
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٻه ڀائر هئا ۔۔ سندن والدين کين ننڍي عمر ۾ هن دنيا ۾ ڇڏي رب راهي ٿي ويا۔۔ زندگي جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ ٻئي ڀائر گڏجي هارپو ڪندا هئا ۽ هر وقت گڏ رهڻ جي ڪندا هئا۔۔ وقت گذرندو رهيو۔۔۔ آهستي آهستي هنن ڪجهه پيسا گڏ ڪري ورتا ۔۔۔ ۽ ننڍي ڀاء جي خواهش تي وڏي ڀاء شادي ڪري ورتي۔۔ جنهن کان پوءِ ننڍي ڀاء وڏي ڀاء کان الڳ ڪمرو تيار ڪيو ۽ الڳ رهڻ لڳو۔۔ پر هارپو گڏ ڪرڻ جي عادت جاري رکي۔۔۔
ٽن سالن اندر ئي وڏي ڀاء کي ٻه گلن جهڙا ٻار ڄاوا۔۔ پر ننڍي اڃان شادي نه ڪئي۔۔۔
هُو روزانو زمين تي گڏ ويندا هئا۔۔ ۽ فصل لهڻ تي هڪ جيترا ٻه حصا کڻندا هئا۔۔ هڪ ڏينهن ننڍي ڀاء کي خيال ٿيو ته اهو مناسب نه آهي ته مان ۽ منهنجو ڀاء فصل مان بلڪل هڪ جيترو حصو کڻون۔۔ مان اڪيلو آهيان جڏهن ته منهنجي ڀاء سان گڏ سندس گهر واري ۽ ٻه ٻار به آهن۔۔ منهنجيون ضرورتون گهٽ آهن پر منهنجي ڀاء جون ضرورتون گهڻيون آهن۔۔ اهو سوچي هن فيصلو ڪيو ته پنهنجي حصي مان روزانو هڪ ان جي ٻوري رات جو لڪي پنهنجي ڀاء جي گهر رکي ايندو۔۔ ۽ هن روزانو ائين ڪرڻ شروع ڪيو۔۔
ساڳي ڏينهن وڏي ڀاء کي به خيال ٿيو ته اهو مناسب نه آهي ته هُو ۽ سندس ڀاء فصل مان بلڪل هڪ جيترو حصو کڻن۔۔ هُو شادي شده آهي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي۔۔۔ سندس خيال رکڻ لاءِ سندس گهرواري آهي ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ سندس ٻار جوان ٿي سندس هٿ ونڊائيندا۔۔ جڏهن ته سندس ننڍو ڀاء اڪيلو آهي، سندس ڪوبه خيال رکندڙ ناهي ۽ کيس شادي سميت ڪافي مسئلن کي سلجهائڻو آهي۔۔۔ ان ڪري ننڍو ڀاء فصل مان وڌيڪ حصي جو حق رکي ٿو۔۔ اهو سوچي وڏي ڀاء به فيصلو ڪيو ته هُو پنهنجي حصي مان روزانو هڪ ان جي ٻوري رات جو لڪي پنهنجي ننڍي ڀاء جي گهر رکي ايندو۔۔ ۽ هن روزانو ائين ڪرڻ شروع ڪيو۔۔۔
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻئي ڀائر حيران ٿيڻ لڳا ته سندن وٽ زخيرو ڪيل اناج ۾ ڪا به گهٽتائي نه پئي اچي۔۔ ۽ اناج جون ٻوريون کٽن نه ٿيون۔۔۔ ٻنهي فيصلو ڪيو ته ان جو سبب جانچجي۔۔۔
هڪ رات اتفاق سان ٻئي ڀائر هڪ ئي وقت پنهنجي پنهنجي گهران ان جون ٻوريون کڻي هڪ ٻئي جي گهر روانا ٿيا۔۔ ۽ رستي ۾ ملي پيا۔۔ ۽ پوءِ هنن کي خبر پئي ته آخر ٿي ڇا رهيو هيو۔۔۔ ٻنهي هڪ ٻئي کي حيرت سان ڏٺو اَن جون ٻوريون لاٿيون ۽ هڪ ٻئي سان چاهت جي اهڙي اظهار تي ڀاڪرين پئجي ويا۔۔۔ کين هڪ ٻئي سان ڪجهه به ڳالهائڻ جي ضرورت نه پئي پر دير تائين سندن ڳلن تان خوشيءَ جا ڳوڙها جاري رهيا۔۔
سبق: پنهنجي ڀاء لاءِ اهو چاهيو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ چاهيو ٿا۔۔۔