• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

سنڌ جي وحدت اسان سڀني کي پياري آهي پر اڄ فيسبوڪ تي مهاجر صوبي جي تحريڪ بابت هي خبر پئي گردش ڪري ۽ اها به ڪجهه سينير صحافين پاران جن کي مهاجر صوبي جي تحريڪ لاء هيٺيان پمفليٽ مليا آهن۔ ان بابت اوهان جا ڇا رايا آهن۔

22gk75.jpg
 
جواب: ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

مھاجرن کي اُھي ڏينھن وسري ويا آھن، جڏھن ھي بکيا ۽ ننگا سنڌ ۾ آيا ۽ ھنن کي سنڌين پنھنجي جي ۾ جايون ڏنيو۔ ھنن جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لا اسان سر جو سودو به ڪري ٿا سگھون سنڌ ڌرتي ھزارين سال پراڻي ڌرتي آھي۔۔۔۔۔ھي ڌرتي ته تڏھن کان آھي جڏھن کان دنيا وجود ۾ آئي، ھن ڌرتي کي تقسيم ٿيڻ ڪڏھن ڪون ڏينداسين۔
 
جواب: ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

مانوارا عاشق سولنگي صاحب 1978ع ۾ ميرپورخاص جي علائقي پاٽويون جي ڀرسان درگاهه روڏو فقير وٽ ترسيل هئيس جتي درگاهه روڏو فقير جي گادي نشين مرحوم نورشاهه فقير ڪنهن درويش جو هڪ شعر ٻڌايو هو مونکان اُن شاعر جو نالو ۽ شعر جي ترتيب وسري وئي آهي پر شعر ڪجهه هِن ريت هو ( ايندي هڪ بُڇڙي قوم اوڀر کان جنهن جي ٻولي جهان ڪهان ) فقير نور شاهه ٻڌايو هو ته هي 300 سو سال اڳ ڪنهن پيشنگوئي ڪئي هئي ۔
 
جواب: ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

ادا سليمان، اسين ته اهي رڙيون ڪافي عرصي کان ڪريون ٿا ،،،،

خئير ائين ٿيندو يا نه؟ ان جو جواب سنڌي قوم جي ڏاهپ ۽ معاملا فهميءَ تي مبني آهي ۔۔۔

اڄ کان ڪيترائي سال اڳ سنڌ جو عاشق محترم سائين جي ايم سيد اسانکي هدايت ڏيندي چوندو هو؛ ” جيڪڏهن اوهانکي ڪو فقير نظر اچي ته انکي ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ وٺي ڏيو، ڪو موچي ڪو واڍو يا ڪو به غريب گربو نظر اچي ته انکي ڪراچيءَ جي راهه ڏيکاريو“

اسان سائينءَ جي ان ڳالهه تي سواليه نشان ٺاهي چپ ٿي ويندا هياسون، هاڻ سائينءَ جي اها هدايت سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته هو ائين ڇو چوندو هو ۽ سندس نظر ڪٿي هوندي هئي۔

اسان سنڌين اصل ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ صحي طرح سان معامله فهميءَ کان ڪم ناهي ورتو، هڪ ته پاڪستان ٺاهڻ جي غلطي ڪئي سون مٿان وري لکن ماڻهن جي لڏ پلاڻ قبول ڪري سنڌي واڻين کي موچڙا هڻائي ڪڍيو سون ۽ انکانپوءِ جڏهن اهي ماڻهون مهاجر بڻجي لڏي اچي سنڌ ۾ ورسيا ته انهن جي باري ۾ ڪا پاليسي نه جوڙي سگهيا سون ۔۔۔ پاڪستان کي ٺهندي 70 سال ٿي ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم کي ٺهندي 25سال ۔۔۔ هو 25 سالن ۾ نه فقط سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهم جڳهه والاري ويا آهن بلڪه پاڪستان جي سياست ۾ پڻ اهميت حاصل ڪري ويا آهن ۔۔۔

اسان سنڌين انهن گذريل 70 سالن ۾ ڇا ڪيو؟ جڏهن ته سنڌ جون حڪومتون اسانجي هٿن ۾ رهيون ۔۔۔ پر ڀاڙيا سنڌي وڏيرا جاگيردار ۽ سياستدان پنهنجا پيٽ ڀريندا رهيا ۽ سنڌ جا مسئلا ڏينهن به ڏينهن گهرا ۽ پيچيده ٿيندا رهيا آهن ۔۔۔

تاريخ، سنڌ جي انهن سياستدانن کي ڪوڙا، غدار ۽ گيدي لفظن ۾ ياد ڪندي ۔۔۔ خاص ڪري پ پ پ، مسلم ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي سڀني ڌڙن کي ۔۔

سچ پڇو ته سنڌي قوم جي موجوده حالت ڏسي ڪئي خوف ۽ خدشه جنم وٺنٿا ۔۔۔ رب ڪري اهي سڀ خدشا غلط ثابت ٿين ۔۔۔ آمين
 
جواب: ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

ان ٽولي پاران اهڙيون سازشون شروع کائي ٿينديون اچن ٿيون پيون انهن سازشن کي ناڪام بنائڻ اسانجو ڪم ۽فرض آهي،جيڪڏهن اسان پنهنجا فرض پورا ڪيا ته ڪجه به نه ٿيندو ، جيڪڏهن ڀنگ جي ڪونڊي تي ڀاڙيوسين ته پوءِ هر شيءِ ممڪن آ۔
 
جواب: ڇا مهاجر صوبي جي تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي؟

منهنجي خيال ۾ اها هڪ وڏي سازش رٿي پئي وڃي، سنڌين جي صبر جو امتحان ورتو پيو وڃي، جيڪي اسان جا سنڌي سڄڻ ڪنهن به طريقي سان سنڌ جي سياست ۾ پارٽي يا پليٽ فارن تان ڪم ڪري رهيا آهن، فوري طور هنن جي آفيس ۽ ڏنل موبائل نمبر سان گڏ پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي ڏيندڙ ڪيڏو به وڏو نالو هجي انهن سڀن جي فوري طور آپريشن ٿيڻ گهرجي۔
اسان پنهنجي سنڌڙي لا هر قرباني ڏيڻ لا تيار آهيون، هنن سازش ڪندڙن شايد سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخ غور سان نه پڙهي آهي۔۔۔
 
واھ ادا واھ تمام بھترين
 
Back
Top