اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]رات کان طبيعت ڪجهه بي قرار هئي۔ رات جو اٿيس ته مينهن پئي پيو۔ ڪراچي جون راتيون جيڪي مصنوعي روشنين سان سينگاريل هونديون آهن اهڙي ئي ماحول ۾ ڪالهه رات دير سان سجاڳي ٿي. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿي رهي هئي ۽ مان گهر جو دروازو کولي ٻاهر گهٽي ۾ نڪري پيس. خاموش گهٽيء ۾ هلندي مونکي ڳوٺ جون اهي حسين راتيون ياد پئي آيون، اهي راتيون جن ۾ چنڊ پنهنجي چانڊوڪيء ذريعي يخ ٿڌين راتين کي روشن بڻائي ڇڏيندو آهي، مان هلندي مينهن جي ڪڻين ۾ ڀڳل مٽيء جي خوشبو محسوس ڪري رهيو هوس.

    سامهون ايندڙ چوڪيدار جي سلام منهنجي خيالن جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هن سان گڏ مان بيهر پنهنجي گهر طرف روانو ٿي ويس.

    صبح سان اٿي تيار ٿي آفيس لاء نڪتس۔ ساڳي موسم هئي ۽ فيسبوڪ تي به ڪجهه عشقيه ماحول ۽ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ هلي رهي هئي۔ اهڙي ماحول ۾ اسان جي دوست رضوان گُل شاعري ڇا پيش ڪئي ڄڻ ماحول ۾ وڌيڪ سرگرمي اچي وئي۔ سندس شاعري پيش آهي۔
    [/JUSTIFY]


    غزل

    اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
    جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.

    هو مرڪي پئِي، ٿو صفا ايئن لڳي،
    ته معصوم آهي گھڻي ڇوڪري.

    اسان جون وفائون نه ٺُڪراءِ تون،
    اٿئي ڪوئي سائين ڌڻي ڇوڪري.

    سڄو ڄامشورو ويو واسجي،
    گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.

    سڀئي ڇوڪريون مينهن جان رحمتون،
    تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري.

    سنورجي ٿو جيون سمورو وڃي،
    ملي ٿي جڏهن پدمڻي ڇوڪري.

    [​IMG]

     
  2. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    سائين رضوان گل صاحب جو تمام سهڻو غزل


    سڀئي ڇوڪريون مينهن جان رحمتون،
    تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري.

    سنورجي ٿو جيون سمورو وڃي،
    ملي ٿي جڏهن پدمڻي ڇوڪري.
    خوبصورت خيال ، ۽ سائين سليمان وساڻ جي خوبصورت ڊزائين واه واه
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ادا تمام بهتري لاجواب ونڊ آهي ۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    رضوان گل تمام بھترين شاعري آھي۔۔۔۔۔۔۔۔لاڙڪاڻي جو گُل شاعر رضوان گل۔
    رضوان جن جي غزل جي تمام بھترين ۽ سھڻي ڊزائين ڪئي آھي اوھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مھرباني
     
  5. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    پيارا محمد سليمان !
    اوهان جون مٿيون سٽون پڙهي سچ ته دل کي آٿت ملي ته هاڻي اوهان جي اندر جو ليکڪ پنهنجي پوري جوت سان نشانبر ٿي اڀرڻ لڳو آهي ۔۔ اهو اوهانجي ادب دوستي جو ئي نتيجو آهي ۔۔ واه واه تمام سهڻو ۽ عام فهم انداز
    باقي مان پنهنجي غزل جي سهڻي ڊزائن ٺاهي دوستن سان ونڊڻ لا اوهان جا ٿورا نه مڃيندس ۔۔ ڇالا ته پاڻ ڀائر آهيون ۽ ڀائرن جا هڪ ٻي تي ٿورا ناهن هوندا ۔۔ حجتون هونديون آهن ۔۔ اوهان جي ان قدرداني تي اوهان کي سلام ضرور پيش ڪيان ٿو۔۔

     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ڀاءُ سليمان صاحب تمام بهترين ڪم ٿيل آهي، محترم سائين رضوان گل صاحب جون تمام خوبصورت سٽون مٿان وري اوهان جي بهترين ڊزائين ، ڇا ڳالهه ڪجي، ۽ ڊزائين ۾ لڳايل تصوير به تمام خوبصورت آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪيان اها گهٽ آهي،
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    مهربانيون حوصلا افزائيء جون

    ادا رضوان جي شاعري لاجواب ۽ سندس اهڙي شاعريء کي رنگ ڏيڻ تي دل چاهيو۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ادا گلال

    حوصلا افزائي ڪرڻ جي مهرباني
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    قرب ڀاء عاشق سولنگي

    رضوان گُل واقعي ئي لاڙڪاڻي جو گُل آهي۔ سدائين متحرڪ ۽ سرگرم رهندڙ دوست، سندس خوبصورت احساس لفظن جي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آهن۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    لک ٿورا ڀاء رضوان گُل

    سچ ته اوهان جو غزل گهڻو وڻيو هو. تنهنڪري مان سهڻي تصوير لڳائي ان کي ٻيهر ڊزائن ڪيو. اوهان کي داد ڏجي ٿو. اميد ته اوهان جي شاعريء جو ڪتاب جلد پڙهڻ لاء ملندو ۽ هي شاعري ان ڪتاب جي زينت بڻبي۔

    اسان به اهي ٽٽل لفظ لکڻ اوهان دوستن کان ئي سکيا آهن۔ اميد ته اوهان جهڙن دوستن جي رهنمائي سدائين رهندي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    اها منهنجي خوشقسمتي آهي جو گهڻي عرصي کانپوء اسان جي پياري دوست ممتاز وگهيو پڻ پنهنجي راء ڏني آهي۔ اوهان جا اڄوڪا ڪمينٽس پڙهي مونکي گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ حوصلو مليو آهي۔

    اميد ته اوهان پنهنجي قيمت وقت مان ڪجهه گهڙيون سنڌ سلامت ۽ اسان دوستن لاء وقف ڪندا۔ اوهان جي مثبت جواب جو انتظار رهندو۔
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ادا انشالله ڪوشش ڪبي ته وري ٽٽل سلسلو جاري رکي سگهان، اوهان جو حڪم اکين تي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ادا ممتاز اوهان اسان جا ڀائرن جهڙا دوست آهيو۔ تنهنڪري اوهان سان ڪڏهن ڪڏهن حجت به ڪندا آهيون پر اوهان کي ڪڏهن به حڪم ڪونه ڪبو۔ اسان جو اهو عرض آهي ته سنڌ سلامت تي اوهان پنهنجي ٽٽل سلسلي کي جوڙي ٻولي ۽ قوم جي خدمت لاء پنهنجي ڪاوشن کي برقرار رکو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  14. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
    جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.

    اها ڇوڪري گهنن کي وني هوندي۔ ڪمال جي تصوير آهي ڊزائن ۾۔

    ٻنهي کي سلام، رضوان گل ۽ اوهان کي
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ٿورا اسان جي محنت کي پسند ڪرڻ جا

    باقي سهڻيون ڇوڪريون ڪنهن کي نه وڻنديون آهن؟ مونکي امر جليل جا اهي لفظ ٿا ياد اچن جنهن ۾ هو ڇوڪرين بابت ڪجهه هيئن ٿو چوي۔

    [​IMG]
     
  16. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    ڇا لکان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پوڙها ٿي ويا آهيون، اهي ڇوڪريون هاڻي اوهان جي حصي ۾ آيون۔ اسان لاء ڪنهن پوڙهيء جي تصوير لڳاء ته دل خوش ٿئي ۔۔۔۔۔۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري، جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هل چري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي چاچا ڪريم کي ڪير سمجهائي ته مٿي ڳالهه پئي هلي ڇوڪريء جي ۽ مان تصوير ڏيان ڪنهن پوڙهيء جي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو