محمد لائق راهو
سينيئر رڪن
مورو (پ۔ر) سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فرنٽ "سناف" جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انفارميشن محمد لائق راهو ۽ فرنٽ اڳواڻ علي بخش عباسي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ۽ 28 جنوري تي سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي محمد لائق راهو چيو ته مسرور خان جتوئي جي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ اسانجي ڀوتارن جي اصل چهرن تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي جنهن بعد هاڻ انهن جي سنڌ دوستي واري فلمي ڊائلاگن پُٺيان لڪل اقتداري حوس ءِ سوديبازي واري ڪُڌي روش چٽي نموني سان سنڌ جي عوام آڏو پڌري ٿي رهي آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي جا ايم پي ايز مفاهمت ۾ مبتلا ٿي متحده جي فرمائش وارو ٺهراءُ ايون ۾ آڻي سنڌ جي ماڻهن جي صبر جو امتحان وٺڻ ٿا چاهين يا سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ٿيندڙ سازشن جي منهن تي چماٽ هڻي حقيقي سنڌ دوستي جو ثبوت پيا ڏين هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اسانجا حاڪم پنهنجي حڪومت جي چئن سالن ۾ ڪراچي جي تعليمي ادارن اندر سنڌي شاگردن جي داخلا تان بندش به ختم ڪونه ڪرائي سگھيا آهن ءِ پنهنجي دعوائن جي اُبتڙ انهن ڪراچي ءِ حيدر آباد جهڙن وڏن شهرن کي جيڪي سنڌ جي دل وارو درجو رکن ٿا متحده جي حوالي ڪري انهن شهرن ۾ آباد اصل ڌرتي ڌڻين کي ٻيو نمبر جو شهري ٻين لفظن ۾ ننڌڻڪو بڻايو ويو آهي هاڻ جڏهن پناهگير سنڌ جي وارثن کان سندن وطن ڦرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن تڏهن به ٽال مٽول ءِ رُڳو لفاظي جي آڌار تي ڪروڙين سنڌين کي ريجهائڻ واري روش سمجهه کان مٿي آهي ان موقعي تي فرنٽ اڳواڻ علي بخش عباسي عبدالصمد راهو ، نعيم سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .