• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ڪو وقت هيو جڏهن دل چوندي هئي ته سنڌ سلامت تي ايندڙ موضوعن مان ڪي سٺا هزار کن موضوع ڪڍي انهن ماڻهن اڳيان رکجن جيڪي سنڌ سلامت کي ٻارن جو رانديڪو يا وري غير سنجيده فورم ڀريل محفلن ۾ چئي اسان جي حوصلي کي پست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔۔
انهن جي اهڙين ڳالهين کي هڪ درد سان ٻڌي فورم تي نظر ڀريندو هيم ته سائين نثار ابڙو ۽ سائين نثار ناز جهڙيون مها شخصيتون ۽ سندن لکڻ جو انداز دل جي خواهش پوري ڪرڻ ۾ دير نه لڳڻ نه ڏيندو هو۔۔ حوصلو اڃان مليو ئي هيو جو سليمان وساڻ آيو ۔۔ سندس هن دفعي اچڻ اهو پهريون اچڻ نه هو جنهن دفعي هن صرف پنهنجو تعارف ئي موڪليو هجي۔۔ هن دفعي هو آيو ۽ ڇائنجي ويو۔۔
هن ثابت ڪيو ته حوصلي کي هٽائڻ وارن لاءِ رڳو سائين نثار ناز يا نثار ابڙو نه پر سنڌ سلامت لاءِ لکندڙ هر هڪ رڪن ئي کوڙ آهن۔۔ جڏهن به قدم لڏيا هن اڳتي وڌي ڀاڪرن ۾ کنيو۔۔۔
سياست هجي يا ٽيڪنالاجي، مذهب هجي يا معاشرت هر موضوع تي پنهنجا موضوع موڪلي ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به موضوع تي ڪيترو به لکي سگهي ٿو۔۔ اڄ سندس جي 1200 موضوعن کي جوڙجي ته اهڙو ميگزين ڇپرائي سگهجي ٿو جنهن جي 12 شمارن ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي ليک کي جاءِ ملي ۔۔

دعا آهي ته هي دوست سنڌ لاءِ سدا سلامت رهي۔۔

مهربانيون سائين رشيد

سچ پڇو ته سنڌ سلامت اسان جي سڃاڻ بڻجي ويو آهي، سچل ڳوٺ ۾ مونکي سنڌ سلامت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ اها سڃاڻ اوهان جهڙن دوستن سبب ٿي جن سنڌ سلامت جهڙو فورم ٺاهي سنڌي ٻوليء لاء اهم ڪم ڪيو۔

سچ پڇو ته جڏهن مان سنڌ سلامت تي شروعات ڪئي هئي ته مان دوستن جا ايترا موضوع ڏسي کين دل ئي دل ۾ داد ڏيندو رهندو هيس ته ڪيئن نه دوستن محنت ڪئي آهي ۽ پاڻ کي ان قابل ئي ڪونه سمجهندو هوس ته ڪو مان به ٻه سو موضوع موڪلي سگهندس۔ پر پوء اوهان دوستن جي رهنمائي، حوصلا افزائي ۽ پنهنجائپ ان قابل بڻايو جو 1200 موضوع موڪليا آهن۔

سنڌ سلامت جو ٿورائتو آهيان جن مونکي ان قابل سمجهيو جو پنهنجي سٿ ۾ شامل رکيو۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب مان رشيد صاحب جي لفظن جي حمايت ڪندس

الله توهان کي خوش رکي

سدائين گڏ

مان اوهان جي لفطن جي حمايت ڪندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڪوشش جاري رکندس ۔۔۔۔۔۔۔۔ سدائين گڏ واري ۔۔۔۔۔۔۔ هاهاها

فقير سائين لک ٿورا

سچ ته اوهان جهڙا قابل ۽ مخلص دوست جڏهن مليا ته اسان جي روين ۾ به تبديلي آئي ۽ سنڌ سلامت سان پيچ اڙيو ته اهڙو جو جاري آهي ۽ رهندو۔

سدا ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

اسان طرفان به سائين وساڻ صاحب کي ڍير ساريون دلي مبارڪون شل قبول پون۔

عبدالواحد سائين اوهان جا محبت ڀريا سلام ۽ مبارڪون قبول آهن ۔۔۔۔۔۔۔

سدا خوش رهو ۽ سنڌ جي سينڌ سنواريندا رهو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائين ماشاء الله
ادا سليمان وساڻ کي اسان جي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون ڏجن ٿيون ۔۔۔۔

ڀاء رياض گلال اوهان جي محبتن ۽ خلوص لاء لک لائق

اوهان جي پنهنجائپ ۽ حوصلا افزائي رهي ته سنڌ سلامت پنهنجي ترقي جاري رکندي۔ دعائن ۾ ياد ڪجو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اسان طرفان به اوهان کي لک لک واڌايون، ڌڻي اوهان کي سدا سلامت رکي۔۔۔

پياري ڀاء طاهر سنڌي جا قرب جنهن دعائن سان گڏ واڌايون ڏنيون ۔۔۔۔۔۔۔۔

مونکي فخر رهندو آهي ته طاهر جهڙا دوست سنڌ سلامت سبب مليا ۽ اهڙا ٻيا به ڪيئي دوست ملندا رهندا۔ اوهان جو ساٿ ۽ هنمائي رهي ته سنڌ سلامت ٻولي لاء اهم ستون ثابت ٿيندي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

هن نماڻي ۽ سٻاجهڙي دوست جي محنت کي سلام آهي جنهن سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي تحريرن ۾ ۽ عملي طور سنڌيت سان پاڻ ملهايو آهي۔۔ ٻين دوستن وانگر مون کي به حيرت آهي ته سليمان وساڻ پنهنجي زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل ڪيئن شيڊيول ڪري رهيو آهي۔ اڳي اها حيرت رڳو مون کي ادا رشيد جي مٿان هوندي هئي پر جڏهن کان ادا سليمان سان سنڌ سلامت جي واسطي سان واقفيت ٿي ۽ ان جي عملي ڪم کي ڏٺو آهي ته حيرت سان گڏ دل مان اهي لفظ نڪرن ٿا ته ”شل! نظر نه لڳي اسان جي هن سهڻي دوست کي“

مست سائين لک ٿورا

اوهان ڀائرن جون دعائون رهيون ته الله پاڪ خوش رکندو۔ مونکي سنڌ سلامت سان گڏ سنڌ سلامت جي سڀني مهسنن ۽ پر خلوص دوستن تي فخر رهندو آهي۔ جيڪي پنهنجي هڙان، وڙان ڏئي به سنڌ سلامت ۽ سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪندا رهيا آهن۔

زندگيء جي شيديول مان وقت ڪڍبو آهي ته نڪري ايندو آهي۔ سنڌ سلامت کانپوء اسان اجايو سجايو رلڻ پنڻ ڇڏي هاڻي ٻولي ۽ سنڌ سلامت لاء پيا ڪم ڪيون، جيڪا سٺي ڳالهه آهي۔

اوهان دوستن جي رهنمائي کپي ۽ دعائون کپن۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم، ادا سڀ کان پهريائين ته اوهان کان معذرت گهرنداسين جو اوهان کي 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ جي مبارڪباد ڪجه دير سان ڏئي رهيا آهيون۔ان ۾ ڪجه ته اسان جي ناساز طبيعت ۽ ڪجه ڪم جي گهڙاڻ هئي۔اڄ جڏهن اسان هن محبتي اڳڻ جو ڀيرو ڀريو ته اوهان جي جوابي ڪمينٽس مان جيڪي محترم مست صاحب جي ڪمينٽس جي جواب ۾ هئا،کي پڙهي اسان کي خبر پئي ته اوهان مٿيون سگ ميل ڪراس ڪيو آهي۔اسان جي طرفان به کوڙ ساريون محبتون ۽ مبارڪون توهان لاء۔
ادا سليمان توهان جو شمار ته انهن محنتي ڏاهن ۾ آهي جن وٽ علم جو سمنڊ موجود آهي ۽ جڏهن به چاهيان ان سمنڊ ۾ غوطو لڳائي هڪ انمول موتي چونڊي هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيندا آهن۔تواهان جي ڪاوشن جي باري ۾ لکڻ ايئن آهي جيئن چنڊ جي مٺي روشني کي ڏيئي جي روشني سان ڀيٽڻ۔هي ڪجه لائنون توهانجي لاء:

اوهانجي ڏاهپ جا گلاب سدائين ڳاڙها هجن۔
اوهانجي محبت جي روشني ڪڏهن مدهم نه ٿئي۔
اوهانجي چهري جي مرڪ ميري نه ٿئي۔
شال اوهانجي ڪاميابين جا پوپٽ آخري منزل تائين اڏريندا رهن۔
دعا آهي الله پاڪ اوهانجي هر دلي تمنا پوري ڪري۔آمين۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

پيارو سليمان وساڻ اهو ترياق زهر آهي جنهن جي دوستي جي ذري مان هڪڙي وزن حاصل ڪرڻ سان هر بيماري جو علاج ٿي وڃي ٿو۔

ايماندار، سهڻو من موهڻو پنهنجي طبيعت وارو، ڪڏهن سولو ته ڪڏهن اولو، سڄاڻ ۽ هر وقت ڪجهه ڪرڻ وارو دوست آهي۔ اسان جهونن تي تنقيد به دل کولي ڪندو ۽ مزاقون به کوڙ ڪندو جيڪي اسان جو رت وڌائينديون رهنديون آهن۔

اسان جون کيس دعائون
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جن کي اسانجي پاران پڻ دل وَ جان سان کوڙ مبارڪون هجن ۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم ادا سليمان کي خضري حياتي عطا فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سليمان وساڻ صاحب جون سنڌ سلامت لا ڪاوشون يادگار آهن بيشڪ اهڙا ئي املهه هيرا ادارن جي ڪاميابي جو ڪارڻ بڻجندا آهن
33zbdjt.jpg
[/IMG]
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سڀني سڀ ڪجهه لکيو هاڻي درويش جي لا ڪجهه به ڪونه بچيو۔ هاڻي مان ڇا لکان؟؟
سوچيان ٿو ته ادا سليمان کي سندس ان وڏي سنگ ميل طئي ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان پر مبارڪون ته سڀني چيون آهن اهي به نه بچيون آهن نه ته ايئين لکي جواب پورو ڪريان ها ته ادا سليمان وساڻ کي درويش پاران محبت ڀريون مبارڪون هجن۔
پر ان سان به اکر ڪافي نه هجن ها!!! ڇو ته يار 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع پورا ڪرڻ ڪا ٻارن جي راند نه آهي ان لا سوچيم ته ٿوري تعريف ڪندي اهو لکان ها ته سائين سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت تي پير پاتو ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته سنڌ سلامت، سنڌيت ۽ فورم تي موجود دوستن جي رنگ ۾ رنگجي هڪ خاص مقام ماڻي ويندو۔!!!!! پر اڃا سوچيم ته نه يار ادي سليمان جي موضوعن ۽ تحريرن جي باري ۾ به ته لکڻ ضروري آهي۔ ان لا دل چيو ته ايئن لکڻ گهرجي ته دوست سليمان وساڻ جو هر موضوع معني خيز ۽ سنڌ جي مشهور شخصيتن جي پروفائيل (مڪمل تعارف) کي ونڊ ڪرڻ، سنڌ جي شخصيتن ۽ دوستن کي ڀيٽا ڏيڻ  علمي معلومات سميت زندگي جي ڪيترن ئي شعبن سان تعلق رکندڙ معاملن ۽ واقعن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي سنڌ سلامت فورم جي زينت بڻجن ٿا۔ سندس تحريرون پڻ دوستن جي حوصلا افضائي، صلاح مشورن، سنڌ سلامت فورم جي باري ۾ رهنمائي، تعميري تنقيد ۽ کل ڀوڳ سان ڀرپور هونديون آهن۔ اڃا اهو لکيو ئي نه هيو ته سوچيم يار ادي سليمان جي پرسنلٽي جي باري ۾ به ڪجهه لکان!!!! ڇا لکان؟ ڇا لکان؟؟؟،،، پوءِ ڪجهه هي لفظ سمجهه ۾ آيا ته وساڻ صاحب سنڌ سلامت فورم جي لا سندس خدمتون آن لائن سان گڏ و گڏ آف لائين جاري رهنديون آهن۔ جن ۾ مختلف ميڙاڪن ۽ ڪچهرين ۾ سنڌ سلامت کي متعارف ڪرائڻ سندس عادت جيان آهي۔ ادو سليمان وساڻ هڪ بهترين دوست پڻ آهي۔ اسان ان معاملي ۾ ڀلي پوئتي هجون پر ادو سليمان سدائين ياد ڪندو آهي ۽ فون ڪري حال احوال وٺندو آهي۔ پاڻ خوش طبيعت، خوش مزاج هئڻ سان گڏ وگڏ خوش گفتار پڻ آهي۔ اڃان وڌيڪ سوچيان پيو ته ياد آيو ته ادي سليمان جي هڪ ٻئي خاصيت پڻ آهي اها به
ته لکان،،، ادي سليمان ۾ اهي سموريون خوبيون هئڻ سان گڏ و گڏ اها خوبي به آهي ته پاڻ هڪ ليکڪ پڻ آهي، سندس ليک ڪجهه اخبارن جي ذينت پڻ بڻيا آهن۔
ايتري سوچڻ کانپوءِ به ڪجهه طئي نه ٿي سگهيو ته ڇا لکان ان لا ان اڌ مني ڪلاڪ ۾ پنهنجي سوچڻ جو مڪمل احوال لکي ڇڏيم ڇو ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو ۽ فيصلو ئي نه ٿي سگهيو ته ادي سليمان وساڻ تي ڇا لکان۔
ان لاءِ اسان جي الله واهي لکڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.


