رات کان طبيعت ڪجهه بي قرار هئي۔ رات جو اٿيس ته مينهن پئي پيو۔ ڪراچي جون راتيون جيڪي مصنوعي روشنين سان سينگاريل هونديون آهن اهڙي ئي ماحول ۾ ڪالهه رات دير سان سجاڳي ٿي. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿي رهي هئي ۽ مان گهر جو دروازو کولي ٻاهر گهٽي ۾ نڪري پيس. خاموش گهٽيء ۾ هلندي مونکي ڳوٺ جون اهي حسين راتيون ياد پئي آيون، اهي راتيون جن ۾ چنڊ پنهنجي چانڊوڪيء ذريعي يخ ٿڌين راتين کي روشن بڻائي ڇڏيندو آهي، مان هلندي مينهن جي ڪڻين ۾ ڀڳل مٽيء جي خوشبو محسوس ڪري رهيو هوس.
سامهون ايندڙ چوڪيدار جي سلام منهنجي خيالن جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن سان گڏ مان بيهر پنهنجي گهر طرف روانو ٿي ويس.
صبح سان اٿي تيار ٿي آفيس لاء نڪتس۔ ساڳي موسم هئي ۽ فيسبوڪ تي به ڪجهه عشقيه ماحول ۽ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ هلي رهي هئي۔ اهڙي ماحول ۾ اسان جي دوست رضوان گُل شاعري ڇا پيش ڪئي ڄڻ ماحول ۾ وڌيڪ سرگرمي اچي وئي۔ سندس شاعري پيش آهي۔

غزل
اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.
هو مرڪي پئِي، ٿو صفا ايئن لڳي،
ته معصوم آهي گھڻي ڇوڪري.
اسان جون وفائون نه ٺُڪراءِ تون،
اٿئي ڪوئي سائين ڌڻي ڇوڪري.
سڄو ڄامشورو ويو واسجي،
گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.
سڀئي ڇوڪريون مينهن جان رحمتون،
تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري.
سنورجي ٿو جيون سمورو وڃي،
ملي ٿي جڏهن پدمڻي ڇوڪري.