• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محنت ڪش يونين پورھيت مزدور طرفان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال اڄ پنجين ڏينھن به جاري !

حق موجود

سينيئر رڪن
5th Day 10-02-2012
مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال تي ويٺل ٽنڊو محمد خان شوگر ملز مان جبري برطرف ڪيل 7 پورھيتن محنت ڪش يونين جي 5 عھديدارن سيد نويد علي شاھه، روشن جسڪاڻي، محمد عرس ڀٽي، ۾حمد علي کوکر ۽ انور ملاح جن کي اڄ 5 ڏينھن گذرڻ بعد به انھن جي مل انتظاميه نه ئي ڪنھن چوڊيل نمائندي طرفان سار لڌي وئي اڄ انھن پورھيت مزدورن جي حالت تمام نازڪ ٿي وئي جنھن کان پوءِ کين سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو ويو جنھن تان پورھيت مزدورن جو چوڻ ھيو ته جيستائين اسان کي بحال نٿو ڪيو وڃي اسان جو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي جيستائين اسان جي سسي ۾ ساھه آھي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو اسان مان ڪنھن کي به جاني نقصان پھتو ان جا ذميوار مل انتظاميه خالد اعواڻ ۽ ھتي جا سياسي ڪامورا ھوندا ۽ ٻئي طرف سمورين پارٽين طرفان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته جيستائين انھن پورھيت مزدورن جو مسئلو حل نه ڪيو ويندو تيستائن احتجاج جاري رھندو ھي ۽ سڀاڻي ٽنڊو محمد خان ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي ٽنڊو محمد خان مل تي گھيراء ۽ مل آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو !ـ

1lm6p.jpg
 
Back
Top