دعا ۾ ياد۔



اڙي يار درويش ايڏو لکيو اٿئي جو مونکي شرمساري ٿي ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايترو لکيو جو مان ان حساب سان ڪجهه ناهي ڪيو۔ اوهان جي لکڻ جي انداز اهڙو ته منجهايو آهي جو جواب ڪيئن لکان مونکي اهو سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔

پر ڀاء درويش هڪ ڳالهه جيڪا مان ٻيهر ڪندس ته مان جيڪو ڪجهه آهيان اهو اوهان جهڙن سهڻن دوستن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي سبب آهيان ۔۔۔۔۔ اوهان آهيو، سنڌ سلامت آهي، سنڌ سلامت جا ساٿي آهن ته پوء اسان به ڪجهه لکڻ جي قابل آهيون۔

سچ پڇو ته سنڌ ڌرتيء جيڪا سڃاڻ ڏني آهي، جيڪا عزت ڏني آهي ان جي بدلي مان ڪجهه خاص ناهيان ڪري سگهيو۔ هي لکڻيون ته ان جي مقابلي ۾ ڪجهه ناهن جيڪي پنهنجو فرض سمجهي پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان۔ ان ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان اهو ته اوهان دوست ۽ پڙهندڙ ئي فيصلو ڪري سگهن ٿا۔

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
انهيءَ جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاه
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سائين محمد سليمان وساڻ جن واقعي هڪ با اخلاق انسان، خوش مزاج ۽ سهڻي ڪردار جا مالڪ آهن الله تعالى کين وڏي ڄمار بخشي سدا گلاب جيان مهڪندا رهن هن عاجز طرفان به سائين جن کي مبارڪون هجن.

ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان کي مون حقير جي طرف کان به لکين واڌيون هجن۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم، ادا سڀ کان پهريائين ته اوهان کان معذرت گهرنداسين جو اوهان کي 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ جي مبارڪباد ڪجه دير سان ڏئي رهيا آهيون۔ان ۾ ڪجه ته اسان جي ناساز طبيعت ۽ ڪجه ڪم جي گهڙاڻ هئي۔اڄ جڏهن اسان هن محبتي اڳڻ جو ڀيرو ڀريو ته اوهان جي جوابي ڪمينٽس مان جيڪي محترم مست صاحب جي ڪمينٽس جي جواب ۾ هئا،کي پڙهي اسان کي خبر پئي ته اوهان مٿيون سگ ميل ڪراس ڪيو آهي۔اسان جي طرفان به کوڙ ساريون محبتون ۽ مبارڪون توهان لاء۔
ادا سليمان توهان جو شمار ته انهن محنتي ڏاهن ۾ آهي جن وٽ علم جو سمنڊ موجود آهي ۽ جڏهن به چاهيان ان سمنڊ ۾ غوطو لڳائي هڪ انمول موتي چونڊي هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيندا آهن۔تواهان جي ڪاوشن جي باري ۾ لکڻ ايئن آهي جيئن چنڊ جي مٺي روشني کي ڏيئي جي روشني سان ڀيٽڻ۔هي ڪجه لائنون توهانجي لاء:

