جيڏو تنهنجو نان

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙو ڇوڪر پنهنجي ماءُ سان گڏجي دڪان تي ويو. دڪاندار ٻار کي ڏٺو ۽ کٽمٺڙن سان ڀريل پيالي طرف اشارو ڪندي چيو، پيارا نينگر! تون ڪجهه کٽمٺڙا کڻ“ پر ٻار اهي نه کنيا.

    دڪاندار کي عجب لڳو ۽ سوچيندو رهيو ته آخر هي ٻار کٽمٺڙا ڇونه ٿو کڻي؟ ٻيهر چيائين ” پيارا پٽڙا، هي کٽمٺڙا کڻ“ ڀرسان بيٺل سندس ماءُ جو ڌيان ويو ته پٽ کي چيائين ته ” تون چاهين ته ڪجهه کٽمٺڙا کڻي سگهين ٿو“ پر وري به هُن نه کنيا.

    جڏهن دڪاندار کي اها پڪ ٿي ته ” ٻار پاڻ ڪون کڻندو ته هن پاڻ مٺ ڀري کيس ڏنا، ٻار خوش ٿي ويو ۽ ٻُڪ اڳتي ڪيائين سندس ٻئي هٿ ڀرجي ويا.

    جڏهن گهر واپس وڃي رهيا هيا ته ماءُ پڇيس، ” پٽ تو ن کٽمٺڙا پاڻ ڇو نه ٿي کنيا جڏهن دڪاندار توکي صلاح پيو ڪري؟“

    پٽ جواب ڏنو، ” امي، منهنجا هٿ تمام ننڍڙا آهن، آءُ پاڻ کڻان هان ته ٻه کٽمٺڙا به نه کڻي سگهان هان ۽ هاڻ ڏس ته منهنجا ٻئي هٿ ڀرجي ويا آهن“
    ++++++++++++++
    اخلاقي سبق؛
    انسان جڏهن پاڻ هن دنيا مان ڪجهه کڻڻ چاهي ته تمام گهٽ کڻي سگهندو پر جي الله تي ڀروسو ڪندو ته هن جا هٿ اسانجي سوچ کان تمام وڏا آهن.
    ++++++++++++++
    هڪ ڳالهه ته؛
    محنت ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۽ رزق حلال جي تلاش ڪرڻ انسان تي واجب آهي، الله تي توڪل ڪرڻ جڳائي پر اول محنت ۽ احتياط ڪرڻ پڻ ضروري آهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته؛
    انسان کي جڏهن حرام ۽ حلال ۾ تميز ڪرڻي پئجي وڃي ته ان وقت اها حالت هوندي آهي ته انسان الله تي ڀروسو ڪري حرام کان پاسو ڪري بيشڪ اهو ڪيترو به گهڻو ڇونه هجي، ان اميد سان ته رب تعالا حرام جي بدلي تمام سهڻو ۽ گهڻو رزق عطا ڪندو آهي۔
    +++++++++++++
    رب العالمين اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔۔ آمين؛
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيڏو تنهنجو نان

    سائين زبردست سمجهاڻي آهي، رب سائين جا خزانا کٽڻ جا ئي ناهن، جيڪڏهن هو چاهي ته بنا گهريي ئي گهڻو ڪجھ ڏئي سگهي ٿو۔
    الله سائين حلال روزي سڀ کي نصيب ڪري، جيڪو ڏنو اٿائين ان تي مالڪ جا لک شڪرانا۔۔۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جيڏو تنهنجو نان

    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔بهترين ننڍي ڪهاڻي جيڪا پنهنجي اندر تمام وڏو پيغام الله پاڪ تي ڪامل يقين رکڻ جي باري ۾ آهي کي لفظن جي صورت ۾ توهان هن اڳڻ تي ونڍ ڪري هڪ سٺو ۽ وڻندڙ عمل ڪيو آهي۔جنهن به شّخص الله سائين جي ٻاجھ تي يقين رکيو ،ان کي ان جي اوقات کان تمام گهڻو الله سائين فائدو پهچايو۔ ننڍڙي ٻار الله سائين تي توڪل رکي ۽ پاڻ باوجود دوڪاندار ۽ والده جي چوڻ جي کٽمٺڙا نه کنيا ته دوڪاندار پنهنجي هٿن سان هن کي کوڙ سارا کٽمٺڙا ڏنا۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيڏو تنهنجو نان

    ننڍڙي پر سبق آموز ڪهاڻي آهي۔

    انسان پنهنجي رب مان ڪڏهن به نا اميد نه ٿئي ۽ اٻهرائي نه ڪري۔ مالڪ جڏهن چاهيندو آهي ته پنهنجي گنج مان اڻ کُٽ ڏيندو آهي پر صبر جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي۔

    مهربانيون سائين سهڻي ونڊ جون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو