• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رويو ئي سڀ ڪجهه آهي ۔۔۔

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! مون وٽ اخلاقي ۽ اتساهيندڙ ڪجهه پاور پوائنٽ پريزنٽشن پيون آهن، جن جي مون سنڌي به ڪري ڇڏي هئي، جئين ته پاور پوائنٽ پريزنٽيشن هن اوطاق تي ونڊ ڪري نٿي سگهجي انڪري هن پريزنٽيشن کي وڊيو ۾ بدلائي پيش ڪري رهيو آهيان ۔۔۔ هن جو موضوع آهي ” رويو“ هڪ اهم موضوع آهي ۽ انجي وڪالت ۾ هي وڊيو ڏسي پنهنجي راءِ کان واقف ڪندا ته ڇا واقعي روين جي بدلاوَ سان ئي انسان يا معاشري ۾ حقيقي بدلاءُ اچي ٿو؟
ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
+++++++++
 
جواب: رويو ئي سڀ ڪجهه آهي ۔۔۔

نثار ابڙو صاحب
تمام بهترين ويڊيو آهي ، روين جي باري ۾ تمام سهڻيون ڳالهيون
چوڻيون ، خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيون آهن،
اهي سڀ ڳالهيون جيڪي ويڊيو ۾ لکيون ويون آهن ، اهي ڪئپشن ۾ به ڪجھ لکيل هجن ها ته بهتر هو ۔
پر اوهان جي محنت ۽ موضوع ٻئي وڻندڙ آهن ۔
 
جواب: رويو ئي سڀ ڪجهه آهي ۔۔۔

رويو يا Attitude ئي 100 فيصد آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب ايڪوئيشن

مثبت سوچ سان مثبت نتيجا نڪر ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا جن کي ڪامياب ٿيڻ جي سوچ هوندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔



سائين نثار لک قرب

اوهان جي محنت قابل تعريف، اوهان کي جس هجي۔ سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيل سلائيڊس کي بهتر انداز سان وڊيو ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔ واقعي اهي انساني رويا ئي آهن جيڪي اسان جي منزل تي پهچڻ يا ڪاميابيء جو تعين ڪن ٿا۔
 
ادا نثار اسان يو ٽيوب ڪٿان ڏسنداسين اسان وٽ يوٽيوب نٿو هلي وڏي سرڪار ان تي پابندي هنئي آهي۔ بهرحال رَوَيو جي مٿان زبرون هٽايو ته رويو مطلب اُوئان، ٿي پوندو، ان ڪري توهان جو هي وڊيونه ڏسي سگهڻ جي ڪري رُڳون اسان جي اُوئان اُوئان ۔۔!جارِي آهي۔ ڪو ڏس پتو ڏيو جو اسان يو ٽيوب ڏسي سگهون۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا نثار اسان يو ٽيوب ڪٿان ڏسنداسين اسان وٽ يوٽيوب نٿو هلي وڏي سرڪار ان تي پابندي هنئي آهي۔ بهرحال رَوَيو جي مٿان زبرون هٽايو ته رويو مطلب اُوئان، ٿي پوندو، ان ڪري توهان جو هي وڊيونه ڏسي سگهڻ جي ڪري رُڳون اسان جي اُوئان اُوئان ۔۔!جارِي آهي۔ ڪو ڏس پتو ڏيو جو اسان يو ٽيوب ڏسي سگهون۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين هيٺان فيس بوڪ جي به لنڪ ڏنل آهي ۽ يوٽيوب به کُلڻ واري آهي پريشان ٿي اوئان اوئان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي
 
Back
Top