اوهانجي ڏاهپ جا گلاب سدائين ڳاڙها هجن۔
اوهانجي محبت جي روشني ڪڏهن مدهم نه ٿئي۔
اوهانجي چهري جي مرڪ ميري نه ٿئي۔
شال اوهانجي ڪاميابين جا پوپٽ آخري منزل تائين اڏريندا رهن۔
دعا آهي الله پاڪ اوهانجي هر دلي تمنا پوري ڪري۔آمين۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ايتريون تحريرون؟ هل!! سليمان صاحب ته صفا ديوانو ٿو لڳي۔
هر سنڌي کي پنهجي ٻولي جي باري ۾ ايترو عشق هجڻ گهرجي۔
مون طرفان اوهان کي سلام آهي۔

پيارا سجاد وسلام

يار سجاد واقعي مان ڪجهه ڏينهن کان ويٺو سوچيان ته شايد مان ديوانو آهيان۔ ڇو ته فيسبوڪ تي مليل تازي موٽ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونه هئي پر سنڌ سلامت سان پنهنجو جنمن جو رشتو آهي۔ تنهنڪري ٻولي جي ڪم کي ڇڏڻ پنهنجي وس ۾ ناهي۔ فيسبوڪ نه سهي سنڌ سلامت ئي سهي پر ڪم رڪڻو ناهي۔

اوهان دوستن جي مهرباني جنهن سنڌ سلامت جي سٿ ۾ ساٿ ڏئي ٻولي جي بهتري لاء سنڌ پرست هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم، ادا سڀ کان پهريائين ته اوهان کان معذرت گهرنداسين جو اوهان کي 6000 تحريرون ۽ 1200 موضوع مڪمل ڪرڻ جي مبارڪباد ڪجه دير سان ڏئي رهيا آهيون۔ان ۾ ڪجه ته اسان جي ناساز طبيعت ۽ ڪجه ڪم جي گهڙاڻ هئي۔اڄ جڏهن اسان هن محبتي اڳڻ جو ڀيرو ڀريو ته اوهان جي جوابي ڪمينٽس مان جيڪي محترم مست صاحب جي ڪمينٽس جي جواب ۾ هئا،کي پڙهي اسان کي خبر پئي ته اوهان مٿيون سگ ميل ڪراس ڪيو آهي۔اسان جي طرفان به کوڙ ساريون محبتون ۽ مبارڪون توهان لاء۔
ادا سليمان توهان جو شمار ته انهن محنتي ڏاهن ۾ آهي جن وٽ علم جو سمنڊ موجود آهي ۽ جڏهن به چاهيان ان سمنڊ ۾ غوطو لڳائي هڪ انمول موتي چونڊي هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيندا آهن۔تواهان جي ڪاوشن جي باري ۾ لکڻ ايئن آهي جيئن چنڊ جي مٺي روشني کي ڏيئي جي روشني سان ڀيٽڻ۔هي ڪجه لائنون توهانجي لاء:

اوهانجي ڏاهپ جا گلاب سدائين ڳاڙها هجن۔
اوهانجي محبت جي روشني ڪڏهن مدهم نه ٿئي۔
اوهانجي چهري جي مرڪ ميري نه ٿئي۔
شال اوهانجي ڪاميابين جا پوپٽ آخري منزل تائين اڏريندا رهن۔
دعا آهي الله پاڪ اوهانجي هر دلي تمنا پوري ڪري۔آمين۔

سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان جا لک قرب

سائين اوهان کان پڇڻ لاء نه اچي سگهياسين ان لاء معذرت ڪيون ٿا۔

سائين سنڌ سلامت دوستن جي خوشبو جو گڏيل گلدستو آهي ۽ اسان به ان ئي گلدستي جو حصو آهيون۔ دوستن ۽ مهربانن جا احسانمند آهيون جيڪي مان ڏين ٿا ۽ حوصلا افزائي ڪن ٿا۔

اوهان سنڌ سلامت جي انهن مهربانن مان آهيو جن دوستن جو قدر ڪيو آهي تنهنڪري اسان اوهان کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ باقي اسان ڪي اديب ته ناهيون بس هتان ، هتان معلومات حاصل ڪري پيا دوستن سان ونڊ ڪندا رهون ٿا۔

هڪ دفعو ٻيهر مهربانيون۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

پيارو سليمان وساڻ اهو ترياق زهر آهي جنهن جي دوستي جي ذري مان هڪڙي وزن حاصل ڪرڻ سان هر بيماري جو علاج ٿي وڃي ٿو۔

ايماندار، سهڻو من موهڻو پنهنجي طبيعت وارو، ڪڏهن سولو ته ڪڏهن اولو، سڄاڻ ۽ هر وقت ڪجهه ڪرڻ وارو دوست آهي۔ اسان جهونن تي تنقيد به دل کولي ڪندو ۽ مزاقون به کوڙ ڪندو جيڪي اسان جو رت وڌائينديون رهنديون آهن۔

اسان جون کيس دعائون

چاچي ڪريم جون مهربانيون جنهن سنڌ سلامت تي ڀيرو ڪيو

سائين اوهان پيارا ماڻهو آهيو، اسان جا مهربان ۽ رهنما آهيو۔ اوهان جي حوصلا افزائي اسان لاء اطمينان جو سبب آهي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جن کي اسانجي پاران پڻ دل وَ جان سان کوڙ مبارڪون هجن ۔ دعا آهي ته شال مولا ڪريم ادا سليمان کي خضري حياتي عطا فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صلي الله عليه وسلم

سائين عبدالغني صاحب لک مهربانيون

اوهان جي حوصلا افزائي ۽ دعائن لاء ٿورا۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

سليمان وساڻ صاحب جون سنڌ سلامت لا ڪاوشون يادگار آهن بيشڪ اهڙا ئي املهه هيرا ادارن جي ڪاميابي جو ڪارڻ بڻجندا آهن
33zbdjt.jpg
[/IMG]

ادا يونس مهربانيون

اوهان خوبصورت ڪارڊ سان گڏ ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان لاء ٿورا
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان کي مون حقير جي طرف کان به لکين واڌيون هجن۔۔۔

پيارا زاهد سومرا اوهان جون مهربانيون

لک ٿورا جو اوهان پنهنجي محبتن ۾ ياد رکيو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي مهندار دوست سليمان وساڻ کي واڌايون

اڄ اوچتو سنڌ سلامت جي لکڻين تي نظر ڪيم ته محترم دوست سليمان وساڻ جون لکڻيون 7000 نظر آيون، آءُ سوچ ۾ پئجي ويس ته ڪٿي ڪا غلطي ته ناهي، مون اکيون مهٽيون، سنڌ سلامت کي ريفريش ڪيو پر وري به ساڳيو انگ 7000، مون سوچيو اڃان شايد جنوريءَ جو آخري ڏينهن هو جو 6000 تحريرون پوريون ٿيون هيون، حساب هينم ته هن دوست اصل ڀلي گهوڙي جي سواري ڪئي آهي، نوجوان ماڻهون آهي، انڪري بغير ڪنهن ساهيءَ جو سنڌ سلامت جي هر ليک کي مناسب موٽ ڏيندو رهيو آهي ۽ جي ڏهاڙيءَ جو حساب ڪجي ته 11 کن ليک هر روز موڪليا اٿس، جنهن مان ثابت ٿيو ته نه فقط هر ليک کي موٽ ڏين اٿس بلڪ هر ليک سان توڙ تائين نڀائڻ به کائنس ڪو سکي

پيارا دوست جي مون وٽ ڪو سونو ٻلو هجي ها ته اوهانجي ڳيچيءَ ۾ ضرور وجهان هان ،،، سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهانجي پيار ڀرئي روشنيءَ سان منور آهي ۽ رستا صاف ٿيل آهن ،،، جڳ جڳ جيئو ۽ ائين ئي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا رهو،،،، شال ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ جلد ئي هڪڙي سلڇڻي پاڻ جهڙي سهڻي پٽ جا پيءُ ٿيو

منهنجي طرفان کوڙ ساترا ڀاڪر قبول پون

:bounce-grn: :BVICTORY: :smitten: :dance3:
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top