اڪثر دوست شڪايت ڪندا رهندا آهن ته جڏهن سنڌ سلامت تي ڪو جواب لکندا آهيو يا ڪو نئون موضوع موڪليندا آهيون ته بجلي جي اچانڪ وڃڻ ڪري سمورو لکيل مواد ضايع ٿي ويندو ۔۔ ان ڪري ڪئي دفعا ساڳي موضوع کي بار بار لکڻو پوندو آهي ۔۔۔ اڪثر دوست ته بد دل ٿي ٻيهر ڪو ڊگهو جواب لکڻ کان ئي ڪترائيندا رهندا آهن۔۔۔
يا وري ڪئي دفعا ائين ٿيندو آهي جو جڏهن موضوع تي لکڻ وقت ڪافي وقت گذري وڃي ۽ پوءِ جڏهن نئون موضوع موڪليو بٽڻ تي يا ترت جواب ڏيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪبو آهي ته سنڌ سلامت طرفان پيغام ملندو آهي ته توهان کي ٻيهر لاگ ان ٿيڻو پوندو۔۔۔ يا وري پني کي ريفريش ڪرڻو پوندو۔۔ جنهن سان لکيل سمورو مواد ضايع ٿي ويندو آهي۔۔۔
اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪثر دوست ايم بي سنڌي پروگرام ذريعي مائڪروسافٽ ورڊ تي لکندا ۽ محفوظ ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي موڪليندا آهن۔۔ يا وري ڪافي دوست سنڌ سلامت تي لکڻ کان پوءِ موڪلڻ کان اڳ لکائي کي سليڪٽ ڪري ڪاپي ڪري وٺندا آهن۔۔۔
ان باوجود به لکيل ٽيڪسٽ ضايع ٿيڻ جو هر وقت خطرو کين رهندو ئي آهي۔۔۔
آ ڪافي عرصي کان ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جستجو ۾ هيس ۔۔ ۽ وي بليٽن جي آفيشل اسٽاف سان پڻ رجوع ڪندو رهيم جن هڪ اضافي اسڪرپٽ پئسن سان خريد ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻ جو مشورو ڏنو۔۔۔ پر جڏهن ان کي لڳائي تجربو ڪيو ته خبر پئي ته ان اسڪرپٽ ۾ يونيڪوڊ يا ائين کڻي سمجهو ته سنڌي سپورٽ موجود نه هئي۔۔۔
آخر مسلسل ڳولا کان پوءِ هڪ بهتر ۽ مفت وارو حل ملي ويو۔۔ Lazarus Form Recovery نالي هي ننڍڙو ٽول انتهائي ڪار آمد ۽ مڪمل سپورٽ ڪندڙ آهي۔۔۔ جنهن کي ڪافي ڏينهن کان وٺي مون مسلسل تجربي هيٺ رکيو ۽ آخرڪار هن جي سمورين خوبين سميت هن کي انتهائي فائديمند ڏٺم۔۔ جنهن کان پوءِ دوستن اڳيان متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيم۔۔
هاڻي توهان جيتري دير چاهيو سنڌ سلامت تي جي پيڊ تي لکو توهان جا رايا، جواب ۽ موضوع ضايع نه ٿيندا۔۔۔ بيشڪ بجلي هلي وڃي يا وري توهان بي خيالي ۾ لاگ آئوٽ ٿي وڃو يا وري غلطي سان موضوع يا جواب موڪلڻ کان اڳ ئي برائوزر ٽيب بند ڪري ڇڏيو۔۔ ڇو ته Lazarus نالي هي سافٽويئر توهان جي برائوزنگ دوران پس منظر ۾ مسلسل ڪم ڪندو رهندو ۽ جتي به توهان ڪجهه لکندو ان کي تڪڙي نموني پنهنجي ڊيٽابيس ۾ محفوظ ڪندو رهندو۔۔
هيٺ ڏنل تصوير ۾ توهان ڏسندو ته سنڌ سلامت تي نئون موضوع موڪلڻ وقت بلڪل شروع ۾ هڪ خاص نشان تي جڏهن ڪرسر سان ڪلڪ ڪيو ويو ته هڪ فهرست ظاهر ٿي پئي ۽ مون طرفان گذريل وقتن ۾ لکيل سموري مواد کي هڪ ترتيب سان ظاهر ڪري ڏيکاريو ويو۔۔ فهرست ۾ موجود لائينن تي جيئن جيئن مان مائوس جو ڪرسر رکندو ويس ته نه صرف ان جو پري ويو يا مشاهدو نظر ٿي آيو پر ٽيڪسٽ ايريا ۾ اڳ لکيل مواد پاڻ مرادو لکجي ٿي آيو۔۔۔
مٿيون اسڪرين شاٽ گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندي ورتو ويو آهي۔۔ پر توهان هي سافٽويئر فائرفاڪس ۽ سفاري برائوزر تي به آزمائي سگهو ٿا۔۔ جتي مشاهدو ٿورو مختلف ٿي سگهي ٿو۔۔ ان کانسواءِ هن ٽول جي اضافي خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔
توهان طرفان ڪم کي ٻين کي ڏسڻ کان روڪڻ لاءِ پاسورڊ ذريعي پروٽيڪشن ڏيڻ جيڪو باءِ ڊيفالٽ غير فعال هوندو آهي۔۔
هوئن ته هي ٽول هر ان ويب سائيٽ تي ڪم ڪندو جتي ٽيڪسٽ ايريا هجي جهڙوڪ فيس بوڪ، اي ميلز يا بلاگ وغيره پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته هن ٽول کي ڪنهن مخصوص سائيٽ لاءِ بلاڪ به ڪري سگهو ٿا۔۔
۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته ڊيٽابيس ۾ محفوظ ٿيل سموري ٽيڪسٽ کي ختم به ڪري سگهو ٿا۔۔ يا وري توهان جو مطلوبا ٽيڪسٽ فهرست ۾ نه ملڻ جي صورت ۾ ان کي آپشن منجهان ڳولي به سگهو ٿا۔۔
دوستن کي دعوت ڏجي ٿي ته هي قيمتي ايسڪٽينشن پنهنجي برائوزر ۾ ضرورو رکن ته جيئن هر وقت فائدو وٺي سگهجي۔۔۔
گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪن۔۔
فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هي ايڊون ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪن۔۔۔
سفاري برائوزر استعمال ڪندڙ هي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪن۔۔