• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت پاران سڀني مسلمانن کي عيد ميلادالنبي جون واڌيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت سٿ پاران عالم اسلام کي عيد ميلاد النبي جي خوشين ڀري موقعي تي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔

2z3vx43.jpg


رسول ڪريم صه جي زندگي سموري انسانيت لاء اعلى مثال ۽ رحمت جو ذريعو آهي۔ رسول محمد صه جن اونداهي دور ۾ انسانيت جي اميد بڻجي آيا ۽ پوء هنن جي شخصيت ساري عالم کي منور ڪري ڇڏيو۔

بُرو هو ڀَنڀورُ، جو آرِياڻِيءَ اُجارِيو؛
لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ؛
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکـيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ؛
آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکيُون ڏِکَ وِهارِيُون.

ان رحمت اللعالمين جي تعريفون ڪندي ڏينهن گذري وڃن، ڪاغذ کٽي وڃن ۽ مس ختم ٿي وڃي پر سندس گڻ ۽ وصفون ۽ تعريفون ختم ڪونه ٿينديون۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي به رسول ڪريم صه جي زندگيء تي هلڻ جي توفيق ڏئي جيئن اسان انسانيت جو اعلى معراج ماڻي سگهون ۔۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت پاران سڀني مسلمانن کي عيد ميلادالنبي جون واڌيون

bezpdc.jpg

مهربانيون ۔۔ مسرت جو ڏينهن آهي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت پاران سڀني مسلمانن کي عيد ميلادالنبي جون واڌيون

سائين اوهان جي مهرباني جو هن موقعي جي مناسبت سان تمام خوبصورت ڊزائن ۾ پيغام موڪليو اٿوَ جزاڪم الله خيرا۔
 
Back
Top