• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف مورو ۾ "سناف" جي ريلي.

محمد لائق راهو

سينيئر رڪن
مورو (پ۔ر) سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فرنٽ "سناف" جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انفارميشن محمد لائق راهو ۽ فرنٽ اڳواڻ علي بخش عباسي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ۽ 28 جنوري تي سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي محمد لائق راهو چيو ته مسرور خان جتوئي جي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ اسانجي ڀوتارن جي اصل چهرن تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي جنهن بعد هاڻ انهن جي سنڌ دوستي واري فلمي ڊائلاگن پُٺيان لڪل اقتداري حوس ءِ سوديبازي واري ڪُڌي روش چٽي نموني سان سنڌ جي عوام آڏو پڌري ٿي رهي آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي جا ايم پي ايز مفاهمت ۾ مبتلا ٿي متحده جي فرمائش وارو ٺهراءُ ايون ۾ آڻي سنڌ جي ماڻهن جي صبر جو امتحان وٺڻ ٿا چاهين يا سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ٿيندڙ سازشن جي منهن تي چماٽ هڻي حقيقي سنڌ دوستي جو ثبوت پيا ڏين هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اسانجا حاڪم پنهنجي حڪومت جي چئن سالن ۾ ڪراچي جي تعليمي ادارن اندر سنڌي شاگردن جي داخلا تان بندش به ختم ڪونه ڪرائي سگھيا آهن ءِ پنهنجي دعوائن جي اُبتڙ انهن ڪراچي ءِ حيدر آباد جهڙن وڏن شهرن کي جيڪي سنڌ جي دل وارو درجو رکن ٿا متحده جي حوالي ڪري انهن شهرن ۾ آباد اصل ڌرتي ڌڻين کي ٻيو نمبر جو شهري ٻين لفظن ۾ ننڌڻڪو بڻايو ويو آهي هاڻ جڏهن پناهگير سنڌ جي وارثن کان سندن وطن ڦرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن تڏهن به ٽال مٽول ءِ رُڳو لفاظي جي آڌار تي ڪروڙين سنڌين کي ريجهائڻ واري روش سمجهه کان مٿي آهي ان موقعي تي فرنٽ اڳواڻ علي بخش عباسي عبدالصمد راهو ، نعيم سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .
 
جواب: سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف مورو ۾ "سناف" جي ريلي.

ادا راهو بلڪل موري جيان سموري سنڌ 28 جنوري تي سراپا احتجاج هُئي اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ به قوم پرست پارٽين جي سڏ تي مڪمل ڦيٿوروڪ هڙتال ڪري ساري دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسان سنڌي پنهنجي سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪري ڄاڻون ٿا، غاصبن، غدارن سان ويڙهاند ڪري سگهون ٿا ان موقعي تي سنڌ جون تمام قوم پرست جماعتون هڪ آواز هيون انهي سلسلي ۾ مون وٽ ڪجهه فوٽيج آهن جيڪي توهان سان ونڊ ٿو ڪريان۔

430881_10150570206438216_794048215_9071043_1667219365_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ نڪرندڙ هڪ ريلي کي خطاب ڪري رهيو آهي

409465_10150570206698216_794048215_9071045_777618538_n.jpg

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر رضا خاصخيلي تقرير ڪري رهيو آهي

423904_10150570207958216_794048215_9071048_892305561_n.jpg

سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جو آرگنائزر معظم ٽالپر ريلي کي خطاب ڪري رهيو آهي

429952_10150570204808216_794048215_9071041_798270877_n.jpg

406556_10150570208313216_794048215_9071049_1313351974_n.jpg

422030_10150570226898216_1933436569_n.jpg

428153_10150570231323216_794048215_9071111_186127387_n.jpg

418494_10150570223078216_794048215_9071082_246938296_n.jpg

419059_10150570273613216_794048215_9071249_762588506_n.jpg

420040_10150570275668216_794048215_9071262_53432110_n.jpg

28 جنوري 2012 تي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جنهن جا مختلف منظر
 
Back
Top