صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ فهد حسين ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2012۔

  1. فهد حسين ميمڻ

    فهد حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ساٿيو،
    صوتيات يا آواز ٻوليءَ جي لهرن جا ايڪا آهن۔
    هر ٻوليءَ ۾ پنهنجا پنهنجا آواز آهن۔
    شروعاتي لکڻيون شين جي تصويرن ۽ تصورن سميت احساسن ۽ آوازن جون تصويري صورتون به هيون۔
    جيئن ته آوازن ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري به ٻولين جي ارتقا يا ايووليوشن ٿيندي آهي۔
    يونيڪوڊ پاران جاري ڪيل چارٽ ۾ لڳ ڀڳ 62000 اکرن جون تصويري صورتون ڏنل آهن۔
    آءِ پي اي يا انٽرنيشنل فونيٽڪ الفابيٽ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته هن وقت به عالمي انساني ٻولين جي آوازن جو تعداد لکت ۾ اچڻ جوڳو آهي، ۽ هڪ عالمي لپي لکڻي جيڪا سڀني ٻولين جي آوازن کي پاڻ ۾ سانڍي، سگهي پڻ آءِ پي اي جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن ۾ تقريباً هن دنيا جي انسانن جي سمورن آوازن کي ”لڳ ڀڳ“ رائج معياري آوازن ۾ پڙهي سگهجي ٿو،
    پر ڪو اهڙو فونٽ يا ٽيڪنڪ جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي آواز کي پنهنجي لپيءَ ۾ پڙهي سگهڻ جي سهولت ڏئي سا اڃا تائين ڪونه ٺهي سگهي آهي۔
    مثال طور تي اسان جو ڪو ساٿي هندستان لڏي ويو آهي هاڻي هو ديوناگريءَ ۾ اسان کي خط لکي ٿو ته اسان پڙهي نه سگهندا سين، ٻولي ڀلي ساڳئي سنڌي آهي پر لپي يا لکڻي مختلف هجڻ جي ڪري اهو مسئلو ٿيو ته خط آسانيءَ سان پڙهڻ جوڳو نه رهيو۔
    ساڳيو مسئلو هندي ۽ اردو سان آهي۔
    منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ هڪ تريڪيب سمائي آهي، اوهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان۔ جيڪڏهن عمل جوڳي هجي ته بسم الله، ڪي ساٿي منهنجو هٿ ونڊائين۔
    ڇا اسان هڪ ”صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ“ ٺاهي سگهون ٿا۔
    هڪ اهڙو فانٽ جنهن جي هر آواز جو ڪوڊ ڌار هجي، پر هر مختلف ٻوليءَ ۾ ان ڪوڊ کي پڙهي سگهجي، مطلب ان جو مٿيون لي آئوٽ يا تصوير مختلف هجي،
    مثال طور اسان آواز ”بي“ جي لا سنڌي ۾ اکر ”ب“ ۽ ان جو بنيادي ڪوڊ 1FF80 رکيو آهي، ۽ اسان فونٽ کي سنڌي ۾ محفوظ ڪيو، هاڻي اسان ساڳئي بنيادي ڪوڊ 1FF80 تي انگريزي اکر ”بِي“ رکي ان کي انگريزي فونٽ طور محفوظ ڪيو سين۔
    هاڻي ڇا ٿيندو ته ساڳيو مواد انگريزي ۾ به پڙهي سگهبو، ۽ سنڌي ۾ به، ته وري هندي، ديوناگري، چائنيز، فرينچ، رشين، جرمن فانٽ ٺاهڻ سان اسان انهن جا آواز به اسان پڙهي سگهندا سين، ته هي ڪهڙو آواز لکيل آهي يا اسان جا آواز هو پڙهي سگهندا ته هي ڪهڙو آواز لکيل آهي۔
    مون کي هي فونٽ اڪيلي سر ٺاهڻ ۾ ڪي ٽيڪنيڪل ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، مان يونيڪوڊ جي ”مستقبل لا رکيل گهڻ ٻوليائي پلان“ جا ڪوڊ استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ڇا اوهان مان ڪير منهنجي مدد ڪري سگهي ٿو ته اهڙو فانٽ نئين سري سان ڪيئن ڊزائين ڪري سگهجي ٿو۔
    اهڙو فونٽ جيڪڏهن عالمي بڻجي پوي ٿو ته سڀ کان وڏو فائدو ته اسان ٻولين جي ارتقا ۽ بڻ بنياد جي آڌار تي دنيا جي ٻين آبادين سان لاڳاپي ۾ اچي ويندا سين۔
    ٻيو هندي اردو، سنڌي ديوناگري، يا ٻيا اهڙا رومن ٽرانسلٽريٽر انسٽال ڪرڻ بجا صرف چند ٻولين جا فانٽ انسٽال ڪرڻ سان اسان اها معلومات پڙهي ۽ اچاري سگهندا سين۔
    وائيس ريڪگنيشن ۾ صرف آ پي اي جي ڪوڊنگ رکڻ سان اسان سموري دنيا جي ٻولين کي ڪمپيوٽر کان انساني مدد لا ڳالهرائي سگهندا سين۔
    ٽرانسلٽريشن جو هڪ وڏو مسئلو حل ٿي سگهندو۔


    مان اوهان جي جوابن جو منتظر رهندس۔
    نيڪ تنمائن سان
    اوهان جو پنهنجو فهد حسين ميمڻ
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    محترم دوست فهد ميمڻ صاحب مهربانيون

    اوهان هڪ اهم اشو کي اٿاري ان طرف ڌيان ڏيڻ لاء سٺو موضوع آندو آهي۔ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اهو سڀ ممڪن آهي ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته ڇا اهو تجربو پهريان ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ٿئي پيو يا نه۔ ان معاملي ۾ اسان جي ٽيڪنيڪل دوستن محترم ماجد ڀرڳڙي صاحب، احمد سومرو، اياز شاهه ۽ ٻين دوستن کان راء وٺڻي پوندي۔ اهو به ڏسڻو آهي ته هن پراجيڪٽ لاء ڪهڙا ريسورسز کپن ۽ ان جي فنڊنگ ڪيئن قابل عمل بڻبي۔

    اوهان جي هن خوبصورت راء جو احترام ڪندي سڀني دوستن کي پنهنجي راء ڏيڻ سان گڏ رهنمائي جي درخواست ڪجي ٿي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    دوست فهد ميمڻ جي مهرباني جو هڪ مشڪل پروجيڪٽ کي پنهنجي قابليت استعمال ڪندي آسان لفظن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔ يقينن پاڻ ان پروجيڪٽ جي چئني پاسن کان سوچيو ويٺا هوندا۔۔
    منهنجي انگريزي جي استاد هڪ دفعو چيو هو ته انگريزي جو ڪوبه گرامر ڪونهي ۔۔ جيڪڏهن ڪوشش ڪري ڪو گرامر جو قانون جوڙجي ته هڪ هنڌ اپلائي ڪرڻ کان پوءِ ٻئي هنڌ ان کي اپلائي ڪرڻ جو تصور به محال آهي۔۔ ساڳي صورت لفظي تلفظ کان وٺي اسپيلنگ تائين آهي۔۔ پوءِ ان پروجيڪٽ کي ڪهڙي طرح ممڪن بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
    ان باوجود به آ ذاتي طور ادا فهد جي پروجيڪٽ جو قدر ڪريان ٿو۔۔ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ سندس ڪيل ڪم ۽ رومن کان سنڌي ۽ سنڌي کان رومن ڪنورٽر جي اڻپوري پروجيڪٽ تي ساڻس گفتگو ڪرڻ کان پوءِ سندس تي اعتماد ڪريان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه جيڪو مٿي ادا ٻڌايو آهي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
    ان سلسلي ۾ فونٽس جوڙيندڙ قابل دوستن جهڙوڪ ۔۔ ادا صارم منڱريو، شبير ڪنڀر، ابو واصف ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي سميت اهم دوستن سان پڻ صلاح مشورو ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
    ان سان گڏو گڏ آ پنهنجي ۽ سنڌ سلامت جي ساٿ طرفان سندس طرفان کنيل قدم ۾ هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جي لاءِ بلڪل راضي آهيان ۔۔ ۽ ان سلسلي ۾ ساڻن جلدي ئي فون ڪري رابطو ڪري پڻ صورتحال سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس۔۔۔

    ڄاڻو دوستن کي پڻ هن پروجيڪٽ ۾ حصو اٽڪائڻ جي درخواست ڪجي ٿي۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ادا فهد جا خيال ته تمام پيارا آهن ليڪن ان پراجيڪٽ ته ڪم ڪيئن شروع ٿيندو ان متعلق سائين عبدالرشيد جن وڌيڪ سمجهي سگهن ٿا يا ڪي ٻيا دوست جيڪي ان فيلڊ ۾ مهارت رکن ٿا ۔ پاڻ کي ته ان فيلڊ ۾ ايتري مهارت نه آهي ۔
     
  5. فهد حسين ميمڻ

    فهد حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ساٿيو اوهان جي مهرباني، ا اوهان سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان،
    مان هن سلسلي ۾ موضوع جي لسانياتي حوالي سان ته ڄاڻ رکان ٿو، ڪمپيوٽر پروگرامر هجڻ جي ناتي سان اهو پڻ ڄاڻان ٿو ته اهو ممڪن آهي،
    ادا رشيد سمي جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي هر پل هر شي مستقل نموني سان تبديلي جي وهڪري ۾ هجي اتي ڪو اسٽيٽڪ ۽ محدود فانٽ ماڻهن جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهندو، ان لا اوپن سورس ٽرم بهتر رهندو، هن فونٽ کي اوپن سورس تي رکي سگهجي ٿو، ڪجهه بنيادي آواز ڏئي ڇڏجن، باقي آواز استعمال ڪندڙ پنهنجي ضرورت موجب داخل ڪري سگهن ٿا۔
    باقي هڪ ٻولي جو آواز ڪنهن ٻي ٻولي ۾ موجود نه آهي ۽ نه ئي ان جو اکر يا لکت جي صورت ته ٻي ٻولي ۾ ان جي آواز جي گنجائش باقي رکبي ۽ اکر يا لکت جي صورت ڳالهائيندڙ پاڻ طئي ڪري رکي ڇڏيندو،
    مثال طور تي اردو زبان ۾ ”ڏ“ جو آواز ڪونهي ڪو ته اردو لي آئوٽ واري فونٽ ۾ ”ڏ“ جي جڳهه عارضي طور تي خالي رکبي، ته جيئن اردو ڳالهائيندڙ ان آواز جي لکت جي صورت ايجاد ڪري اتي رکن، پو هو به ”ڏم“ ۽ ڏاڙهون جهڙا لفظ پڙهي سگهندا۔
    هن وقت انسانن وٽ استعمال ٿيندڙ اڪثر آوازن جي اهڙي لسٽ آ پي اي وٽ موجود آهي، ۽ ان جون رڪارڊنگز پڻ،
    يونيڪوڊ وٽ مستقبل لا رکيل ڪوڊ ”گهڻ ٻوليائي پلان“ لا پڻ موجود آهن۔

    مون سان مسئلو صرف هي آهي ته آ فونٽ ڊولپر ٽول ۾ سنڌي ٻولي لا فانٽ ٺاهڻ وقت اکر جي اڪيلي، پهرين، وچين ۽ آخري صورت جي ٽيڪنڪ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهيان، ٻين سنڌي فونٽن تان اها ٽيڪنڪ نقل ڪرڻ باوجود ان ۾ ناڪامي ٿي رهي آهي۔

    جيڪڏهن اوهان مان ڪو دوست هڪ مڪمل نئين فونٽ تي يونيڪوڊ جي هنن ڪوڊز http://unicode.org/charts/PDF/U1FF80.pdf تي اهڙي ٽيڪنڪ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ته اسان جي اربڪ اسڪرپٽ فانٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو۔

    مان هي مسئلو ماجد ڀرڳڙي کي ان جي ايڊريس majidbhurgri@yahoo.com تي پڻ لکيو آهي پر اتان جواب نه مليو آهي، شايد ماجد صاحب اها اي ميل استعمال نه ڪندو هجي، جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ سندس نئين اي ميل هجي ته مهرباني ڪري مون سان ونڊ ڪري۔

    جيڪڏهن ماجد صاحب پاڻ هي سٽون پڙهي رهيا آهن ته پنهنجي قيمتي راين کان آگاهه ڪن۔

    آ جناب عزيز مڱريو ۽ جناب شبير ڪنڀار کي پڻ عرض رکندس ته هن سلسلي ۾ منهنجي واهر ڪن۔

    نيڪ تمنائن سان
    فهد حسين ميمڻ
     
  6. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ادا فهد اوهان دوستن کي شاباس هجي جو ٻولي لاء اهڙو سٺو سوچي رهيا آهيو

    مونکي ته هن مسئلي گهني ڄاڻ ناهي پر هي ڪم ڏکيو ضرور آهي پر نا ممڪن ناهي۔ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي۔
     
  7. لطيف ساگر شيخ

    لطيف ساگر شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    اسلام عليڪم ادا فھد،
    توھانکي پراجيڪٽ جي لاءِ جھڙي فونٽ گھرجي، اُھا ٺاھڻ ڏکي ڪونھي. توھان منھنجيون Open Source فونٽس ھتان ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا:
    http://sourceforge.net/projects/paktype/
    ھتان توھانکي جيڪا zip فائل ملندي ان ۾ VOLT جون پراجيڪٽ فائلز پڻ ملنديون. جن ۾ توھان عربي رسم‌الخط جي اکرن جي اڪيلي، شروعاتي، وچين ۽ آخري شڪلين کي تبديل ڪرڻ جو طريقو ڏسي سگھو ٿا.
    اصل مرحلو اهيو آھي ته توھان ھر رسم‌الخط جي اکرن جي آوازن کي IPA سان Map ڪريو ته پوءِ هيءَ فونٽ آرام سان ٺھي سگھي ٿي.
    منھنجي صلاح ۾ Unicode جي Reserved Block کي استعمال ڪرڻ بدران توھان ھر رسم‌الخط جي اکر جو درست Unicode value به باآساني ڪتب آڻي سگھو ٿا.

    الله حافظ
    لطيف
     
  8. فهد حسين ميمڻ

    فهد حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ادا لطيف ساگر اوهان جي مهرباني
    اوهان جي مهرباني جو اوهان مونکي پنهنجي نظرئي کان آگاهه ڪيو،
    ادا هن فونٽ جو بيس ڪوڊ ڪا نئين ڪوڊ سيريز هجڻ گهرجي، ته جيئن هر آواز جو پنهنجو ڪوڊ هجي ڇوته اهي آواز مختلف ٻولين جا ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري سيريز ۾ بهتر لڳندا، جيڪڏهن اڳ ۾ ٺهيل ڪنهن به ٻولي جو ڪوڊ کڻبو ته ساڳيو آواز ٻي ٻولي ۾ موجود هوندو ته اهڙو مسئلو گهٽ معيار تي هوندو، سڀاڻي ڪو برائوزر يا آپريٽنگ سسٽم متان اهڙي ڪوڊ کي صرف ڪنهن هڪ ٻولي جو ڪوڊ سمجهي،
    ان ڪري ڪوڊ منهنجي نظر ۾ ڪا نئين سيريز هجي، اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مونکي مدد لا آڇ ڪئي۔

    ادا منهنجو بنيادي مسئلو فانٽ جون پوزيشنز نئين سري کان رکڻ آهن، نئين ڪوڊ تي ساڳيون پوزيشنز، اهي پوزيشنون مون کان نئين ڪوڊ تي سيٽ نه ٿيون ٿين ته ان ۾ ڪهڙي ٽيڪنڪ استعمال ٿيندي آهي، مان فونٽ ليب يا ٻيا معياري فونٽ ٽول استعمال ڪري ڪوشش ڪئي انهن ۾ ڪلاسز جو سسٽم آهي، فونٽ فورگ ۾ سب سٽيوئيشنز جي جو سسٽم آهي، پر مان اهڙيون ٽيڪنڪس نئين فونٽ لا تخليق يا استعمال ۾ آڻڻ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيس، اوهان مهرباني ڪري هن مشڪل گهڙي ۾ منهنجو ساٿ ڏيو۔
    اوهان جا موڪليل فانٽ مون ڏٺا انهن جا پي ڊي ايف پڻ پڙهيا، پر اهڙيون ٽيڪنڪس پريڪٽيڪلي فانٽ ڪريئيشن پروگرام ۾ پريڪٽيڪلي ڪيئن عمل ۾ آڻجن ان سلسلي ۾ اوهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي۔


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    اوهان جو پنهنجو
    فهد حسين ميمڻ
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ادا فهد ڌڻي در دعا آهي ته اوهان کي هي زبردست پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ جي توفيق ڏئي، آمين...
     
