واه واه ۔۔۔ يقينن هن ڪم جي نه صرف سنڌ سلامت جي عام و خاص رڪنن پر سموري سنڌين شاگردن توڙي استادن کي ضرورت هئي۔۔ نه رڳو انهن بلڪه ڳوٺن ۾ سکيا جي نالي شاگردن کان پيسا بٽوريندڙ نام نهاد ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جي انچارجن کي پڻ هنن وڊيوز جي سخت ضرورت آهي جو انهن کي ته ڪمپيوٽر جي الف ب جي ڄاڻ به نه آهي ۽ هو انسٽيٽيوٽ کوليو ويٺا هوندا آهن۔۔۔
ادا سليمان وساڻ توهان کي غلام مصطفى ميمڻ طور مخاطب ڪيو جڏهن ته توهان پنهنجي نالي کي مڪمل نه لکيو آهي ۽ نه وري تعارف لکيو آهي۔۔۔ خير ادا سليمان جو ته اسان جي پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي رڪن محترم غلام مصطفى ميمڻ انسيت هجڻ ڪري توهان سان تخاطب جو انداز هوندو پر اسان سڀ توهان جي مڪمل تعارف جا منتظر رهنداسين۔۔۔