اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ، رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ. اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو، سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ. لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾ هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا، والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ. ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟ گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ. اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو، اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ. اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي! اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ ڪمال جي شاعري ۽ تمام سهڻي چونڊ
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي واه انهي شاعري کي سرمد ڳايو به خوب آهي۔۔
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ جو اصل نالو عبدالحليم آهي سندس شاعري بيباڪ انداز ۾ چيل آهي، پاڻ هڪ سادو ۽ البيلو شخص آهي سندس شاعري منهنجي پسنديده شاعري مان هڪ شاعري آهي، سندس شاعري سندس ئي آواز ۾ هت ونڊ ڪجي ٿي،
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي ادا هي اداسي ( تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي! ) زماني جي اداسي آهي جنهن ۾ هر طرف ناانصافي بيدردي، چوري دوڪو، فريب نفسه نفسي بت پرستي ( پوء اها ڪهڙي به روپ ۾ هجي انسان جي روپ ۾ شخصيت جي روپ ۾ انا جي روپ ۾ مال ملڪيت جي روپ ۾ لالچ لوڀ جي روپ ۾ قبرپرستي جي روپ ۾ وهم وسوسن جي روپ ۾ هجي ۔۔ ) بک بدحالي بيروزگاري ۽ اوڻاٺ جي اداسي آهي، ادا اهيو ته مان به سمجهان ٿو ته توهان هي سوال شاعر حليم باغي کان نه پر هن ناچيز ممتاز کان ڪيو آهي سو ادا مون جواب ڏيڻ لازمي سمجهيو سو ان لاء هي جواب حاضر آهي، باقي توهان ٻڌايو ته ڪهڙي حال ۾ آهيو، مون ٻڌو آهي ته توهان به ڪا ايجنسي کولي آهي، اهيا ڳالهه ڪيتري حد تائين درست آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا محترم دوست عبدالرشيد سمون ۽ عرس پريو صاحب به هن ممتاز جي غريب خاني تي پير ڀري ويا آهن ڪڏهن توهان ۽ محترم سليمان وساڻ صاحب به پير ڀري وڃون۔۔۔۔
جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي پيارا دوست ممتاز شال سدائين خوش هجين۔ بلڪل اوهان وٽ ضرور اينداسين، ڇو ته مونکي هي سٽون سدائين ياد اينديون آهن ايندي چون آء ويندي چون ويهه ڇڏي سارو ڏيهه اڱڻ اچجي انهن جي