هڪ بي لفظ ملاقات

'سنڌي ادب' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    هڪ بي لفظ ملاقات

    [​IMG]

    هڪ بي لفظ ملاقات


    ڊسمبر جو مهينو هيو سياري جي موسم جي هڪ رات هئي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي.... هُو ۽ مان درياهه ڪناري هڪ بئنچ تي ويٺا هئا سين…....
    هونءَ ته هر طرف خاموشي هئي پر هن جا ساهه منهنجي من ۾ مٺڙن سُرن جيان گونجي رهيا هيا ۽ دل انهن سُرن جي هميشه جاري رهڻ جي فرياد ڪري رهي هئي. ٿڌڙي هوا جا جهونڪا جڏهن هن جي زلفن مان نڪري مون ويجهو پهچن پيا ته انهن جي خوشبوءِ منهنجي لاءِ هزارين بهارن کان وڌيڪ موهيندڙ پئي لڳي، اهڙي خوشبوءِ جيڪا دنيا جي هر گل ۽ خوشبوءِ کان وڌيڪ احساس رکندڙ هئي. هن جي ۽ منهنجي وچ هڪ ڏيئو رکيل هيو ۽ اکيون اکين ۾ مليل هيون، ڄڻ ته ڪجهه ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جيڪي لفظن جون محتاج نه هجن....... ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جن کي چوڻ جي لاءِ لفظ نه ملن....... ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جيڪي حواس، مزاج ۽ سوچ تي حاوي هجن...... اکين جي اکين سان ان گفتگو دوران چپن کي ڪجهه ڳالهائڻ ته ڇا مونکي ساهه کڻن جي به فرست نه ملي رهي هئي. ان گفتگوءَ ۾ ڪجهه سوالن جا جواب ۽ ڪجهه لاجواب سوال هيا. ڪجهه درد ڀريا داستان ته ڪجهه مرڪون ۽ مزاح. منهنجا نيڻ ان جي نيڻن جي ڀُول ڀُلَيا ۾ داخل ٿي چڪا هيا جتان نڪرڻ ناممڪن جي حد تائين مشڪل هيو. اکيون اکين سان احساسن ۽ جزباتن جي ڏي وٺ ڪري رهيون هيو. ۽ هاڻي اهڙي منزل اچي ويئي هئي جتي مونکي پنهنجي وجود جو احساس باقي نه رهيو هيو....
    هاڻي هن جا نيڻ ئي منهنجي دنيا هئي هن جا نيڻ ئي منهنجي زندگي هئي ۽ نيڻ ئي موت، نيڻ ئي سفر هيا ۽ نيڻ ئي منزل، نيڻ ئي ابتدا هيا ۽ نيڻ ئي انتها. هن جا نيڻ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هيا.... هڪ اهڙو بدنصيب پل آيو جنهن ۾ اهي ٿڌڙي هير جا جهونڪا زوردار هوا ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ان زوردار هوا اسان جي وچ تي رکيل ڏيئي جي روشنيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لڳي ۽ آخر اهو ڏيئيو سندس جوت جي جنگ هاري ويٺو.............. نيڻن جي اڳيان هڪ خوفناڪ انڌيرو ڇانئجي ويو. . . . . . . . . . . . . . ۽ بي لفظ ملاقات اڌوري رهجي ويئي.....
    اڄ اڪيلائيءَ ۾ اهو اکيون ان هوا جي جهونڪي کان پڇي رهيون آهن ته ڇا تون ان ڏينهن ٽارو نه ڪري سگهين ها؟؟؟؟ ڇوته ان اڌوري ملاقات ۾ مون فقط پنهنجا احساس بيان ڪيا هيا....... ۽ هن جا احساس معلوم ٿيڻ کان اڳ تون منهنجي حياتيءَ ۾ انڌيرو آڻي ڇڏيو. . . ۽ مان هن جي بي وفا مسڪراهٽن کا ناواقف رهيس.......................

    تحرير: عمران درويش سومرو.

    [​IMG]





    .
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    ادا عمران توهان بهترين ڪهاڻيڪار به آهيو ليڪن جيڪي هن ڪهاڻي مان ظاهر ٿئي ٿو اها ڪيفيت ڪنهن ٻئي جي آهي يا ليڪک جي آهي ،
    بهرحال بهترين لفظن جي جوڙ جڪ آهي اگرچه ڪٿي ڪٿي ٽائپنگ ۾ درستگي جي ضرور آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    سائين عبدالرحيم، هر ليک ۾ ليکڪ جا احساس، خيال ۽ جذبا ئي ڪارفرما هوندا آهن، بيشڪ هو ڪنهن ٻي جي ڪٿا بيان ڪندو هجي يا پنهنجي پر ڪي ڪيفيتون يا احساس ليکڪ جي اندر ۾ ايئن ولوڙبا آهن جيئن ماٽي منجهه مهي۔ ان ولوڙ مان جيڪي لفظ نڪرندا آهن يا جيڪو مکڻ نڪرندو آهي اهو اجهو ، محترم دوست عمران عرف درويش جي لفظن مان عيان آهي۔

    هن مختصر ڪهاڻي يا وري جنهن کي اسين افسانو چوندا آهيون جي زمين جذبن، احساسن جي پوک سان ٽمٽار آهي، منظر ڪشي ۾ درياهه جو ڪنارو، درياهه جي ڪپر تي لڳل بينچ ۽ بينچ تي ويٺل ٻه پريمي، رات جو سناٽو ۽ اڳيان ڏيئي جي لاٽ ۔۔۔۔

    هن افساني جا اهم ڪردار آهن ٻه پريمي ۽ هوا جو تيز جهونڪو ۔۔۔ هوا جي ان لهر کي ليکڪ مشابهه ڪيو آهي سماجي رڪاوٽن سان، جيڪي اڻ وقتائتو گهلنديون آهن ۽ ٻن پريمين کي جدا ڪري ڇڏينديون آهن، اڃان انهن جو پريم پچي راس به نه ٿيندو آهي، اڃان ته دل جون رڳون رباب ئي نه ٿينديون آهن ته اوچتو سماجي طوفان انهن ٻن پريمين جي جذبن کي ڪچلي، چيڀاٽي، مروڙي ڇڏيندا آهن ۔۔۔

    ۽ پو اهو پريمي، سماجي ماحول ۽ آبهوا کي روئيندو رهندو آهي جيئن مٿي ڏنل افساني ۾ ڪردار روئيندو رهي ٿو۔

    واه سهڻا درويش، اصل اهڙا افسانا جو ماڻهن کي شڪ ٿيڻ لڳي ته ڪٿي اوهان ئي ته نه پريان سمنڊ جي ڪناري نڪري ويا هجو ۽ ات بينچ تي ويهي ان افساني جي زمين تيار ڪئي هجي ۔۔؟؟؟؟

    خئير الله اوهانکي پناهه ۾ رکندو ۔۔۔ اميد ته اوهان لکندا رهندا ۽ پنهنجين لکڻين ۾ اڃان حسن پئدا ڪندا رهندا ۽ اسانکي پنهنجي جواني ياد ڏياريندا رهندا ۔۔
    سلام دوست
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    خبر نه آھي ته ھي افسانو ڪنھن جو آھي، خير محبت ۾ ته ائين ئي ٿيندو آھي! ڪا تيز ھوا ايندي آھي ۽ محبت جي ڏيئي کي ماري ھلي ويندي آھي۔
    ھي محبت به ڪيڏي نه عجيب آھي؟ محبت جي شروعات مسڪراھت سان ٿئي ٿي ته پُڄاڻي ڳوڙھن سان محبت کي ٽڙڻ واري شڪ جي ھوا آھي شڪ جي ھوا محبت کي ختم ڪري ڇڏيندي آھي۔۔۔۔۔۔درويش جو لکيل افسانو بھترين لڳو درويش افساني سان گڏ منظر ڪشي به زبردست آھي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    دوستن ته ادي عمران جي هن افساني جي خوب داد به ڏني آهي ته وري ڪردارن تي روشني به وڌي آهي، پر شايد دوستن کان هن افساني جو آخري ۽ انتهائي ڏکوئيندڙ ڪردار اوجهيل رهيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ لکي ٿو ته:
    ۽ مان هن جي بي وفا مسڪراهٽن کا ناواقف رهيس.......................
    ادا عمران اوهان کي مبارڪون هجن جو هن عمر ۾ اهڙا بهترين افسانا لکي رهيا آهيو۔۔۔

    سدا خوش رهو ۽ جاري رکو۔۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    ڪڏهن ڪڏهن رستي ويندي هڪ منظر ڏسبو آهي جيڪو دير تائين ذهن تي رهندو آهي۔۔ 1992 ۾ جڏهن پهريون دفعو ڪراچي اچڻ ٿيو هو ته مان هڪ ڪتاب کڻي سمنڊ ڪناري پيدل نڪري ويندو هيس ۽ پري پري جتي ڪو ويجهو نه هوندو هو نڪري ويندو هيس ۔۔۔ ڪتاب ئي منهنجو ساٿي هوندو هو۔۔ پڙهندي پڙهندي سمنڊ جي ڇولين ۾ گم ٿي ڪتاب جي ڪردارن جي ڳولا ڪندو هيس ۔۔۔ پر جڏهن ڪا وڏي ڇولي پٿرن سان ٽڪرائجي ڦوار بڻجي لڳندي هئي ته حقيقي دنيا ۾ واپسي ٿيندي هئي۔۔۔
    واپسي تي اڪثر ادا درويش جي ڏنل تصوير جا خاموش خاموش منظر به نظر ايندا هئا۔۔۔ تڏهن جيڪو سوچيندو هيس هڪ ڊائري تي لکندو هيس۔۔۔ ٻيهر پڙهڻ تي خبر پوندي هئي ته بظاهر اهي خاموش منظر جڏهن لفظن سان چٽجن ته ڪيترو نه ڳالهائيندڙ لڳندا آهن۔۔

    مطلب ته دوستو اهي اندر جا احساس لفظن سان ظاهر ڪرڻ به سمجهو ڪي سمجهن۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ بي لفظ ملاقات

    اسان روزانو، هر گهڙي ڪيئي منظر ڏسون ٿا، ڪيئي واقعا ڏسون ٿا پر انهن کي اهڙي انداز سان پيش ڪرڻ جيئن درويش پيش ڪيو آهي گهٽ ماڻهن کي اهو انداز ايندو آهي۔ تمام سٺي نموني احساسن کي بيان ڪيو ويو آهي ۔۔۔۔

    ڪڏهن ڪڏهن اهي لفظ، اهي فسانا ۽ ڪيفيتون حقيقت به بڻجي ويندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو