سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر دوست شڪايت ڪندا رهندا آهن ته جڏهن سنڌ سلامت تي ڪو جواب لکندا آهيو يا ڪو نئون موضوع موڪليندا آهيون ته بجلي جي اچانڪ وڃڻ ڪري سمورو لکيل مواد ضايع ٿي ويندو ۔۔ ان ڪري ڪئي دفعا ساڳي موضوع کي بار بار لکڻو پوندو آهي ۔۔۔ اڪثر دوست ته بد دل ٿي ٻيهر ڪو ڊگهو جواب لکڻ کان ئي ڪترائيندا رهندا آهن۔۔۔
    يا وري ڪئي دفعا ائين ٿيندو آهي جو جڏهن موضوع تي لکڻ وقت ڪافي وقت گذري وڃي ۽ پوءِ جڏهن نئون موضوع موڪليو بٽڻ تي يا ترت جواب ڏيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪبو آهي ته سنڌ سلامت طرفان پيغام ملندو آهي ته توهان کي ٻيهر لاگ ان ٿيڻو پوندو۔۔۔ يا وري پني کي ريفريش ڪرڻو پوندو۔۔ جنهن سان لکيل سمورو مواد ضايع ٿي ويندو آهي۔۔۔
    اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪثر دوست ايم بي سنڌي پروگرام ذريعي مائڪروسافٽ ورڊ تي لکندا ۽ محفوظ ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي موڪليندا آهن۔۔ يا وري ڪافي دوست سنڌ سلامت تي لکڻ کان پوءِ موڪلڻ کان اڳ لکائي کي سليڪٽ ڪري ڪاپي ڪري وٺندا آهن۔۔۔
    ان باوجود به لکيل ٽيڪسٽ ضايع ٿيڻ جو هر وقت خطرو کين رهندو ئي آهي۔۔۔
    آ ڪافي عرصي کان ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جستجو ۾ هيس ۔۔ ۽ وي بليٽن جي آفيشل اسٽاف سان پڻ رجوع ڪندو رهيم جن هڪ اضافي اسڪرپٽ پئسن سان خريد ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻ جو مشورو ڏنو۔۔۔ پر جڏهن ان کي لڳائي تجربو ڪيو ته خبر پئي ته ان اسڪرپٽ ۾ يونيڪوڊ يا ائين کڻي سمجهو ته سنڌي سپورٽ موجود نه هئي۔۔۔
    آخر مسلسل ڳولا کان پوءِ هڪ بهتر ۽ مفت وارو حل ملي ويو۔۔ Lazarus Form Recovery نالي هي ننڍڙو ٽول انتهائي ڪار آمد ۽ مڪمل سپورٽ ڪندڙ آهي۔۔۔ جنهن کي ڪافي ڏينهن کان وٺي مون مسلسل تجربي هيٺ رکيو ۽ آخرڪار هن جي سمورين خوبين سميت هن کي انتهائي فائديمند ڏٺم۔۔ جنهن کان پوءِ دوستن اڳيان متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيم۔۔
    هاڻي توهان جيتري دير چاهيو سنڌ سلامت تي جي پيڊ تي لکو توهان جا رايا، جواب ۽ موضوع ضايع نه ٿيندا۔۔۔ بيشڪ بجلي هلي وڃي يا وري توهان بي خيالي ۾ لاگ آئوٽ ٿي وڃو يا وري غلطي سان موضوع يا جواب موڪلڻ کان اڳ ئي برائوزر ٽيب بند ڪري ڇڏيو۔۔ ڇو ته Lazarus نالي هي سافٽويئر توهان جي برائوزنگ دوران پس منظر ۾ مسلسل ڪم ڪندو رهندو ۽ جتي به توهان ڪجهه لکندو ان کي تڪڙي نموني پنهنجي ڊيٽابيس ۾ محفوظ ڪندو رهندو۔۔
    هيٺ ڏنل تصوير ۾ توهان ڏسندو ته سنڌ سلامت تي نئون موضوع موڪلڻ وقت بلڪل شروع ۾ هڪ خاص نشان تي جڏهن ڪرسر سان ڪلڪ ڪيو ويو ته هڪ فهرست ظاهر ٿي پئي ۽ مون طرفان گذريل وقتن ۾ لکيل سموري مواد کي هڪ ترتيب سان ظاهر ڪري ڏيکاريو ويو۔۔ فهرست ۾ موجود لائينن تي جيئن جيئن مان مائوس جو ڪرسر رکندو ويس ته نه صرف ان جو پري ويو يا مشاهدو نظر ٿي آيو پر ٽيڪسٽ ايريا ۾ اڳ لکيل مواد پاڻ مرادو لکجي ٿي آيو۔۔۔

    [​IMG]

    مٿيون اسڪرين شاٽ گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندي ورتو ويو آهي۔۔ پر توهان هي سافٽويئر فائرفاڪس ۽ سفاري برائوزر تي به آزمائي سگهو ٿا۔۔ جتي مشاهدو ٿورو مختلف ٿي سگهي ٿو۔۔ ان کانسواءِ هن ٽول جي اضافي خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔
    توهان طرفان ڪم کي ٻين کي ڏسڻ کان روڪڻ لاءِ پاسورڊ ذريعي پروٽيڪشن ڏيڻ جيڪو باءِ ڊيفالٽ غير فعال هوندو آهي۔۔

    [​IMG]

    هوئن ته هي ٽول هر ان ويب سائيٽ تي ڪم ڪندو جتي ٽيڪسٽ ايريا هجي جهڙوڪ فيس بوڪ، اي ميلز يا بلاگ وغيره پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته هن ٽول کي ڪنهن مخصوص سائيٽ لاءِ بلاڪ به ڪري سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته ڊيٽابيس ۾ محفوظ ٿيل سموري ٽيڪسٽ کي ختم به ڪري سگهو ٿا۔۔ يا وري توهان جو مطلوبا ٽيڪسٽ فهرست ۾ نه ملڻ جي صورت ۾ ان کي آپشن منجهان ڳولي به سگهو ٿا۔۔

    [​IMG]

    دوستن کي دعوت ڏجي ٿي ته هي قيمتي ايسڪٽينشن پنهنجي برائوزر ۾ ضرورو رکن ته جيئن هر وقت فائدو وٺي سگهجي۔۔۔

    گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ هي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪن۔۔
    فائرفاڪس استعمال ڪندڙ هي ايڊون ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪن۔۔۔
    سفاري برائوزر استعمال ڪندڙ هي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪن۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سائين مهرباني تمام بهترين ٽول آهي ان جي مدد سان ڪافي الجهن دور ٿي وئي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سائين اوهان جي وڏي مهرباني، هي اهو ئي ايڪسٽينيشن آهي جنهن جو مان اوهان کان پوين 6 مهينن کان مطالبو پئي ڪندو آيو آهيان۔
    اوهان جس لهڻي، جو هن انتهائي مفيد پروجيڪٽ تي توجه ڏيندي ۽ پنهنجي مصروفيتن باوجود خيال ۾ رکندي ڪڏهن به نه وساريو۔
    هڪ ڳالھ ته هن ايڪسٽينيشن جو بٽڻ لکائي واري هن سائي ايريا جي لکائي جي پهرين لائن تي شروع شروع ۾ بيٺو آهي، جي ممڪن هجي ته ان کي فونٽ فارميٽ جي بولڊ (بي) بٽڻ سان گڏ لڳائجي ته وڌيڪ واضح طرح نظر ايندو۔
    سائين جادوگر صاحب اوهان جا لک لک ٿورا۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سائين محترم رشيد صاحب، اصل قرب، لک لائق ۔۔۔ اهو ڪم تمام ڀلو ٿيو ۔۔۔ سچ پڇو ته ڪيترائي ڀيرا منهنجا ڪيترائي جواب اڌ ۾ رهي ويا، خاص ڪري سنڌ ۾ هوندي ته لکند لکندي اوچتو بجلي هلي ٿي وئي ته سڄي محنت رائگان ۔۔۔ ڪاوڙ ته ڏاڍا ٿي آيا پر صبر ڪرڻو پوندو هو جو ڪو حل نظر نه ٿي آيو ۔۔

    پر هاڻ اوهانجي ڏسيل هن ونڊ سان اصل بهاري ٿي ويندي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سائين ڙسيد لک ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان اسان لاء وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ لاء جيڪا جدوجهد ڪيو پيا ان تي اوهان کي سلام۔ يقينن مون سميت گهنن ئي دوستن کي اها الجهن رهندي هئي ته ڪٿي بجلي وڃڻ سبب يا ڪنهن ٻئي سبب لکيل مواد ضايع نه ٿي وڃي۔ تنهنڪري جلدي موضوع موڪلي پوء ان ۾ ترميمون ڪندا هئاسين۔

    خير اڄ کان ئي هن ايڪسٽينشن تي ڪم شروع ٿا ڪيون۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سائين ڪم ته ڪارائتو ۽ تمام فائدي مند آھي، پر ڳالھ عاشق کي سمجھ ۾ نه آئي :bounce-grn: :hitwall:
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    سنڌ سلامت فورم لاءِ هي تمام زبردست فيچر آهي۔ هن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ان جي قيمت ان کي ئي خبر هوندي جنهن سان مٿي ڏسيل مسئلا ٿي چڪا هجن، يعني بجلي جي وڃڻ سان مواد ضايع ٿيڻ وغيره۔۔۔ بهرحال ايئن کڻي چئجي ته ادا رشيد هاڻ ڪنهن به دوست کي موضوع موڪلڻ لاءِ ڪو بهانو نه ڪرڻ گهجي۔۔ هههه
     
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,889
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    انهي ڪري مان چوندو آهيان چاٻي پهريان ٺهي هئي تالو بعد ۾ ٺهيو هئو۔ مطلب هر مسئلي جو حل انهي مسئلي کان پهريان موجود هوندو آهي۔۔۔۔۔ سمون صاحب اوهان منهجا فيوريٽ ويب ماسٽر آهيو۔۔۔ زنده آباد ۔۔
     
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,889
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    ڪيئن سمجهه ۾ انيندي۔ عاشق مجبور آ نه هي هي هي۔۔ لول۔۔۔
    ادا وري پڙهو۔۔ ٿورو ڪڙهو۔۔ سمجهه ۾ اچي ويندو۔۔۔
     
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,889
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    *مذاق ڪيم مائينڊ نه ڪجو ۔۔ ادا عاشق۔
     
  11. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ سلامت تي ٽائپنگ دوران ٽائيپ ٿيل مواد جي ضايع ٿيڻ جو خطرو ۔۔ هاڻي ختم

    واهه رشيد صاحب واهه توهان جي ڪوشش سٺي آهي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي پر ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آ ڪوشش ڪبي ضرور انهي مثلي کي حل ڪرڻ لا واهه سائين واهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو