Send To ۾ پنهنجو پسنديده فولڊر ٺاهڻ

ابو واصف

سينيئر رڪن
سمورن دوستن کي سلام!
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اسين پنهنجي ڊسڪ ٽاپ تي کوڙ سارا فائل ٺاهي ڇڏيندا آهيون ۽ جلديءَ سبب انهن کي ڪنهن فولڊر ۾ ناهيون رکندا.انهيءَ جي حل لاءِ مون کي هڪ ٽوٽڪو هٿ آيو، جيڪو هن طرح آهي ته اوهان پنهنجو ڪو به ايڪسٽرا فولڊر ٺاهيو، جنهن کي Send To جي فولڊر ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، پوءِ ڊسڪ ٽاپ تي رکيل فائلن کي Send To واري فولڊر ڏانهن منتقل ڪريو.

سڀ کان پهرين اوهان Run ۾ اچي sendto ٽائيپ ڪري، انٽر ڪريو. وضاحت لاءِ هيءُ اسڪرين شاٽ ڏسو:

244wta8.jpg
[/CENTER][/IMG]

هاڻي اوهان جي اسڪرين تي هن قسم جو پيغام ايندو:

28vu2ir.jpg
[/CENTER][/IMG]

اوهان File ۾ اچي، New کي سليڪٽ ڪري، Shortcut کي سليڪٽ ڪريو. اسڪريٽ شاٽ ڏسو:

2d1a3ag.jpg
[/CENTER][/IMG]

ان کان پوءِ اوهان کي Browse لاءِ آپشن پڇندو. اوهان Browse ڪري، پنهنجي ڊرائيو مان ڪو به فولڊر سليڪٽ ڪري اوڪي ڪريو ۽ آخر ۾ Finish ڪريو. وضاحت لاءِ اسڪريٽ شاٽ ڏسندا.

29bga2s.jpg
[/CENTER][/IMG]

هاڻي جڏهن به اوهان ڪنهن فائل کي سليڪٽ ڪري لاءِ منتقل ڪندا ته اوهان کي اُتي پنهنجو پسنديده فولڊر پڻ نظر ايندو، جنهن ۾ اوهان آسانيءَ سان پنهنجا فائل منتقل ڪري سگهو ٿا. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو:

2hqwc9c.jpg
[/CENTER][/IMG]
 
جواب: Send To ۾ پنهنجو پسنديده فولڊر ٺاهڻ

ٽپ ته واقعي ڪم جي آهي سائين اهڙي بهترين ٽپ سيکارڻ تي اوهان جا لک ٿورا۔
 
Back
Top