اهي مهراڻ جون ٍڄايون

اهي مهراڻ جون ڄايون
اهي سرهاڻ جون مايون
سدان آهن صعوبت ۾
ائين غمن جي شدت ۾
پناهن جي سي ڳولا ۾
وحشي تن جي ڳولا ۾
ڪتا هي ڪمينا هن
بزدل هي ڀڙواهن
نياڻين جي پٺيان لڳندي
اڳيان انهن سدان لنگهندي
سدان پورن ۽ سورن ۾
وهي جن جي ته گذري ٿي
ائين جيئن ڪا پڄري ٿي.....
اهي وحشي وڏيراهن
نچائين ٿا نياڻين کي
اهي سيٺيون به سور هن
وڃائن هوش وسڪن ۾
وڏا چالاڪ چستن ۾
ڪرن ٿا ڪيس ڪيڏا هي
اڀ اسمان جيڏا هي
هو نياڻي اڄ به روئي ٿي
منهن ڳوڙهن سان ڏوئي ٿي....
ڪورٽ کي پڪاري ٿي
پنهنجو حال اوري ٿي
سڏڪن ۾ سڻائي ٿي
پنهنجو لوڪ پڻائي ٿي.....
 
جواب: اهي مهراڻ جون ٍڄايون

نظم۾ چيل سنڌ جي صورتحال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان پنهنجي نياڻين کي تحفظ نه ٿا ڏئي سگهون ته پوء ڌارين جي للڪار کي روڪڻ ۽ انهن سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪيئن ڪري سگهنداسين۔
 
Back
Top