• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

عرس پريو

سينيئر رڪن
2d78xon.jpg
[/CENTER][/IMG]

منهنجي چاهت کان انحرافي آ،
تنهنجو ونواهه اِختلافي آ.

هن سڄي ڪائنات ۾ مون لئه،
صِرف تنهنجو وجود ڪافي آ،

تنهنجي شاديءَ ۾ خودڪُشي منهنجي،
نينهن نقصان جي تلافي آ.

هاڻ هر ڪو ٿو پنهنجي دِل تي هلي،
هاڻ هر جُرم جي مَعافي آ.

پيار ۽ سچ جي سِلسلي کان سوا،
باقي هر سلسلو اضافي آ.

پيار تنهنجو ’وفا‘! سندس دِل ۾،
ٻار جي مُٺ ۾ جيئن ٽافي آ.

وفا ناٿن شاهي
 
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

هل ته صحي ۔۔۔۔۔۔۔ اصل وفا ته عاشقي جا سڀ سلسلا ختم ڪري خودڪشي تائين هليو ويو۔

اهڙي عشق کان مان هميشهه پناهه گهري آهي جنهن ۾ معاملو ان حد تائين وڃي پهچي۔ پر پوء به لڳي کي لعنت آهي۔
 
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

واھ عرس واھ اڄ ته وفا جي شاعري پڙھي دل خوش ٿي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوھان جي چونڊ يار سچ واقعي زبردست ھوندي آھي۔
 
ادا عشق جي انتها ڪهڙي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڦاٿي کان پوء فٿڪڻ ڪهڙو
 
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

واھ عرس واھ اڄ ته وفا جي شاعري پڙھي دل خوش ٿي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوھان جي چونڊ يار سچ واقعي زبردست ھوندي آھي۔

عاشق به اهڙا هجن ۔۔۔۔۔۔ باقي اسان وٽ به عاشق آهن ڪُٽيء کائو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ههههههه

پسند ڪرڻجي مهرباني
 
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

پيار ۽ سچ جي سِلسلي کان سوا،
باقي هر سلسلو اضافي آ.

تمام سهڻي ۽ عام خلق جي سمجهه مطابق ٿيل شاعري آهي ۔۔۔ توکان ڌار ٿيڻ اهو ناه مرڻ ٻيو ڇا هي ڙي ۔۔۔ ڀلا پنهنجي جان کان جدا ٿي ڪهڙو روح خوش رهندو آهي ۔۔۔ اهي سور مونکان پڇو ۔۔۔

اردوءَ جي شاعر به ڇا خوب چيو آهي ته؛ تم سي بڇڙ ڪر زنده هين، جان بهت شرمنده هين۔

وووووااااههههه

سهڻو ونڊ فقير پريا سائين ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: منهنجي چاهت کان انحرافي آ، (وفا ناٿن شاهي)

سهڻو ونڊ فقير پريا سائين ۔۔۔۔

اچي وياسين اسان به فقيرن لسٽ ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جئين تواهان جي مرضي سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پسند جي مهرباني
 
Back
Top