• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻو ، شهر جي اديبن، سماجي شخصيتن ۽ علمي شخصيتن جي شرڪت​

رپورٽ : نثاراحمدناز تصويرون: رحمان مصطفى سمون​

سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ، نمستي، جيئي سنڌ۔
گُذريل رات سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي چونڊيل نئين باڊي کي خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران هڪڙو پر تڪلف آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ شهر جي ڪافي اديبن، شاعرن، سماجي شخصيتن، ۽ علم سان سلهاڙيل دوستن شرڪت ڪئي۔ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز جيڪو سنڌي ادبي سنگت جي تازين چونڊن ۾ سيڪريٽري واسطي چونڊيو ويو آهي سو پنهنجي سنگت جي سمورن ساٿين سميت شريڪ ٿيو ، خدمت سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ سندس ساٿين سنگت جو ڀرپور استقبال ڪيو ، هن آجياڻي تقريب جي ڪاروائي ٺيڪ رات جو اٺين وڳي اسٽارٽ ڪئي وئي۔هن آجياڻي تقريب جي ڪاروائي هلائندڙ معظم ٽالپر سڀ کان پهرين شريڪ ٿيندڙ سڀني خواتين حضرات جا ٿورا مڃيا ان کانپو خدمت سنڌ فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري کي هن آجياڻي جي تقريب جي صدارت جي ڪرسي تي گهرايو ويو، ان کان پو سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان رابطي سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه کي مهمان خاص جي حيثيت سان سڏايو ويو، ان بعد راقم الحروف ، سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز جيڪو هاڻي سنڌي ادبي سنگت جو نئون چونڊيل سيڪريٽري پڻ آهي ان کي مهمان خصوصي جي حيثيت سان اسٽيج تي گهرايو ويو، ان کان پو سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊيل جوائينٽ سيڪريٽري (فيميل) محترما امبر شاهه کي اسٽيج تي گهرايو ويو، ان کانپو ڊاڪٽر جي ايم گُل کي اسٽيج تي گهرايو ويو اعزازي مهمان جي حيثيت سان آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو نئون چونڊيل آڊيٽر سومار ملهار کي گهرايو ويو، هن آجياڻي جي تقريب جي شروعات لاکيڻي لطيف جي وائي سان ڪئي وئي، ان بعد خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران منظور عادل سومرو آجياڻي واري تقرير ڪندي چيو ته اسان جو معاشرو اديب ۽ ادب کان سوا اڌورو آهي، سياست ۽ ادب معاشري کي ڇڙواڳي کان بچائي ٿو پر بدقسمتي سان اسان وٽ نه سياستدان ۽ نه ئي اديب پنهنجو سهي معنى ۾ تشخص برقرار رکي سگهيا آهن، اسان جا اديب سُجاڳ آهن ته ڌرتي جي ڏُکن سورن کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان پڌرو ڪري ٻُڌائن ٿا ۽ ظلم جي خلاف ويڙهاند جو درس ڏين ٿا اسان جا سياستدان جيڪڏهن سُجاڳ آهن ته ماحول ۾ نواڻ ترقي تبديلي جي لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي کٽي آيل نئين باڊي کي هن مُبارڪون ڏيندي چيو ته سنگت خاص ڪري سنگت جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري نثارناز تي کوڙ ساريون ذميواريون عائد ٿين ٿيون هن کي کپي ته سنڌي ادبي سنگت کي جديد لاڙن مطابق هلائي، سڀني سنگت جي ميمبرن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ، ان کان پوءِ ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي جيڪا سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊجي آيل ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر به آهي پنهنجي تقرير ڪندي چيو ته اسان کي سنڌي ادبي سنگت مان نت نوان زهن پيدا ڪرڻا آهن ، مدي خارج سوچن کي الوداع ڪرڻو آهي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان کي علم ۽ ادب جو گهوارو ڪرڻو آهي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي ساري سنڌ ۾ مثالي شاخ ڪرڻو آهي اسان ٽنڊو محمد خان جا اديب خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ سنگت جي پنهنجي آفيس آهي اسان سنگت جي هن آفيس کي اصلاحي ڪلاس کان علاوه سنگت جي لائبريري طور به استعمال ڪرڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ اسان سڀني سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي گهرجي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب گڏ ڪري سنگت جي ساٿين کي علم ۽ ادب جي نئين ڄاڻ ڏيون ان سلسلي هُن پنهنجي وس آهر هر ممڪن سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ نڀائڻ جو اعلان ڪيو۔ ان کان پوءِ شهر جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر گرڌاري مرچومل گُل(ڊاڪٽر جي ايم گُل) کي سنگت جي نئين چونڊي آيل باڊي جي آجياڻي لاءِ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ گهرايو ويو ڊاڪٽر جي ايم گُل سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي چونڊجي آيل ساٿين کي مُبارڪون ڏيندي چيو ته ساري دنيا ۾ اديب ئي هوندا آهن جيڪي معاشري جي تعمير نو ڪندا آهن ، اديب ئي پنهنجي ٻولي، پنهنجي قوم، پنهنجي ايندڙ مستقبل لاءِ جاکوڙيندا آهن سياستدانن کي، سول سوسائٽي جي ماڻهن کي، فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ماڻهو ئي صحيح دڳ ڏيکاريندا آهن ظالم جي خلاف وڏي ويڙهاندجو ڏس پتو ڏيندا آهن، پنهنجي قوم ، پنهنجي نئين نسل کي سماجي بُرائين، سياسي برائين کان پاڻ بچائڻ جي تلقين ڪندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنگت جا ساٿين کي گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي ، وڏي پيماني تي ادبي مذاڪرن ، سيمينارن جو انعقاد ڪرڻو پوندو، اصلاحي ڪلاسن ۾ ادب جي ڄاڻو دوستن کي گهرائي باقائده هفتيوار، پندره روزه يا ماهوار ليڪچر پروگرام ڪرائڻا پوندا، ته جيئن سورهان آنا اسان جا نوان اديب نوان شاعر انهن ليڪچر پروگرامن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ، ان کانپوءِ سنڌ سلامت جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل سيڪريٽري نثاراحمدناز کي تاڙين جي گونج ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو چيو ويو، نثارناز لاکيڻي لطيف جي بيت:​

الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏُک ڏسن
ڀوريون ڀتار سين کليو کير پيئن
مون سين مون پريَنِ ڀورائي ۾ ڀال ڪيا​

سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ، ته مان هڪڙو غريب شاعر آهيان سدائين انهن اليڪشن کان ڪنارو ڪندو آيو آهيان، پر هن ڀيري دوستن مونکي انهيءَ اليڪشني عمل کان پاسو ڪرڻ ڪونه ڏنو ۽ مون تي اعتماد ڪري مونکي سيڪريٽري جي اهم ترين ذميواري تي منتخب ڪيو، آئون اهو نٿو چوان ته ڪو آئون آسمان مان تارا لاهي سنڌي اديبن کي هيرن ۽ جواهرن سان سجائي ڇڏيندس، پر مان ڪوشش وٺي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي شاخ کي مثالي شاخ بنائي ڏيکاريندس، هن پنهنجون ٽي اهم ترين تجويزون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي مثالي بنائڻ جو ڏنيون:​

1۔ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙي ڀلوڙ لائبريري قائم ڪرڻ جنهن ۾ هُن پنهنجا ذاتي 60 علمي ادبي ڪتاب سنگت جي لائبريري کي ڊونيٽ ڪرڻ جو چيو۔
2۔ لائبريري ۾ سي ايس ايس جا جملي ڪورس وارا ڪتاب رکيا ويندا جنهن مان اسان جا سنڌي ڀائر ڀينرون لاڀ حاصل ڪري سي ايس ايس واري چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا
3۔ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي اديب دوستن جو ڪاوشون فري ۾ ڪمپوز ڪري ان جا بٽر ڪڍرائي انهن جي ڪاوشن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ۔​

نثاراحمدناز جي انهي ٽنهي تجويزن تي دل کولي دوستن تاڙيون وڄائي انهي تجويزن جي تائيد ڪئي۔ آخر ۾ نثاراحمدناز خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمدخان جا ٿورا مڃيندي چيو ته خدمت سنڌ فائونڊيشن وارن سنگت جو آجياڻو ڪري پنهنجي پاڙيسري هُئڻ جو حق ادا ڪيو آهي ڇو ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي آفيس ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آفيس آمهون سامهون سوڪ سينٽر جي فرسٽ فلور تي آهن ۔خاص ڪري خدمت سنڌ وارن جو اهو ٿورو آهي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين جي سلسلي ۾ هو پنهنجو فرنيچر خوشي سان استعمال ڪرڻ ڏيندا آهن۔
ان کانپوءِ ريٽائرڊ پروفيسر سائين محمد موسى سٺيو تقرير ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت وارن جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي سنڌي ٻولي، پنهنجي ثقافت، کي ڌارين جي يلغار کان بچائن ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي حفاظت سنڌ جا ويڙهو ۽ حلالي پُٽ بڻجي ڪن، اسان کي توهان نوجوان سنڌي شاعرن ، ڪهاڻيڪارن، اديبن مان وڏيون اميدون آهن ، جيڪڏهن سنڌي اديب سرموڙ آهن ته اسان جي سنڌ سدائين آباد رهندي ڪو دشمن سنڌ تي ميري نظر ڪونه رکندو هن پنهنجي هر ممڪن مدد سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان سان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۔ ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش حاتم مگسي چيو ته ترقي پسند ادب ۽ مزاحمتي ادب پوري دنيا ۾ صرف هاڻي سنڌ ۾ سرجيو پيو وڃي، اسان جا سنڌي شاعر گل بلبل ۽ مينا واري سحر کان ڪڏهوڪو نڪري چُڪا آهن ، ڪير به سنڌ ڌرتي ڏانهن ميري اک کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اسان جو هڪڙو ننڍڙو معمولي شاعر به ان ميري اک کڻڻ واري جون اکيون ڪڍڻ جي ڳالهه پنهنجي ڪويتا ۾ کُلي عام لکي ٿو، اسان جو سنڌي ادب جدت سان ڀرپور آهي، سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي کان وڏي ادبي تنظيم آهي جنهن جون شاخون نه صرف سنڌ پر مُلڪ کان ٻاهر پڻ آهن۔ سنڌي ادبي سنگت جو نالو ئي ڪافي آهي ، سنڌي ادبي سنگت جي اصلاحي ڪلاسن مان پچي راس ٿيندڙ شاعر يا اديب ۾ ٻيو ڪجهه اچي يا نه اچي پر هُن ۾ خود اعتمادي حد کان وڌيڪ وڌي ويندي آهي۔آخر ۾ هن آجياڻي جي ميزبان ۽ صدارت ڪندڙ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ محترم احمد نوناري سنگت جي نئين چونڊجي ايندڙ باڊي کي پرخلوص مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان سياسي رستي جا پانڌيئڙا آهيون ، پر ايتري خبر آهي ، ته سنڌي ادبي سنگت جا اديب ، شاعر سنڌ جي سڀيتا لاءِ ، سنڌ جي سينڌ سائي رکڻ لاءِ هميشهه پنهنجي ڪويتائن جي ذريعي، پنهنجي ڪهاڻين، ۽ مضمونن ذريعي ظالمن سان جيهڙيندا نظر ايندا آهن سنڌ جا اديب ئي آهن جن پنهنجي جيجل سنڌ جي ٿڃ جو حق پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو آهي، اسان خدمت سنڌ فائونڊيشن وارن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته بنا ڪنهن مذهبي رنگ نسل مت ڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪيون، انهي سلسلي ۾ خدمت سنڌ فائونڊيشن شهر ۾ تمام گهٽ خرچ تي هڪڙي لائبريٽري جو قيام عمل ۾ آندو آهي جنهن ۾ رت جي ميچنگ ڪئي ويندي آهي غريبن بيمارن ۾ ايمرجنسي ويلي رت جون بوتلون مهيا ڪري سندن جان بچائي ويندي آهي ان کان علاوه انسانيت جي فلاح ۽ بهبود واسطي ڏينهن رات خدمت سنڌ فائونڊيشن جا ڪارڪن پاڻ پتوڙي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان وارن سان پاڙيسري هُئڻ جي ناتي اسان جو انهن سان سر لڳي، اسان کان جيترو به هڙون وڙون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان لاءِ پهتو اهو ڪنداسين، سنڌي ادبي سنگت وارن جو به اهو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌي ٻولي، پنهنجي سنڌي قوم جي آئندي لاءِ هر ممڪن آواز اٿارين، ڇو ته اسان سنڌي آهيون اسان جي سڃاڻپ سنڌ آهي سنڌي ٻولي آهي اسان جو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي موجوده نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري نثاراحمدناز ۽ سنگت سان مڪمل سهڪار جاري رهندو ۔ اهڙي طرح سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کي خدمت سنڌ فائونڊيشن جي آجياڻي جي تقريب تقريبن رات جو 9 وڳي اختتام پذير ٿي۔ هن آجياڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ۾ حڪيم محمد يوسف کتري، غلام رسول ڪيريو، اصغر علي ڀٽي، اعظم ڀٽي، نديم درس، اقبال هاليپوٽو، منور لال، نديم درس، پير مير جت، سيٺ سوڀو مل، محترما فرزانه شاهه مختيار مگسي، محمد جمن سمون ، نواز علي سمون کان علاوه کوڙ سارا شهر جا ساڃاهه وند ماڻهو شريڪ ٿيا​
هاڻي پيش آهن هن آجياڻي واري تقريب جون تصويرون توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري چونڊيو ويوآهيان سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج منهنجو ڀاڻيجو رحمان مصطفى سمون ڪري رهيو آهي​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

روايت کان ھٽي ڪري تمام مختصر ۽ تصويرن کان بغير رپورٽ قابل قبول ڪونھي
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

روايت کان ھٽي ڪري تمام مختصر ۽ تصويرن کان بغير رپورٽ قابل قبول ڪونھي

ادا عبدالواحد سومرا يار ڏاڍي پيو ٻُڌائين آئون انهي آجياڻي واري تقريب جو اکين ڏٺو احوال لکي لکي ساڻو ٿي پيو آهيان ۽ تون چوين پيو قابل قبول ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀائو تصويرون به ٿوري دير کان پوءِ لڳايان ٿو۔
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي چونڊيل نئين باڊي جي آجياڻي جون تصويرون

402182_10150556193438216_794048215_9032944_1891271928_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران سنڌي ادبي سنگت جي چونڊيل باڊي لا آجياڻي وارو بينر جنهن ۾ لاکيڻي لطيف جي بيت وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾ پسو پکيئڙن ماڻهئان ميٺ گهڻو واري بيت ۾ پکيئڙن جي جا تي پکيئڙڻ لکڻ واري غلطي وارو بينر شايد هن بينر لکڻ واري آرٽسٽ کان غلطي ٿِي ويئي

399887_10150557358378216_794048215_9037516_267124175_n.jpg

گُذريل رات 22 جنوري 2011 ع بروز آچر تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان کي خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊومحمد خان پاران ڏنل آجياڻي ۾ خدمت سنڌ فائونڊيشن جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽراحمد نوناري، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جو چونڊيل نئون سيڪريٽري نثاراحمدناز، ٽنڊو محمد خان جي مشهور سماجي شخصييت ۽ يونين ڪائونسل 3 ٽنڊومحمدخان جو سابق نائب ناظم ڊاڪٽر گُل مرچو مل (ڊاڪٽر جي ايم گُل)، پروفيسر ريٽائر محمد موسي سٺيو، سنڌي ادبي سنگت جو منظور عادل سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊومحمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو نئون چونڊيل ڪائونسلر پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش حاتم مگسي، ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن جو سينئر ميمبر معظم ٽالپر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته هن آجياڻي ۾ شريڪ ٿيل شهر جون ادبي علمي شخصيتون

395844_10150557042188216_794048215_9036101_1442159289_n.jpg

سنڌ سلامت جي جهوني ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمدناز کي خدمت سنڌ فائونڊيشن جومرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري اجرڪ جو تحفو اوڍائي رهيو آهي

403202_10150557042638216_794048215_9036103_1964975713_n.jpg

ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل نئين ڪائونسلر پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش حاتم مگسي کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي

400142_10150557043753216_794048215_9036107_1485710348_n.jpg

شهر جي سماجي شخصيت محترم ڊاڪٽر گرڌاري مرچو مل گُل( ڊاڪٽر جي ايم گُل ) کي ڊاڪٽر احمد نوناري اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي

394031_10150557063718216_794048215_9036150_58701721_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي جوائينٽ سيڪريٽري (فيميل) محترما امبر شاهه کي پڻ اجرڪ جو تُحفو اوڍايو ويو

401152_10150557043383216_794048215_9036105_1231539288_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي بنا مقابلي چونڊيل نئين آڊيٽر سومار ملهار کي پڻ سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ جو تحفو اوڊايو ويو

393998_10150556192328216_794048215_9032942_507702953_n.jpg


396566_10150556190998216_794048215_9032938_1182047767_n.jpg


404638_10150556215463216_1984782601_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن پاران سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي ڏنل آجياڻي جا ڪجهه منظر​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

سائين محترم تمام خوشي ٿي جو اوهان جي ٽيم پنهنجي ذميواري سان روان دوان ٿي وئي آهي ، اميد ڪريون ٿا ته پنهنجي ذميواري بهتر نموني انجام ڏيندا رهندا ، ۽ گذريل اوڻاگين ۽ ڪميون ڪوتاهين کان سبق پرائي پنهنجي هن ادبي مشن کي اڳتي وڌائيندا رهندا ، اوهان جي تحرير نهايت تفصيلي ۽ جامع هوندي آهي ۔ ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ هن ميڙاڪي ۾ اسين به شامل هئاسين ۔
اوهان جا کنيل اقادمات پڻ قابل تعريف آهن ، تعليم ئي سڌاري جو مک ڪارڻ آهي ،۽ لائبريري جو قيام هن لا راه هموار ڪرڻ جو پڻ هڪ ذريعو آهي ۔ اميد ڪريون ٿا ته اهڙا اپاو وقت سر ڪندا رهندا ، اسان جون نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن ۔
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

سائين محترم تمام خوشي ٿي جو اوهان جي ٽيم پنهنجي ذميواري سان روان دوان ٿي وئي آهي ، اميد ڪريون ٿا ته پنهنجي ذميواري بهتر نموني انجام ڏيندا رهندا ، ۽ گذريل اوڻاگين ۽ ڪميون ڪوتاهين کان سبق پرائي پنهنجي هن ادبي مشن کي اڳتي وڌائيندا رهندا ، اوهان جي تحرير نهايت تفصيلي ۽ جامع هوندي آهي ۔ ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ هن ميڙاڪي ۾ اسين به شامل هئاسين ۔
اوهان جا کنيل اقادمات پڻ قابل تعريف آهن ، تعليم ئي سڌاري جو مک ڪارڻ آهي ،۽ لائبريري جو قيام هن لا راه هموار ڪرڻ جو پڻ هڪ ذريعو آهي ۔ اميد ڪريون ٿا ته اهڙا اپاو وقت سر ڪندا رهندا ، اسان جون نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ آهن ۔

محترم افتخار چوهاڻ جون مهربانيون جو هنن منهنجي هن موڪليل رپورٽ جو مڪمل مشاهدو ڪيو ۽ مُنهنجي انهي خالص ادبي مفصل رپورٽ کي پسند ڪرڻ فرمايو۔ لک لائق ادا
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو


ڪُجهه وڌيڪ تصويرون
405932_10150554717618216_794048215_9027394_1733065995_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن ٽنڊو محمد خان پاران آجياڻي جي سلسلي ۾ دعوت نامون
408798_10150557212463216_794048215_9036829_1058618602_n.jpg

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لا تصويري ڪوريج ڪرڻ وارو منهنجو ڀاڻيجو رحمان مصطفى سمون۔

395286_10150557213283216_794048215_9036832_462172135_n.jpg


399572_10150556214928216_794048215_9032992_1820002033_n.jpg


402365_10150556215908216_794048215_9032995_2010667222_n.jpg


408150_10150556232818216_794048215_9033078_932486643_n.jpg


407233_10150557066583216_794048215_9036155_1138286400_n.jpg


396260_10150557215803216_794048215_9036840_1595657029_n.jpg


394433_10150556222583216_794048215_9033011_165581057_n.jpg


402428_10150556223808216_794048215_9033016_38871202_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي نئين باڊيءَ کي ڏنل آجياڻي جا ڪجهه وڌيڪ تصويري منظر

 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

سائين نثار ناز سلام

سڀ کان پهرين ته اوهان ۽ اليڪشڻ ۾ ڪامياب ٿيل ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان جي دوستن کي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔ اوهان جهڙا ادب دوست جتي به هوندا ته اتي اهڙيون محفلون مچنديون رهنديون۔ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي دوستن کي به جس هجي جن ادبي سنگت جي کٽي آيل باڊِ کي آجياڻو ڏئي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏنو۔
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

سائين نثار ناز سلام

سڀ کان پهرين ته اوهان ۽ اليڪشڻ ۾ ڪامياب ٿيل ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان جي دوستن کي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔ اوهان جهڙا ادب دوست جتي به هوندا ته اتي اهڙيون محفلون مچنديون رهنديون۔ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي دوستن کي به جس هجي جن ادبي سنگت جي کٽي آيل باڊِي کي آجياڻو ڏئي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏنو۔

محترم محمد سليمان وساڻ وعليڪم السلام
ادا خير مُبارڪون، لک لائق تنهنجا جو منهنجي موڪليل هن تفصيلي ونڊ تي توهان پنهنجا ويچار ونڊي اسان کي مُبارڪون ڏنيون انهي سلسليءَ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن وارا توهان جا دلي ٿورائتا آهن ۔ادا سليمان سنگت جي سيڪريٽري چونڊجڻ کان پوءِ ڪافي ذميواريون وڌي ويون آهن دعا ڪريو ته جيڪو سنگت جي دوستن مون تي اعتماد ڪيو آهي انهن جي اعتماد تي پورو لهي سگهان۔
هن آجياڻي جي تقريب جو ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان کي ارپي ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊيان ٿو

405373_10150557039763216_794048215_9036095_530625541_n.jpg

ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي نئين چونڊيل ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ان موقعي تي پنهنجي ويچار ونڊي رهي آهي

407984_10150557203173216_794048215_9036814_872960064_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري پنهنجي پاران ڏنل آجياڻي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي

393792_10150557201998216_794048215_9036811_196917785_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي نئين چونڊيل جوائينٽ سيڪريٽري (فيميل) محترما امبر شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي

398760_10150557212198216_794048215_9036828_67721591_n.jpg

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران تصويرن جي ڪوريج ڪندڙ رحمان مصطفى سمون چند لفظ سنڌ سلامت جي تعارف جي باري ۾ ڳالهايا

395959_10150557064228216_794048215_9036151_1093830494_n.jpg

ڊاڪٽر جي ايم گل ، سنڌي ادب جي باري ۾ مفصل ليڪچر ڏيئي رهيو آهي۔

404199_10150557038698216_794048215_9036092_798433048_n.jpg


394027_10150556193668216_794048215_9032945_578969794_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ڀلا ڀائي ڪيا بات هي ڪم کي کڻيو بيٺو آهي

406389_10150556204938216_794048215_9032967_680748975_n.jpg

هن آجياڻي تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندڙ معظم ٽالپر

404198_10150557067903216_794048215_9036158_851118941_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو نئون چونڊيل سيڪريٽري جهونو سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز خدمت سنڌ فائونڊيشن وارا جا ٿورا مڃي رهيو آهي۔

400462_10150557214788216_794048215_9036838_1461296402_n.jpg

خدمت سنڌ فائونڊيشن جا ٻه محنتي ورڪر مختيار مگسي ۽ پَوَنِ ڪُمار سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سيڪريٽري جهوني نثاراحمد ناز سان تصوير ڪڍائيندي تمام خوشي محسوس ڪري رهيا آهن​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل باڊي کي آجياڻو

اديبن ۽ شاعرن جي شهر ”ٽنڊو محمد خان“ جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جنرل سيڪريٽري جي اهم ترين ذميواري جي لاءِ چونڊجڻ تي سائين نثار احمد ناز کي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته سائين سٺي ۽ سهڻي نموني ان ذميواري کي نڀائيندي، روايتن کان هٽي ڪري سنڌي ادب جي لاءِ نوان قدم کڻندو ۽ سائين جن کان اها به اميد ڪجي ٿي ته سنڌي شاعرن ۽ اديبن کي قلمي توڙي ادبي اصلاح ۽ علمي ويڙهه جا اصول سيکاريا وڃن ته جيئن سنڌ جو نئون نسل ڪجهه روشن سنڌ ڏسي سگهي۔۔۔
 
Back
Top