  10. شبير ڪنڀار

    شبير ڪنڀار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽنگ
    ماڳ:
    سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري (هالا شهر)
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    ڀاءُ فهد ميمڻ صاحب!
    تمام اهم ۽ وڏي ڪم جي رٿا آهي اوهانجي، جنهن مان ڪافي اميدون اٿم، رب پاڪ ڪامياب ڪندوَ.
    اوهان اهڙو فونٽ جوڙڻ ٿا گھرو جيڪو اکرن بجاءِ آوازن جي بڻياد تي مبني هجي، جنهن لاءِ يونيڪوڊ وانگر هڙئي آواز سهيڙڻا پوندا جنکي فونٽ ۾ استعمالي سگهجي ته جيئن ساڳيوفونٽ آواز جي بنياد تي ڪم ڪري سگهي، جنهن لاءِ ڪا اهڙي فني جوڙجڪ ٺاهڻي پوندي جيڪا ٻوليءَ جي نشاندهي ڪري ۽ ڪمپيوٽراستعمال ڪندڙ جي ڏسيل ٻولي ان فونٽ ۾ ڏيکارڻ جي قابل ٿي پوي، پر انهن سڀني رخن کي اوهان ضرور نظر ۾ رکي ڪم جي شروعات ڪئي هوندي.
    سنڌي ٻوليءَ جو ڪي بورڊ پڻ آوازن جي بنياد تي انگريزي جي ڪي بورڊ کي نظر ۾ رکي جوڙيو ويو آهي، اهوئي سبب آهي ته ان جي استعماليندڙ کي ڏکيائي نٿي ٿئي ۽ کيس صرف پنهنجي ٻوليءَ جا اهي اکر ياد ڪرڻا ٿا پون جيڪي انگريزيءَ ۾ ناهن.
    ان سلسلي ۾ گھرجيوَ ته مائڪرو سافٽ وولٽ پروگرام ۾ ڪم ڪريو، جو ان ۾ نئين سر فونٽ جوڙڻ جون هڙئي سهوليتون موجود آهن.
    رواجي طور ته اسانکي فونٽ جي ڪا نئين ٽيبل جوڙڻ جي ضرورت نٿي پوي جو اڳ جوڙيل فونٽ کي کڻي ميساري انهي ساڳي ٽيبل تي پنهنجو فونٽ ٺاهي وٺبو آهي. پر جيئن ته اوهان جي ڏسيل هي نئين قسم جي جوڙ جڪ آهي، ان لاءِ فونٽ ٽيبل پڻ انهن گھرجن مطابق جوڙڻي پوندي تڏهن وڃي مسئلو حل ٿيندو. ان (وولٽ پروگرام) ۾ اکرن جون شروعاتي وچ ۽ آخر واريون شڪليون، جوڙا (لگيچرز) اعرابون وغيره جدا جدا جوڙي سگھو ٿا.گهرجيوَ ته وولٽ کي تفصيلي سمجھو ۽ پنهنجي گھرجن مطابق پاڻ ڪم ڪريو، يا وري ڪو گروپ جوڙيو جيڪو هڪ ٽيبل تي ويهي ڪم ڪري ڇاڪاڻ ته آئون سمجھان ٿو ته هي ڪو ننڍو ڪم ڪونهي جيڪو واندڪائي ۾ ڪجي هن لاءِ ذهن ٺاهي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو لڳاتار هجي نه ڪي اڄ ڪجي سڀاڻي وقت نه مليو ته ٺهيو،جنهن سان تسلسل ٽٽي پوندو ۽ ڪم جي رفتار سست ٿيندي جيڪا ڪم ۾ دلچسپي گھٽائڻ جو باعث ٿيندي.
    والسلام
     
  11. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    اسان ته صفا اناڙي آهيون پر هن قسم جي سوچ ۽ ويچار کي ڏسي ڪري دل جي اٿي آ۔ الله رستا آسان ڪندو آمين۔
    سنڌي ٻولي لاء هي جاکوڙ عبادت کان گهٽ نه آهي۔
     
  12. فهد حسين ميمڻ

    فهد حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: صوتيات تي مشتمل گھڻ ٻوليائي فانٽ ۽ وائيس ريڪگنيشن

    مهرباني ڀا شبير ڪنڀار،

    اوهان جو ٿورائتو آهيان جو وولٽ جو ڏس ڏنو اٿو، مان ان جي سکيا شروع ڪري ڪو بندوبست ڪيان ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو