادبي سنگت وارن جو به اهو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌي ٻولي، پنهنجي سنڌي قوم جي آئندي لاءِ هر ممڪن آواز اٿارين، ڇو ته اسان سنڌي آهيون اسان جي سڃاڻپ سنڌ آهي سنڌي ٻولي آهي اسان جو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي موجوده نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري نثاراحمدناز ۽ سنگت سان مڪمل سهڪار جاري رهندو ۔ اهڙي طرح سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آجياڻي جي تقريب تقريبن رات جو 9 وڳي اختتام پذير ٿي۔ هن آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ۾ حڪيم محمد يوسف کتري، غلام رسول ڪيريو، اصغر علي ڀٽي، اعظم ڀٽي، نديم درس، اقبال هاليپوٽو، منور لال، نديم درس، پير مير جت، سيٺ سوڀو مل، محترما فرزانه شاهه مختيار مگسي، محمد جمن سمون ، نواز علي سمون کان علاوه کوڙ سارا شهر جا ساڃاهه وند ماڻهو شريڪ ٿيا

هاڻي پيش آهن هن آجياڻي واري تقريب جون تصويرون توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري چونڊيو ويوآهيان سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج منهنجو ڀاڻيجو رحمان مصطفى سمون ڪري رهيو آهي