سنڌ جي نامور فنڪاره پارس علي پارس جي 23 هين سالگره ملهائي وئي

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ سنڌ جي نامياري فنڪاره پارس علي پارس جِي 23 هين سالگره ملهائي وئي، جنهن ۾ فلم ، اسٽيج ٽي وي ، سنڌ جي راڳي فنڪارن ، اديبن ۽ سماجي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔​


    رپورٽ: نثاراحمدناز تصويرون :نثارناز ۽ عبدالغفور سمون​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، السلام عليڪم ، جيئي سنڌ نمستي
    ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي شو بز جو هي شعبو اٻاڻڪو اٻاڻڪو نظر اچي رهيو آهي ڪنهن به دوست هن شعبي لاءِ پنهنجون لکڻيون رپورٽون ۽ تصويرون بنهه ڪونه موڪليون آهن ۔ ساٿيو اڄ توهان سان سنڌ جي نامياري فنڪاره جي 23 سالگره جيڪا 7 جنوري 2011ع تي حيدرآباد سنڌ جي سنڌ ميوزم ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهائي ويئي هُئي جو اکين ڏٺو احوال ونڊيان ٿو، توهان يقينن سوچيندا هوندا ته 7 جنوري وارو سالگره جو احوال ايترو دير سان ڇو پيو ونڊيان، بس ساٿيو اڪيلو ماڻهو پوڙهو مڙس آهيان شديد مصروفيات سبب وقت سر توهان سان نه ونڊي سگهيس۔ خير محترما پارس علي پارس پنهنجي 23 سالگره جي دعوت پاڻ ڏيئي وئي هُئي، توهان کي سُڌ هُجي پارس علي پارس جي 21 ۽ 22 سالگره جو احوال به گزريل سال ۾ مون ئي ونڊ ڪئي هُئي پارس علي پارس جون پهريون ٻه سالگراهون حيدرآباد جي پريس ڪلب ۾ ٿيون هيون هيلوڪي سالگره ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد سنڌ ۾ ملهائي وئي، آئون ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجي شهر ٽنڊو محمدخان کان ٺيڪ رات جو ستين وڳي پنهنجي ڪئميرا سميت نڪري پيس ٺيڪ 8 وڳي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ پهتس اسٽيج تي محترما پارس علي پارس جون قد آدم تصويرون سجايل هيون جنهن ۾ سهڻن اکرن سان پارس علي پارس جي 23 سالگره مبارڪ لکيل هو۔[/JUSTIFY]
    [​IMG]

    [JUSTIFY]ممتاز مرزا آڊيٽوريم پهچي مون سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون کي فون ڪيو هن چيو ته هو رستي ۾ آهي ۽ جلدي پهچي ويندو، ايتري ۾ سامهون ڏٺم ته پارس علي پارس جو گهر وارو عمران راهو اچي رهيو هو ۽ انتهائي خلوص سان سنڌي روايتن مطابق هُن مونکي ڀليڪار چئي مون ان کان پڇيو ته عمران تمام گهڻو سيءُ آهي ڪيستائين پارس علي پارس جي سالگره واري تقريب جو انعقاد ممڪن آهي ته عمران جواب ڏنو سائين هڪ ڪلاڪ اندر وڌ ۾ وڌ رات جو نوين وڳي تائين سالگره جي تقريب شروع ٿي ويندي، پارس علي پارس بس ٿوري دير ۾ پهچڻ واري آهي، ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي سامهون واري گيٽ طرف ڏٺم ته سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ۽ سنڌ سلامت جو ميمبر دوست امين سمون اچي رهيا هُئا ۽ منهنجي ڀاڪرين پئجي ويا، مون عبدالغفور سمون کان خوش خير عافيت ڪئي ۽ امين سمون کان به حال احوال پُڇيا، سالگره ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فنڪار ، اديب ، فلم اسٽيج ۽ عام ماڻهو جوق در جوق اچي رهيا هُئا مون عبدالغفور سمون کي پارس علي پارس جي سالگره جي تقريب جي تصويري ڪوريج جون ضروري هدايتون ڏنيون ۽ پنهنجي ڪئميرا به عبدالغفور سمون جي حوالي ڪئي ، عبدالغفور سمون سان ڳالهائي رهيو هُئس ته اسان جو حيدرآباد جو بهترين دوست سليمان ابڙو اچي السلام عليڪم چيو مونکي ڀاڪرن ۾ ڀيڙي چيو ته ادا نثار ناز توکان سواءِ هتي جي شو بز جو سموريون تقريبون اڌوريون هونديون آهن ۔۔۔ اڙي يار سليمان مان پوڙهو مُڙس آهيان هاڻي مونکان هي ڀڄ ڀڄان پهچي ئي نه ٿي پر ڇا ڪيان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لاءِ سنڌ سلامت جي عشق ۾ مونکي پنڌ ڪرڻا آهن ۽ پنهنجو نينهن نڀائڻو آهي، ان موقعي تي محمد سليمان ابڙو پنهنجي دوستن سان ملاقات به ڪرائي [/JUSTIFY]

    [​IMG]
    محمد سليمان ابڙو ۽ سندس دوست​


    [JUSTIFY]ان کانپوءِ مان امين سمون سان گڏجي ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي ساڄي پاسي واري ڪرسين جي ٽي نمبر واري قطار تي ويٺس، امين سمون سان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ امين جي فني ڪيئريئر متعلق ڳالهه ٻول ڪرڻ لڳس،

    [​IMG]

    عبدالغفور سمون اسٽيج جو تصويرون ۽ شو بز سان وابسته ماڻهن جو تصويرون ڪڍي رهيو هو، حيدرآباد جي شوبز سان تعلق رکندڙ جن جن دوستن مونکي ڏٺو پي انهن هٿ لوڏي منهنجي ڀليڪار پي چئي، آئون امين سمون سان ڳالهين ۾ مشغول هُئس ته ايتري ۾ ڪنن ۾ رس گهوليندڙ آواز آيو ته ” ناز سائين ڪجهه اسان جا سلام به قبول فرمايو“ آ ها۔۔۔۔۔۔۔۔ نوشين شيخ صاحبه توهان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چوڻ لڳي ته مان ڪافي دير کان توهان جي سيٽ کان پهرين قطار ۾ ويٺي هُئس توهان جو آواز سُڃاتم ته پنهنجو فرض سمجهي توهان وٽ هلي آيس ۽ توهان کي سلام ڪيم ، مهربانيون نوشين صاحبه مون جواب ڏنومانس، نوشين شيخ پنهنجي فني زندگي جو آغاز ڪي ٽي اين جي ڊرامي پٿر دنيا ۾ وڏيري سڪينه جي اهم ترين ڪردار سان ادا ڪيو هو ۽ نوشين شيخ کي سنڌ جو عوام وڏيري سڪينه جي نالي سان ڄاڻندو ۽ سُڃاڻندو آهي، منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي هُئي جو پاڻ اتي هڪ شوٽنگ جي سلسلي ۾ آيل هُئي[/JUSTIFY] [JUSTIFY]پان زبردستي مونکي هٿ مان جهلي هال جي پهرين سيٽن جي قطار ۾ وٺي ويئي مون امين سمون کي چيو مان ميڊم نوشين شيخ سان ٿوري دير دعا سلام ڪري وري تو وٽ اچان ٿو۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]
    پٿر دنيا واري وڏيري سڪينه (نوشين شيخ ) ۽ سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهن
    [JUSTIFY]ممتاز مرزا آڊيٽوريم تقريبن ڀرجي چُڪو هو تقريبن رات جا 9 ٿي چُڪا هُئا ماڻهن ۾ چو ٻول مچي ويو ته محترما پارس علي پارس پهچي ويئي آهي مون سامهون دروازي ڏانهن نيهاريو ته واقعي پارس علي پارس سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس ڪنهن اپسرا جيان لڳي رهي هُئي هڪڙي شاهانه انداز ۾ آڊيٽوريم جي صدر دروازي کان اندر داخل ٿي رهي هُئي ساڻس شايد شاعر نثار وساڻ گڏ هو اچي اسان واري سيٽن جي قطار نمبر پهرين جي ساڄي پاسي پهرين ڪرسيءَ تي ويٺي،

    [​IMG]

    [​IMG]

    مهراڻ ٽي جي انائونسر حُسين خاصخيلي جيڪو اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيئي رهيو هو اُن پارس علي پارس کي اسٽيج تان ويلڪم چيو ۽ آجيان وارا شعر پڙهي پارس علي پارس جي آجيان ڪئي، هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن کي چيو ته توهان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ واريون آهن جلدي پارس علي پارس پنهنجي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي هن تقريب جو آغاز ڪندي، انهي دوران منهنجي ڳالهه ٻول نوشين شيخ سان هلندي رهي، نوشين شيخ مونکي ٻه ٽافيون ڏنيون جيڪي مون مهربانيون مڃيندي کانئس کان ورتيون۔پارس علي پارس جي هال ۾ پهچڻ کانپوءِ ٺيڪ پندرهن منٽن کان پوءِ پارس کي اسٽيج تي ڪيڪ ڪاٽڻ لاءَ گهرايو ويو:[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب کان پوءِ دوستن احبابن محترما پارس علي پارس کي سالگره جا تحفا ڏنا ، جيئن ته مونکي به نهايت ئي سڪ منجهان ان سالگره جي دعوت مليل هُئي سو مون به پنهنجي وس آهر هڪ لفافي ۾ ڪجهه پيسا سالگره واڌائين طور اچي ڏنا وڌيڪ صرف تصويري احوال توهان سان ونڊ ڪري اجازت ٿو وٺان[/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي نامور فنڪاره پارس علي پارس جي 23 هين سالگره ملهائي وئي

    محترمه پارس علي پارس کي اسان پاران به سالگرهه جون واڌايون

    سائين نثار ناز جون به مهربانيون جنهن سهڻي نموني ۽ تفصيل سان گڏ هن تقريب جو حال احوال ۽ خوبصورت تصويرون ونڊ ڪيون آهن۔ شو بز وارو سيڪشن ڪو شو بز سان واسطو رکندڙ ماڻهو ئي سنڀالي سگهي ٿو ۽ اهو ڪم به اوهان بخوبي ڪيو پيا۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي نامور فنڪاره پارس علي پارس جي 23 هين سالگره ملهائي وئي

    ادا محمد سليمان وساڻ توهان جون مهربانيون جو توهان هن شيئرنگ جو مشاهدو ڪري پنهنجا ڪامينٽس ڏنا، دوست لازمي ڪونهي جو شو بز سان تعلق رکندڙ ماڻهو شو بز جي شعبي کي سنڀالي مان توهان جي سامهون آهيان هڪڙو ٽي درجي وارو شاعر آهيان ٻيو ڪجهه به ڪونه آهيان تڏهن به جيڪا ادبي علمي سماجي ، شو بز ۽ سياسي تقريب جي جيڪڏهن ڪا دعوت ملي ٿي ته انڌي منڍي رپورٽنگ ڪري ڇڏيندو آهيان وڌيڪ همت افزايون ۽ حوصلا افزايون توهان دوست ڪندا آهيو وڏي ڳالهه ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو پيار سڀ ڪجهه سيکاريو ڇڏي، توهان دوست به ڪوشش ڪندا ته شو بز ڇا پر هر شعبي جي رپورٽنگ ڪو مسئلو ئي ناهي۔ توهان ته ماشاالله نوجوان آهيو سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا ادا ۔ هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن پارس علي پارس جي سالگره جي تقريب جون

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو سنڌي فنڪاره پارس علي پارس کي سندس سالگره جي موقعي ته سالگره واڌائين گڏ کيس دعائون به ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون پڻ ميڊم پارس علي پارس سالگره جو تحفو گُلن جي بُڪي ڏني۔

    [​IMG]
    سنڌ جو سُريلو فنڪار محترم گل حسن گُل فنڪاره پارس علي پارس کي سالگره جي خوشي ۾ هار پارائي رهيو آهي

    [​IMG]
    پٿر دنيا ڊرامي جي وڏيري سڪينه نوشين شيخ پڻ پارس علي پارس کي سالگره جي خوشين ۾ هار پارايو

    [​IMG]
    اسان جو دوست وڪيل مڱريو محترما پارس علي پارس کي سالگره جو تحفو ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    مهراڻ ٽي وي جو انڪرپرسن حُسين خاصخيلي پارس علي پارس کي گلابي گُلن جو هار پارائي رهيو آهي

    [​IMG]
    پارس علي پارس ۽ سندس گهر واري عمران راهو جي يادگار تصوير

    [​IMG]
    سالگره جي تقريب ۾ شريڪ ٿيل ٻه ناريون

    [​IMG]
    سنڌ جو نامور فنڪار گل حُسن گُل سالگره واري تقريب ۾ گيت ڳائي پنهنجا سر وکيريا ساٿ ۾ شو بز سان تعلق رکندڙ هڪڙي فنڪاره

    [​IMG]
    امين سمون ، نثارناز ۽ حُسين خاصخيلي جي يادگار تصوير جيڪا ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي ٻاهران ورتي وئي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو