[/CENTER][/IMG] منهنجي چاهت کان انحرافي آ، تنهنجو ونواهه اِختلافي آ. هن سڄي ڪائنات ۾ مون لئه، صِرف تنهنجو وجود ڪافي آ، تنهنجي شاديءَ ۾ خودڪُشي منهنجي، نينهن نقصان جي تلافي آ. هاڻ هر ڪو ٿو پنهنجي دِل تي هلي، هاڻ هر جُرم جي مَعافي آ. پيار ۽ سچ جي سِلسلي کان سوا، باقي هر سلسلو اضافي آ. پيار تنهنجو ’وفا‘! سندس دِل ۾، ٻار جي مُٺ ۾ جيئن ٽافي آ. وفا ناٿن شاهي
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) هل ته صحي ۔۔۔۔۔۔۔ اصل وفا ته عاشقي جا سڀ سلسلا ختم ڪري خودڪشي تائين هليو ويو۔ اهڙي عشق کان مان هميشهه پناهه گهري آهي جنهن ۾ معاملو ان حد تائين وڃي پهچي۔ پر پوء به لڳي کي لعنت آهي۔
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) واھ عرس واھ اڄ ته وفا جي شاعري پڙھي دل خوش ٿي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوھان جي چونڊ يار سچ واقعي زبردست ھوندي آھي۔
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) ادا عشق جي انتها ڪهڙي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڦاٿي کان پوء فٿڪڻ ڪهڙو
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) عاشق به اهڙا هجن ۔۔۔۔۔۔ باقي اسان وٽ به عاشق آهن ڪُٽيء کائو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ههههههه پسند ڪرڻجي مهرباني
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) واهه سائين ادا عرس واهه تمام خوبصورت شاعري آهي ۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) تمام سهڻي ۽ عام خلق جي سمجهه مطابق ٿيل شاعري آهي ۔۔۔ توکان ڌار ٿيڻ اهو ناه مرڻ ٻيو ڇا هي ڙي ۔۔۔ ڀلا پنهنجي جان کان جدا ٿي ڪهڙو روح خوش رهندو آهي ۔۔۔ اهي سور مونکان پڇو ۔۔۔ اردوءَ جي شاعر به ڇا خوب چيو آهي ته؛ تم سي بڇڙ ڪر زنده هين، جان بهت شرمنده هين۔ وووووااااههههه سهڻو ونڊ فقير پريا سائين ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي) اچي وياسين اسان به فقيرن لسٽ ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جئين تواهان جي مرضي سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پسند جي مهرباني