انگلينڊ اسپن جي ڄار ۾ ڦاسي پئي۔ پاڪستان جي سيريز ۾ ڪاميابي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دبئي ۾ کيڏي ويندڙ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم اسپنرن جي ڄار ۾ ڦاسي پئي ۽ پوري ٽيم ٻي اننگز ۾ صرف 72 رنسن تي ڍير ٿي وئي۔ ان طرح پاڪستان جي ٽيم هي ميچ 72 رنسن تان کٽي سيريز به کٽي ورتي آهي۔

    ميچ جي پهرين ٽن ڏينهن تي انگلينڊ ڇانيل رهي ۽ پاڪستان جي ٽيم، مايوس رهي پر اڄوڪي شام پاڪستان جي نالي رهي۔ انگلينڊ جا آخري 5 بئٽسمين صرف چئن رنسن جي اضافي سان آئوٽ ٿيا۔ پاڪستان پاران ٻي اننگز ۾ 10 ئي وڪيٽون اسپنرن حاصل ڪيون۔ حفيظ شروعاتي وڪيٽ حاصل ڪري تباهي جي شروعات ڪئي ۽ پوء عبدلارحمان ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون جڏهن ته سعيد اجمل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ انگلينڊ پاران صرف ٻه رانديگر 10 کان مٿي رنسون ڪري سگهيا۔

    ان کان اڳ مونٽي پنيسر جي تباهه ڪن بالنگ سبب پاڪستان پنهنجي ٻي اننگز ۾ صرف 214 رنسن تي آئوٽ ٿيو ۽ ان طرح انگلينڊ کي کٽڻ لاء صرف 145 رنسن جو ٽارگيٽ مليو جيڪو هوء حاصل ڪونه ڪري سگهي۔ مونٽي پنيسر 6 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ آخري اسڪور ڪجهه هن طرح رهيو۔

    پاڪستان

    پهرين انگز 257 رنسون ( مصباح 84 ۽ اسد شفيق 58 رنسون) ( براڊ 4 ۽ سئان 3 وڪيٽون)
    ٻي اننگز 214 رنسون ( اظهر علي 68 ۽ اسد شفيق 43 رنسون) ( مونٽي پنيسر 6 ۽ سئان 2 وڪيٽون)


    انگلينڊ

    پهرين انگز 327 رنسون ( ڪڪ 94 ۽ ٽراٽ 74 رنسون) ( سعيد اجمل 4 ۽ عبدالحفيظ 3 وڪيٽون)
    ٻي اننگز 72 رنسون ( اسٽراس 32 ۽ مورگن 18 رنسون) ( عبدالرحمان 6 ۽ سعيد اجمل 3 وڪيٽون)

    هن ميچ ۾ پاڪستاني اسپنرن 20 مان 19 جڏهن ته انگلينڊ جي اسپنرن 20 مان 12 وڪيٽون حاصل ڪيو۔ هن ميچ ۾ اسپنرن 40 مان 31 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    سعيد اجمل 19 ميچن ۾ 100 وڪيٽون وٺي پاڪستان پاران گهٽ ميچن ۾ 100 وڪيٽون حاصل ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي۔ ان کان اڳ وقار يونس ۽ ثقلين مشتاق اهو ڪارنامو 20 ميچن ۾ ڪري چڪا آهن۔[/JUSTIFY]


    اڄوڪي راند جو بهترين رانديگر عبدالرحمان

    [​IMG]

    19 ميچن ۾ رڪارڊ 100 وڪيٽون حاصل ڪندڙ سعيد اجمل

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو