اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حسين جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2012۔

  1. حسين جوڻيجو

    حسين جوڻيجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ

    چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

    اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،

    رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

    اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،

    سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.

    لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾

    هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ

    ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،

    والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

    ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟

    گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

    اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،

    اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.

    اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين

    طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ

    تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!

    اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    اکيون به باندي رڳون به باندي،
    پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ


    ڪمال جي شاعري ۽ تمام سهڻي چونڊ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    بهترين سائين
     
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    واه انهي شاعري کي سرمد ڳايو به خوب آهي۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ جو اصل نالو عبدالحليم آهي سندس شاعري بيباڪ انداز ۾ چيل آهي، پاڻ هڪ سادو ۽ البيلو شخص آهي سندس شاعري منهنجي پسنديده شاعري مان هڪ شاعري آهي، سندس شاعري سندس ئي آواز ۾ هت ونڊ ڪجي ٿي،

     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    ادا هي اداسي ( تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي! ) زماني جي اداسي آهي جنهن ۾ هر طرف ناانصافي بيدردي، چوري دوڪو، فريب نفسه نفسي بت پرستي ( پوء اها ڪهڙي به روپ ۾ هجي انسان جي روپ ۾ شخصيت جي روپ ۾ انا جي روپ ۾ مال ملڪيت جي روپ ۾ لالچ لوڀ جي روپ ۾ قبرپرستي جي روپ ۾ وهم وسوسن جي روپ ۾ هجي ۔۔ ) بک بدحالي بيروزگاري ۽ اوڻاٺ جي اداسي آهي، ادا اهيو ته مان به سمجهان ٿو ته توهان هي سوال شاعر حليم باغي کان نه پر هن ناچيز ممتاز کان ڪيو آهي سو ادا مون جواب ڏيڻ لازمي سمجهيو سو ان لاء هي جواب حاضر آهي، باقي توهان ٻڌايو ته ڪهڙي حال ۾ آهيو، مون ٻڌو آهي ته توهان به ڪا ايجنسي کولي آهي، اهيا ڳالهه ڪيتري حد تائين درست آهي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا محترم دوست عبدالرشيد سمون ۽ عرس پريو صاحب به هن ممتاز جي غريب خاني تي پير ڀري ويا آهن ڪڏهن توهان ۽ محترم سليمان وساڻ صاحب به پير ڀري وڃون۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ۔ شاعر حليم باغي

    پيارا دوست ممتاز

    شال سدائين خوش هجين۔ بلڪل اوهان وٽ ضرور اينداسين، ڇو ته مونکي هي سٽون سدائين ياد اينديون آهن

    ايندي چون آء ويندي چون ويهه
    ڇڏي سارو ڏيهه اڱڻ اچجي انهن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو