VIP shuttle وي آءِ پي بس

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    VIP shuttle
    وي آءِ پي بس
    [​IMG]

    سنڌ يا وري پاڪستان جي مواصلاتي نظام تي سوچيندي جڏهن دنيا تي نظر ڦيرائجي ٿي ته هڪ عجيب قسم جي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ماڻهون، انڪري اوهان پاڪستان يا وري سنڌ کي دنيا جي ملڪن سان ڀيٽ نه ڪندا ڪريو، ڀلا آسمان ۽ زمين جي ڀيٽ به ٿيندي آهي ڇا؟

    تازو جرمني يا وري يورپ جي مواصلاتي ادارن ۾ انقلاب اچي رهيو آهي ۽ اهڙيون ته شيون ايجاد ٿي رهيون آهن جو انسان کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ... ترقي يافته قومون پنهنجي آرام، آسائش، قومي سهولتن کي وڌائڻ لاءَ جهڙي نموني عمل ڪري رهيو آهن ته انکي اسانجهڙو ماڻهون جادو ئي چئي سگهي ٿو ...
    هن بس کي اوهان پاڻ ڏسو ۽ فيصلو ڪريو ته ڇا اسين اهڙا خواب به ڏسندا آهيون ...؟ جواب يقينن “ نه” ملندو ...

    Lifestyle and business. Mobility for private- and business purposes.
    The viva as a unique feature for prestige and comfort.
    During these times of increasing dynamics, the appreciation for comfort mounts constantly. The generous business lounge armchairs provide recreation during luxury shopping, gala events or simply your next business meeting. The six comfortable and rotating armchairs are equipped with massage function and climate control.
    Enjoy mobility at an interior height of 2,5 meters and get informed about all route relevant information via the integrated information system. Furthermore the interior allows you and your guests to freshen up in the bathroom or take pleasure in a chilled drink from the bar on your way to the next stop.
    Alternatively the adequate conference room setting offers you all the amenities and communication means that you could wish for.
    Business shuttle, family excursion or party- and event transfers: create outstanding events with a unique recognition value.
    As a stabilizing element in between stressful meetings or as a tool that benefits your rank to get you in the mood for the parties of the night: the viva.

    هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪري ان بس کي ڏسي وٺو ... ڏسڻ جا پئسا بلڪل ناهن ... تازو دبئيءِ ۾ ان بس کي متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موجود آهي ...

    وي آ پي بس
    نوٽ ؛ لنڪ تي موجود آپشنز کي سٺي نموني جاچ ڪجو ته سڀ معلومات ملي ويندي ...

    دوستو! اهي سهولتون ڏسي ٿڌو ساهه ڀريو ۽ قومن جي ترقيءَ تي واوووووو ڪري ڇڏجو

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: VIP shuttle وي آءِ پي بس

    سائين توهان جي ڳالهين ۾ ڪو شڪ نه آهي ته زمانو الائي ڪٿي وڃي پهتو آهي پر اسان اڄان تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهيون
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: VIP shuttle وي آءِ پي بس

    سائين پاڪستان کي اهڙن ترقي يافته ملڪن سان ملائڻ اجايو آهي۔۔ پاڻ وٽ اهڙيون سهولتون نه وٺندڙ موجود آهي ۽ نه وري ڏيندڙ۔۔۔
    هڪ دفعي ڪراچي کان حيدرآباد تڪڙو وڃڙو هيو۔۔ ان ڪري جيڪا تڪڙي ڪوچ وڃي پئي چڙهي ويهي رهيم۔۔۔ ڪوچ ڪافي مختلف ٿي لڳي۔۔ پر تڪڙو ئي واپس ورڻ جي چيم جو پوري ڪوچ ۾ اڃان 5 يا 6 ماڻهون ويٺا هئا۔۔ مون سوچيو هن کي ته هلڻ ۾ ڪافي وقت هوندو۔۔ پر ڪنڊڪٽر سيٽ تي ويٺل هڪ منفرد ڪٽ پهريل عورت مون کي روڪي لهڻ جي وجه پڇي ۔۔۔ منهنجي جواب ۾ هن چيو ته ڪوچ هلڻ جو وقت ٿي ويو آهي۔۔
    مان ويهي رهيس ۔۔۔ ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ ڪوچ انهن ئي 5 يا 6 ماڻهن کي کڻي روانو ٿي۔۔ سمورن پيسينجرس کان ٽڪٽ چيڪ ڪئي وئي ۔۔ مون کين ٻڌايو ته تڪڙو چڙهي اچڻ ڪري ٽڪيٽ نه وٺي سگهيس توهان ڪرايو ٻڌايو۔۔ ؟ هنن عام ڪرائي جي بجائي تقريبن ٻيڻو ڪرايو ٻڌائڻ سان گڏ جرماني طور 100 روپيه ايڪسٽرا پڻ لڳايو۔۔
    پر ان سفر جو مون کي افسوس نه ٿيو جو ڪوچ نه صرف فاصلو حيرت انگيز طور تي گهٽ وقت ۾ طئي ڪيو پر پنج مختلف قسم جون اخبارون ۽ ريفريشمنيٽ جو پڻ انتظام ڪيل هيو۔۔۔

    ان کانپوءِ جڏهن مان ڪراچي کان نڪرڻ وقت اهڙي ڪوچ جي پڇا ڪئي ۔۔۔ ٻيهر نه ملي۔۔

    سو سائين هتي اهڙيون سروسز ڪاٿي هلي سگهنديون۔۔۔ باقي توهان جو آندل لنڪ گهمي اصل وڻ وڄي ويا۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: VIP shuttle وي آءِ پي بس

    تمام زبردست فيچر واري بس آهي۔۔ پر اهڙي بس پاڪستان ۾ ملڻ فلحال لا امڪان آهي۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: VIP shuttle وي آءِ پي بس

    واهه سائين زبردست ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مونکي ياد آهي مٿين سروس جنهن جو ذڪر ادا رشيد ڪيو آهي سا پوليس فائونڊيشن پاران شروع ڪئي وئي هئي پر اها جلد ئي بند ٿي وئي۔ ان جو سبب گهاٽي ۾ وڃڻ ئي هو۔

    جڏهن ته اڄڪلهه Daewoo پاران اهڙي سروس هلي رهي آهي ۽ لاهور اسلام آباد ۽ پشاور تائين اها هلي ٿي۔ ڪرايو به ٺيڪ ٺاڪ اٿس۔ پر سروس لاجواب اٿس۔ پر بدقسمتي وري اسان سنڌين جي اها آهي جو سنڌ ۾ هن جا صرف ٽي اسٽاپ آهن۔ حيدرآباد، مورو ۽ سکر ٻي ڪٿي به نه بيهي، تنهنڪري اسان جهڙن کي وري سکر کان واپس خيرپور اچڻو پوندو آهي پر هنن جي سروس تي کين داد ڏيندو آهيان۔

    هت ڪلڪ ڪري اوهان سندن ويبسائيٽ به وزٽ ڪري سگهو ٿا۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: VIP shuttle وي آءِ پي بس

    واهه سائين واهه
    لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو