مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

'ويب سائيٽس' فورم ۾ غلام مصطفي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2012۔

  1. غلام مصطفي

    غلام مصطفي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جنوري 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    computer hardware shop and institute
    ماڳ:
    darro district thatta sindh pakistan
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    اسلام عليڪم ادا غلام مصطفى،
    مون توهان جي ويب سائٽ ڏٺي، يقين ڪريو مونکي تمام گهڻي دلي خوشي ٿي، منهنجو دل ۾ به اهڙو خيال ڪافي وقت کان آهي ته اسان جي سنڌي ڀائرن ڪو اهڙو سلسلو شروع ڪجي پر وقت جي ڪمي جي ڪري ان ڪم کي سرانجام نه پي ڏئي سگھيس۔ توهان جي ان ڪاوش جيڪا اهڙي بهترين ڪاوش آهي ۽ ڪافي ڪارائتي ڪاوش آهي۔ ان مان ضرور ڪافي سنڌي فائدو حاصل ڪندا۔ منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ فرد مون کان اڪثر اهو سوال ڪندو آهي ته مون کي سنڌي ۾ مائڪروسوفٽ آفيس سکڻي آهي، ڪو ڪتاب يا ويب سائٽ هجي ته ڏي۔ اڄ آئون ان کي توهانجي ويب سائٽ جو ڏس ڏيندس۔ ويڊيو تمام آسان ۽ صاف سٿري آواز واري آهي۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    بيشڪ سائين غلام مصطفى جن جي محنت قابل صد تعريف آهي سندن اها فياضي آهي جو پنهنجي محنت اسان ونڊ ڪن ٿا الله تعالى ان بي لوث محنت جو اجر عطا فرمائي۔
     
  4. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا بھترين ويب سائيٽ آھي اميد ته سڀئي دوست فائدو حاصل ڪندا۔ مھرباني
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب سلام

    سڀ کان پهرين ته اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪيون ٿا۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا جيئن اسان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي محسن دوست سان ڄاڻ سڃاڻ به ڪري سگهون۔

    دوست مون اوهان جي ٺاهيل ويب سائيٽ گهمي جتي ايڪسل ۽ پاور پوائنٽ تي شايد ڪم هلندڙ آهي۔ جڏهن ته مون اوهان جي ايم ايس ورڊ بابت وڊيو ٽيوٽرل ڏٺو ته حيرت ٿي ته ڪيئن نه اوهان آسان انداز سان سنڌي ۾، صاف آواز ۽ سهڻي انداز ۾ پيا سيکاريو۔ يقين ڪيو اوهان جي سمجهاڻي کي فالو ڪندي مون سميت ڪوبه نئون دوست آساني سان ايم ايس آفيس سمجهي ويندو۔

    اوهان جي خوبصورت ڪم ۽ لاجواب محنت تي اوهان کي جس هجي ۽ اوهان کي سلام هجي۔
     
  6. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    واه ادا ڏاڍي خوشي ٿيئي پئي ۔۔۔۔۔ڪوششون جاري رکو۔۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    واه واه ۔۔۔ يقينن هن ڪم جي نه صرف سنڌ سلامت جي عام و خاص رڪنن پر سموري سنڌين شاگردن توڙي استادن کي ضرورت هئي۔۔ نه رڳو انهن بلڪه ڳوٺن ۾ سکيا جي نالي شاگردن کان پيسا بٽوريندڙ نام نهاد ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جي انچارجن کي پڻ هنن وڊيوز جي سخت ضرورت آهي جو انهن کي ته ڪمپيوٽر جي الف ب جي ڄاڻ به نه آهي ۽ هو انسٽيٽيوٽ کوليو ويٺا هوندا آهن۔۔۔
    ادا سليمان وساڻ توهان کي غلام مصطفى ميمڻ طور مخاطب ڪيو جڏهن ته توهان پنهنجي نالي کي مڪمل نه لکيو آهي ۽ نه وري تعارف لکيو آهي۔۔۔ خير ادا سليمان جو ته اسان جي پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي رڪن محترم غلام مصطفى ميمڻ انسيت هجڻ ڪري توهان سان تخاطب جو انداز هوندو پر اسان سڀ توهان جي مڪمل تعارف جا منتظر رهنداسين۔۔۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    سائين ڪالهه واقعي ايڪسل وغيره جا فائيل شايد اپلوڊنگ پراسيس ۾ هئا ليڪن اڄ اهي به اپ لوڊ ٿي چڪا آهن سائين جن جي محنت کي سلام آهي ۔
     
  9. شبير ڪنڀار

    شبير ڪنڀار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽنگ
    ماڳ:
    سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري (هالا شهر)
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    پيارا غلام مصطفى ميمڻ صاحب
    اوهان جا جوڙيل آفيس سکيا وڊيوز ڏسڻ جو موقعو مليم ، ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ، اوهانجو ڪم ڏسڻ کانپوءِ ساراھ کانسواءِ رهي نٿو سگھجي، معلوم ٿئي ٿو ته اوهان ٺٽي شهر ۾ ڪو سکيا مرڪز پيا هلايو ۽ جيڪر ايئن آهي ته اسان ڀاڳن وارا آهيون جو اسان کي اهڙو ڄاڻو استاد ميسر آهي، اوهانکي لک شاباسون هجن جو پنهنجي ٻوليءَ سان لڳاءَ جو عملي ثبوت ڏيندي جيڪي اوهان وٽ آهي سو دل سان ونڊڻ ۾ ڪنجوسپائي نه بلڪ سخاوت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيو. دوست جيڪر ڪمپيوٽر جا هڙئي ڄاڻو اوهان وانگر پنهنجو قومي فرض سمجھندي پنهنجو علم ونڊين ته هوند اسين هن فيلڊ ۾ شاهوڪار ٿي پئون.
    اوهانکي صلاح ڏيندو هلان ته هي سکيا وڊيوز يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو ته جيئن هي ونڊ اڃا به عام ٿي سگھي.
    والسلام
    شبير ڪنڀار
    گلشن فهيم هالا سنڌ
     
  10. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا رشيد جي ڳالھ کي وڌائيندي آئون چوندس ته هن وقت اڪثر انسٽيٽيوڊ صرف پيسا ڪمائڻ لائي کوليا ويندا آهن۔ انهن جو هرگز اهو مقصد نه هوندو آهي ته ٻارن کي سٺي ۽ بهتر تعليم ڏئي هن معاشري کي ترقي يافتا بنائجي۔ منهنجي تجريبي مطابق، آئون پاڻ ڪجھ عرصو ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جو ٽيوٽر رهي چڪو آهيان، انسٽيٽيوٽ جي مالڪ جو چوڻ هو ته اسان کي صرف پيسو ڪمائڻو آهي ٻار سکن يا نه سکن، انهن کي گيمز لائي گهڻو وقت ڏيو۔
    بهرحال ادا غلام مصطفي جي اهڙي انمول محنت سان هاڻ اسان جا سنڌي ٻار هن جديد دور ۾ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۾ ماهر ٿي ويندا ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا جهڙي طرح عافا ڪرم اسان جي ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آهي۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا رشيد سائين غلام مصطفى ميمڻ جو نالو سندس ويب سائيٽ تي موجود آهي تنهنڪري مان ساڻن سندس پوري نالي سان مخاطب ٿيس۔ وڌيڪ هيٺ ڏسو اسڪرين شاٽ ۾۔ سندن ڪم تمام گهڻو ساراهه لائق آهي۔

    [​IMG]

    اڄ سندن ويب سائيٽ گهميس ته ايڪسل ۽ پاور پوائنٽ جا سبق به اپڊيٽ مليا۔ سندن محنت تي کين واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    واهه سائين واهه
    تمام بهترين ڪم ٿيل آهي ۔۔۔
     
  13. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    سائين غلام مصطفى صاحب توھان تمام بھترين ڪم ڪيو آھي ، اميد ته ان سلسلي کي جاري رکيون ايندا مھرباني
     
  14. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    سائين لک لائق اوهان جا اڄ سائين سليمان وساڻ صاحب کان ڪجھ سکڻ ويا سون ته اوهان جو ٿريڊ ڏنائون پرگرام استعمال ڪري ڏاڍي خوشي ٿي
    وسلام
     
  15. غلام مصطفي

    غلام مصطفي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جنوري 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    computer hardware shop and institute
    ماڳ:
    darro district thatta sindh pakistan
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    تمام دوستن جي مهرباني جن مون کي سٺي موٽ ڏني
     
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا غلام مصطفى اوهان جا وڊيوز نه ڊائون لوڊ ٿين ٿا ۽ نه ئي هلن ٿا شايد اوهان سيٽنگ چينج ڪئي آهي اگر انهن کي درست ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔
     
  17. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا رحيم بخش صاحب توهان اهي ساڳا ويڊيوز منهنجي ٺهيل ويب سائٽ تي به ڏسي سگهو ٿا اهي به آنلائن۔
    ويب سائٽ وزٽ ڪرڻ لائي هتي ڪلڪ ڪريو۔
     
  18. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    سائين غلام مصطفىٰ تمام لاجواب ونڊ۔مولىٰ خوش رکي توهان کي۔
     
  19. فرمان بليدي

    فرمان بليدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    kamber
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا اوهان جي محنت ته تمام سٺي آهي۔ اميد آهي ته سنڌي ڀائر اوهان جي محنت مان گهڻو پرئيندا۔۔۔۔۔
     
  20. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: مائڪرو سافٽ آفيس جي سنڌي ۾ سکيا وڊيو ٽرينينگ

    ادا بھترين ويب سائيٽ آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو