عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
هڪ بي لفظ ملاقات
هڪ بي لفظ ملاقات
ڊسمبر جو مهينو هيو سياري جي موسم جي هڪ رات هئي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي.... هُو ۽ مان درياهه ڪناري هڪ بئنچ تي ويٺا هئا سين….... 
هڪ بي لفظ ملاقات
هونءَ ته هر طرف خاموشي هئي پر هن جا ساهه منهنجي من ۾ مٺڙن سُرن جيان گونجي رهيا هيا ۽ دل انهن سُرن جي هميشه جاري رهڻ جي فرياد ڪري رهي هئي. ٿڌڙي هوا جا جهونڪا جڏهن هن جي زلفن مان نڪري مون ويجهو پهچن پيا ته انهن جي خوشبوءِ منهنجي لاءِ هزارين بهارن کان وڌيڪ موهيندڙ پئي لڳي، اهڙي خوشبوءِ جيڪا دنيا جي هر گل ۽ خوشبوءِ کان وڌيڪ احساس رکندڙ هئي. هن جي ۽ منهنجي وچ هڪ ڏيئو رکيل هيو ۽ اکيون اکين ۾ مليل هيون، ڄڻ ته ڪجهه ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جيڪي لفظن جون محتاج نه هجن....... ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جن کي چوڻ جي لاءِ لفظ نه ملن....... ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جيڪي حواس، مزاج ۽ سوچ تي حاوي هجن...... اکين جي اکين سان ان گفتگو دوران چپن کي ڪجهه ڳالهائڻ ته ڇا مونکي ساهه کڻن جي به فرست نه ملي رهي هئي. ان گفتگوءَ ۾ ڪجهه سوالن جا جواب ۽ ڪجهه لاجواب سوال هيا. ڪجهه درد ڀريا داستان ته ڪجهه مرڪون ۽ مزاح. منهنجا نيڻ ان جي نيڻن جي ڀُول ڀُلَيا ۾ داخل ٿي چڪا هيا جتان نڪرڻ ناممڪن جي حد تائين مشڪل هيو. اکيون اکين سان احساسن ۽ جزباتن جي ڏي وٺ ڪري رهيون هيو. ۽ هاڻي اهڙي منزل اچي ويئي هئي جتي مونکي پنهنجي وجود جو احساس باقي نه رهيو هيو....
هاڻي هن جا نيڻ ئي منهنجي دنيا هئي هن جا نيڻ ئي منهنجي زندگي هئي ۽ نيڻ ئي موت، نيڻ ئي سفر هيا ۽ نيڻ ئي منزل، نيڻ ئي ابتدا هيا ۽ نيڻ ئي انتها. هن جا نيڻ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هيا.... هڪ اهڙو بدنصيب پل آيو جنهن ۾ اهي ٿڌڙي هير جا جهونڪا زوردار هوا ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ان زوردار هوا اسان جي وچ تي رکيل ڏيئي جي روشنيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لڳي ۽ آخر اهو ڏيئيو سندس جوت جي جنگ هاري ويٺو.............. نيڻن جي اڳيان هڪ خوفناڪ انڌيرو ڇانئجي ويو. . . . . . . . . . . . . . ۽ بي لفظ ملاقات اڌوري رهجي ويئي.....
اڄ اڪيلائيءَ ۾ اهو اکيون ان هوا جي جهونڪي کان پڇي رهيون آهن ته ڇا تون ان ڏينهن ٽارو نه ڪري سگهين ها؟؟؟؟ ڇوته ان اڌوري ملاقات ۾ مون فقط پنهنجا احساس بيان ڪيا هيا....... ۽ هن جا احساس معلوم ٿيڻ کان اڳ تون منهنجي حياتيءَ ۾ انڌيرو آڻي ڇڏيو. . . ۽ مان هن جي بي وفا مسڪراهٽن کا ناواقف رهيس.......................
تحرير: عمران درويش سومرو.

.