سنڌ سلامت سٿ پاران فورم جي پراڻي سرگرم ساٿي ۽ دوست عبدالوهاب قنمبراڻي کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ قنبراڻي سنڌ سلامت تي ڇانيل رهندو هو ۽ هو ايندو هو ته ڄڻ طوفان بڻجي ايندو هو ۽ هزار تحريرن جي هندسي کي پورو ڪرڻ ته هن لاء هڪ ڏينهن جو کيل هوندو هو۔
پر اسان جو دوست ڪنڌڪوٽي اسلام آباد ڇا ويو ڄڻ سنڌ سلامت ۽ سنڌ کي ئي وساري ويٺو آهي۔ هاڻي ته ڇهين ، ٻارهين مهيني به ڀيرو ڪونه ڀڃي۔ سندس لاء ڪنهن فيسبوڪ فوٽو تي سائين نثار ناز جا ڪيل شاعراڻه ڪمينٽ پيش ڪجن ٿا:
عبدو تي اعتبار ناهي ڪبو
پرديسين سان پيار ناهي ڪبو
وساري جي ويهي رهن اسانکي
اسلام آبادي سان اقرار ناهي ڪبو
پرديسين سان پيار ناهي ڪبو
وساري جي ويهي رهن اسانکي
اسلام آبادي سان اقرار ناهي ڪبو
پياري دوست لاء دعا آهي ته جتي به هجي خوش هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ضرور ڀري۔