پيار ۽ رڳو پياس جون ڳالهيون

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
غزل

پيار ۽ رڳو پياس جون ڳالهيون

من اندر جي تاس جون ڳالهيون

هڪڙي تنهنجي پيار ڪهاڻي
باقي سڀ بڪواس جون ڳالهيون

پل ۾ لڙڪ ته پل ۾ مُرڪَ
جيون آس نراس جون ڳالهيون

ڪاش ستارن وچ۾ ويهي
روز ڪجن آڪاس جون ڳالهيون

ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي
ڪِي نه رهيون اخلاص جون ڳالهيون

پٿر ماڻهو پٿر دنيا
ڪئين ڪجن احساس جون ڳالهيون


418927_306839559367651_100001248279284_911107_312965110_n.jpg
 
جواب: پيار ۽ رڳو پياس جون ڳالهيون

ڪاش ستارن وچ۾ ويهي
روز ڪجن آڪاس جون ڳالهيون


تمام خوبصورت چونڊ ۽ دلڪش ڊزائن

گهڻن ڏينهن کانپوء اوهان ڊزائن ڏانهن واپسي ڪئي آهي ۽ اوهان جي سهڻي ڪم جي تعريف کانسواء رهي نه ٿو سگهجي۔
 
Back
Top