نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙو ڇوڪر پنهنجي ماءُ سان گڏجي دڪان تي ويو. دڪاندار ٻار کي ڏٺو ۽ کٽمٺڙن سان ڀريل پيالي طرف اشارو ڪندي چيو، پيارا نينگر! تون ڪجهه کٽمٺڙا کڻ“ پر ٻار اهي نه کنيا.
دڪاندار کي عجب لڳو ۽ سوچيندو رهيو ته آخر هي ٻار کٽمٺڙا ڇونه ٿو کڻي؟ ٻيهر چيائين ” پيارا پٽڙا، هي کٽمٺڙا کڻ“ ڀرسان بيٺل سندس ماءُ جو ڌيان ويو ته پٽ کي چيائين ته ” تون چاهين ته ڪجهه کٽمٺڙا کڻي سگهين ٿو“ پر وري به هُن نه کنيا.
جڏهن دڪاندار کي اها پڪ ٿي ته ” ٻار پاڻ ڪون کڻندو ته هن پاڻ مٺ ڀري کيس ڏنا، ٻار خوش ٿي ويو ۽ ٻُڪ اڳتي ڪيائين سندس ٻئي هٿ ڀرجي ويا.
جڏهن گهر واپس وڃي رهيا هيا ته ماءُ پڇيس، ” پٽ تو ن کٽمٺڙا پاڻ ڇو نه ٿي کنيا جڏهن دڪاندار توکي صلاح پيو ڪري؟“
پٽ جواب ڏنو، ” امي، منهنجا هٿ تمام ننڍڙا آهن، آءُ پاڻ کڻان هان ته ٻه کٽمٺڙا به نه کڻي سگهان هان ۽ هاڻ ڏس ته منهنجا ٻئي هٿ ڀرجي ويا آهن“
++++++++++++++
اخلاقي سبق؛
انسان جڏهن پاڻ هن دنيا مان ڪجهه کڻڻ چاهي ته تمام گهٽ کڻي سگهندو پر جي الله تي ڀروسو ڪندو ته هن جا هٿ اسانجي سوچ کان تمام وڏا آهن.
++++++++++++++
هڪ ڳالهه ته؛
محنت ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۽ رزق حلال جي تلاش ڪرڻ انسان تي واجب آهي، الله تي توڪل ڪرڻ جڳائي پر اول محنت ۽ احتياط ڪرڻ پڻ ضروري آهي ۔۔۔
ٻي ڳالهه ته؛
انسان کي جڏهن حرام ۽ حلال ۾ تميز ڪرڻي پئجي وڃي ته ان وقت اها حالت هوندي آهي ته انسان الله تي ڀروسو ڪري حرام کان پاسو ڪري بيشڪ اهو ڪيترو به گهڻو ڇونه هجي، ان اميد سان ته رب تعالا حرام جي بدلي تمام سهڻو ۽ گهڻو رزق عطا ڪندو آهي۔
+++++++++++++
رب العالمين اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔۔ آمين؛