فهد حسين ميمڻ
سينيئر رڪن
ساٿيو،
صوتيات يا آواز ٻوليءَ جي لهرن جا ايڪا آهن۔
هر ٻوليءَ ۾ پنهنجا پنهنجا آواز آهن۔
شروعاتي لکڻيون شين جي تصويرن ۽ تصورن سميت احساسن ۽ آوازن جون تصويري صورتون به هيون۔
جيئن ته آوازن ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري به ٻولين جي ارتقا يا ايووليوشن ٿيندي آهي۔
يونيڪوڊ پاران جاري ڪيل چارٽ ۾ لڳ ڀڳ 62000 اکرن جون تصويري صورتون ڏنل آهن۔
آءِ پي اي يا انٽرنيشنل فونيٽڪ الفابيٽ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته هن وقت به عالمي انساني ٻولين جي آوازن جو تعداد لکت ۾ اچڻ جوڳو آهي، ۽ هڪ عالمي لپي لکڻي جيڪا سڀني ٻولين جي آوازن کي پاڻ ۾ سانڍي، سگهي پڻ آءِ پي اي جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن ۾ تقريباً هن دنيا جي انسانن جي سمورن آوازن کي ”لڳ ڀڳ“ رائج معياري آوازن ۾ پڙهي سگهجي ٿو،
پر ڪو اهڙو فونٽ يا ٽيڪنڪ جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي آواز کي پنهنجي لپيءَ ۾ پڙهي سگهڻ جي سهولت ڏئي سا اڃا تائين ڪونه ٺهي سگهي آهي۔
مثال طور تي اسان جو ڪو ساٿي هندستان لڏي ويو آهي هاڻي هو ديوناگريءَ ۾ اسان کي خط لکي ٿو ته اسان پڙهي نه سگهندا سين، ٻولي ڀلي ساڳئي سنڌي آهي پر لپي يا لکڻي مختلف هجڻ جي ڪري اهو مسئلو ٿيو ته خط آسانيءَ سان پڙهڻ جوڳو نه رهيو۔
ساڳيو مسئلو هندي ۽ اردو سان آهي۔
منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ هڪ تريڪيب سمائي آهي، اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔ جيڪڏهن عمل جوڳي هجي ته بسم الله، ڪي ساٿي منهنجو هٿ ونڊائين۔
ڇا اسان هڪ ”صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ“ ٺاهي سگهون ٿا۔
هڪ اهڙو فانٽ جنهن جي هر آواز جو ڪوڊ ڌار هجي، پر هر مختلف ٻوليءَ ۾ ان ڪوڊ کي پڙهي سگهجي، مطلب ان جو مٿيون لي آئوٽ يا تصوير مختلف هجي،
مثال طور اسان آواز ”بي“ جي لا سنڌي ۾ اکر ”ب“ ۽ ان جو بنيادي ڪوڊ 1FF80 رکيو آهي، ۽ اسان فونٽ کي سنڌي ۾ محفوظ ڪيو، هاڻي اسان ساڳئي بنيادي ڪوڊ 1FF80 تي انگريزي اکر ”بِي“ رکي ان کي انگريزي فونٽ طور محفوظ ڪيو سين۔
هاڻي ڇا ٿيندو ته ساڳيو مواد انگريزي ۾ به پڙهي سگهبو، ۽ سنڌي ۾ به، ته وري هندي، ديوناگري، چائنيز، فرينچ، رشين، جرمن فانٽ ٺاهڻ سان اسان انهن جا آواز به اسان پڙهي سگهندا سين، ته هي ڪهڙو آواز لکيل آهي يا اسان جا آواز هو پڙهي سگهندا ته هي ڪهڙو آواز لکيل آهي۔
مون کي هي فونٽ اڪيلي سر ٺاهڻ ۾ ڪي ٽيڪنيڪل ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، مان يونيڪوڊ جي ”مستقبل لا رکيل گهڻ ٻوليائي پلان“ جا ڪوڊ استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ڇا اوهان مان ڪير منهنجي مدد ڪري سگهي ٿو ته اهڙو فانٽ نئين سري سان ڪيئن ڊزائين ڪري سگهجي ٿو۔
اهڙو فونٽ جيڪڏهن عالمي بڻجي پوي ٿو ته سڀ کان وڏو فائدو ته اسان ٻولين جي ارتقا ۽ بڻ بنياد جي آڌار تي دنيا جي ٻين آبادين سان لاڳاپي ۾ اچي ويندا سين۔
ٻيو هندي اردو، سنڌي ديوناگري، يا ٻيا اهڙا رومن ٽرانسلٽريٽر انسٽال ڪرڻ بجا صرف چند ٻولين جا فانٽ انسٽال ڪرڻ سان اسان اها معلومات پڙهي ۽ اچاري سگهندا سين۔
وائيس ريڪگنيشن ۾ صرف آ پي اي جي ڪوڊنگ رکڻ سان اسان سموري دنيا جي ٻولين کي ڪمپيوٽر کان انساني مدد لا ڳالهرائي سگهندا سين۔
ٽرانسلٽريشن جو هڪ وڏو مسئلو حل ٿي سگهندو۔
مان اوهان جي جوابن جو منتظر رهندس۔
نيڪ تنمائن سان
اوهان جو پنهنجو فهد حسين ميمڻ
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي