سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ ۔۔۔۔ جي ايم سيد

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    سنڌي ادب - ڇو ۽ ڇالاءِ
    جي ايم سيد

    ميرپور بٺورو، ادبي ڪانفرنس 29، 28 جنوري 1956ع ۾ پڙهيل افتتاحي تقرير
    ++++++++++++++

    [JUSTIFY]پيارا ڀائرو! جڏهين به آءٌ سنڌين کي سندين زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو ڏسان ٿو، ته نهايت خوش ٿو ٿيان.

    هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ، خيالن جي ڏي وٺ، جذبن جي اظهار، گذريل واقعن جي بيان ڪرڻ وغيره واسطي هڪ عام ٻولي هوندي آهي.

    اها ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ٿيندي آهي، ليڪن وقت گذرڻ ۽ ملڪي رهاڪن جي ترقي ڪرڻ سان انهيءَ زبان ۾ لفظن، ڪهاڻين، شعرن ۽ پهاڪن وغيره جو هڪ وڏو ذخيرو ڪٺو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪل مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساهت سڏيو وڃي ٿو.

    ساڳئي وطن ۾ رهي، هڪ زبان ڳالهائڻ، ۽ هڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي همجنسيت جو مادو پيدا ٿئي ٿو، جنهنڪري منجھن هڪ قسم جو خاص ڪلچر يا تهذيب ۽ قومي قردار پيدا ٿين ٿا - جن جي بنيادن تي هو قوم بنجيو پون.

    هر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندس ادب ذريعي محفوظ ٿئي ٿو - ڪوبه ماڻهن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کان سواءِ قوم سڏائڻ جي لائق نٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح ڪابه زبان ۽ ڪلچر قوم جي وجود کان علحده رهي نٿا سگھن.

    دنيا جو هر ڪم ضرور ڪنهن نه ڪنهن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آهي. ادب به انهيءَ قانون کان جدا ٿي نٿو سگھي. جيڪڏهين اوهان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيو ٿا، ته ان لاءِ اوهان کي ئي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون.

    هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگھي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزادي کانسواءِ ترقي ڪري نٿي سگھي. ساڳئي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمتن سان وابسته رهي ٿو.

    دنيا ”وِڙهي جيئڻ“ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زنده رهن ٿيون، ۽ ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن. جي قوم جو وجود سلامت آهي، ته ادب به سلامت رهي سگھندو؛ پر جي قوم خطري ۾ آهي، ته پوءِ کڻي سو ادبي ڪانفرسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتاب لکجن، پر ادب بچي ڪين سگھندو. حاڪم جي قلم جي هڪ نوڪ محڪوم جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿي.

    پاڪستان هن وقت ننڍين ۽ وڏين قوميتن لاءِ پاڻ ۾ ”وِڙهي جيئڻ“ جو ميدان ڪارزار بڻيل آهي. ڪي ماڻهو ان ۾ سنڌي قوم جي وجود کي ختم جي درپي آهن. سنڌ جي برسر اقتدار طبقي جي خود مطلبي ۽ ڪمزوريءَ ڪري، هو سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سندن ٻيو وار سنڌ جي ڪلچر، زبان ۽ ادب تي ٿيڻ وارو آهي.

    آئينده سنڌي زبان ۽ ادب کي موت ۽ حياتيءَ جا مقابلا ڪرڻا پوندا. ريڊئي، سينيما، اخبارن ۽ حڪومت جي سرپرستيءَ کي سندن برخلاف ڪتب آندو ويندو. هن وقت ته صرف سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تان لاٿو ويو آهي، ليڪن اڳتي هلي شايد ان جي ذريعي ابتدائي تعليم ڏيڻ کان به سنڌين کي محروم ڪيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ اختيار ڪي برتاءِ جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي.

    اهڙين حالتن هيٺ سنڌي زبان ۽ ادب کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم ڪونه آهي. اوهان جا سياسي ”عيوضي“ سنڌ کي ڌارين جي ماتحت ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. هاڻ اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي - جيڪڏهين اوهان ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيڻ گھرو ٿا، ته اوهان کي ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو.

    منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهيءَ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا:

    1. سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:

    2. سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجھڻ: ۽

    3. سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي اڏڻ:

    سڀ کان پهريان اديبن کي هن مسئلي بابت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو ته آيا سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنيادن تي جدا قوم آهن يا نه؟

    جي سنڌي جدا قوم نه آهن، ته پوءِ سندن جداگانه زبان ۽ ادب هئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

    ان حالت ۾ ساري پاڪستان ملڪ جي زبان ۽ ادب کي گڏي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون؛ ۽ سنڌين جي جدا زبان ۽ ادب کي قائم رکڻ ”قوم“ ۾ انتشار ۽ ڪمزوريءَ جو باعث شمار ڪيو ويندو.

    پر جي اسين سنڌين کي سندين قديم روايات، تاريخي ۽ فطري حقيقتن جي لحاظ کان وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي جدا قوم تسليم ڪنداسون، ته پوءِ سندن اهو بنيادي حق ٿيندو ته پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب جي حفاظت ڪن - ۽ اها ڳالهه به پڌري پيئي آهي ته انهن جي صحيح معنيٰ ۾ حفاظت تيستائين ٿي ڪين سگھندي، جيسيتائين انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي آزادي نصيب نه هوندي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”وڪاڻل گھوڙن جا مُلهه ڪونه چڪائبا آهن“ - ان وانگر، جا قوم پاڻ غلام هوندي، سا پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگھندي!

    ون يونٽ ڪرڻ سان صوبي سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ڪري، ان کي ڪهڙي نموني رکيو ويو آهي، جنهن ۾ هتي جا رهاڪو ڀر واري صوبي جا تابع ٿي چڪا آهن، جنهن صوبي جي رهاڪن جا مفاد اسان جي مفادن کان علحده آهن. موجوده حالت ۾ اسان ڪيڏي به ڪوشش ڪنداسون، پر سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻ مشڪل ڪم آهي. ان جي بچائڻ جو راز سنڌ کي وري جدا صوبي جي حيثيت ۾ آڻڻ منجهه سمايل آهي. هن وقت جنهن صورت ۾ سنڌ ديس جي ڪا جدا هستي ڪانه آهي، ان ڪري سنڌ جو ادب ڪهڙن بنيادن تي قائم ۽ سلامت رکي سگھبو سو منهنجي سمجھ کان ٻاهر آهي.

    ڀائرو، جيڪڏهين سنڌ جي ادب ۽ زبان کي بچائڻو آهي، ته سنڌي ادب جي مقصدن ۾ هڪ ڳالهه داخل ڪرڻ لازمي آهي؛ ۽ اها هي ته عوام ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ منجھن آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ ادب جو لازمي مقصد آهي.

    اسان جو مٿيون طبقو مردار ۽ نڪمو ٿي چڪو آهي. ڪن صاحبن ته حالتن جي بدلجڻ ڪري گھرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪن وري ٻين صوبن مان شاديون ڪرڻ يا سنڱ ڏيڻ کي پسند ڪيو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته آهستي آهستي ٿي انهن ماڻهن جي گھرن مان به سنڌي زبان غائب ٿي ويندي. تنهن ڪري جڏهين به ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻي آهي، ته پوءِ اسان جا شعر، مضمون، افسانا ۽ ڪتاب سمورا حب الوطنيءِ ۽ قومي غيرت جي جذبي سان ضرور ڀرپور هئڻ گھرجن.

    هاڻ اسان جو توجھ سنڌي ادب کي عشقيه مضمونن جي عيوض، ان جي بلاغت ۽ فصاحت، قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي ۽ قوم مٿان پروانه وار قربانيءَ جي ڳالهين ڏانهن هئڻ گھرجي. زنده قومن جي ادب ۾ روح ۽زندگي ٿئي؛ مرده ۽ پست پيل قومن جي ادب مرثيه خواني، دنيا جي فاني هجڻ، آخرت جي قصن ۽ محض درد، فراق ۽ معشوق جي ساراهه سان ڀريل ٿئي ٿو.

    تازو آءٌ اڀرندي بنگال مان ٿي آيو آهيان. اتي سياسي بيداري پيدا ٿيڻ ڪري، ادب جي نثر ۽ نظم جو گھڻو حصو قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي، عوام جي ڀلي، هاريءَ ۽ مزور طبقي جي همت افزائيءَ لاءِ صرف ڪيو وڃي ٿو. اتي معشوق جي نازن نخرن، بلبل ۽ گل، چنڊ ۽ تارن جي ساراه وغيره جهڙا موضوع پنهنجا اثر گھڻي قدر وڃائي ويٺا آهن - ائين پيو معلوم ٿيو، ڄڻ هڪ جوان قوم نئون پيغام ساڻ ڪري صفحهء هستي تي ظاهر ٿي رهي آهي. اسان کي انهيءَ مان سبق وٺڻ گھرجي. هنن جا مسئلا گھڻي قدر اسان جي مسئلن جھڙا آهن. هنن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، نئين حڪومت طاقت ۾ آندي، ته انهي کي ڊسمس ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ۽ ملڪي ڪارڪنن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جڏهين اتي جا عيوضي پاڻ ۾ لڙي مرڪزي حڪام جي تابع ٿيا، ته کين وري طاقت ۾ آندو ويو. بنگال سان ٻولي، اقتصادي مفاد، نوڪرين وغيره ۾ ماٽي جي ماءُ واري برتاءُ ورتو ويو آهي. پر هاڻ هو سجاڳ ٿيا آهن. گھڻو وقت هو پنهنجي قومي بيعزتي برداشت نه ڪري سگهندا. هاڻ اوهان جو وارو آهي، اسان سان ڪافي بي انصافيون ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي وجود کي ختم ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ ٻوساٽيو ويو آهي. سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نون براجن جي زمينن تي ٻاهرين جي ڪالونين بنائڻ جا سانباها آهن. سنڌ جي تعمير جي جملي نين تجويزن کي بند ڪيو ويو آهي. نوڪرين، واپار ۽ ڪارخانن ۾ سنڌين سان ماٽي جي ماءُ وارو برتاءُ اختيار ڪيو ويو آهي. اوهان جا سياسي عيوضي قومي غيرت وڃائي، طوق غلامي پائڻ لاءِ رضامند ٿي چڪا آهن. هاڻ اديبن تي ڇڏيل آهي، ته قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪري، منجھن آزاديءَ جو امر جذبو پيدا ڪن.

    تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ميان عبدالڪريم گدائيءَ جا چند بيت نظر مان گذريم، جي پڙهي نهايت خوشي ٿيم. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هتي به شاعرن ان طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. پر حقيقي خوشي تڏهين ٿينديم، جڏهين سنڌيءَ جو هر شعر ۽ هر مضمون ۽ افسانو انهيءَ جذبي سان لکيل ڏسان.

    هن وقت سنڌي ڪلچر ۽ زبان واقعي خطري جي گھيري هيٺ آيل آهن. انهن جي بچائڻ جو راز ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اسان پنهنجي ادب کي قومي خودشناسيءَ، آزاديءَ جي جذبي، فردن جي قوم لاءِ قربانيءَ، ڪلچر ۽ زبان جي ذخيري سان ڀري ڇڏيون.

    اسان جي سنڌي زبان ۽ ڪلچر چئن هزارن ورهين جي روايات جا حامل آهن. سنڌي زبان انڊو آرين زبانن جي نسل ۾ خاص اهميت رکي ٿي. اها سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ آهي. اڄ ڪي ڪم فهم ماڻهو اڙدؤ جهڙي بي وطن ۽ بي قوم زبان جي ڄار ۾ ڦاسي، پنهنجي زبان جي اهميت کي وساري رهيا آهن. انهيءَ مرض کان انهن کي بچائڻو پوندو - پنهنجي ماڻهن کي ”سون تي به سيڻ نه مٽڻ“ جو سبق سيکارڻو آهي؛ هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن!

    اسان کي پنهنجي ۽ پرائي جي تميز ڌارڻي آهي، ۽ ٻين جي محلن، زربفتن، سترڇي طعامن کان پنهنجي جھوپڙين، کٿن ۽ لوين، ڏٿ ۽ پيرن کي وڌيڪ سمجھڻ جي تعليم ڏيڻي آهي.

    اها ڳالهه ڪنهن کان مخفي نه آهي ته ڪي ماڻهو سنڌي زبان کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي اڙدو زبان کي رائج ڪرڻ گھرن ٿا. اهي هينئر سنڌي زبان ۽ ڪلچر تي مسخريون ڪري رهيا آهن. ڪي ته منجھانئن ايتري قدر جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ظاهر ظهور چيو ڏين ته ”خود پاڪستان به انهيءَ مقصد خاطر ٺاهيو ويو هو: جي اهو مقصد حاصل نه ٿيو پوءِ پاڪستان ڪهڙي ڪم جو ٿيندو؟“

    تنهنڪري اڙدو سنڌيءَ جي پهاڄ بنجي چڪي آهي. سنڌيءَ ۾ مثال مشهور آهي ته ”ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾“: ٻنهي ٻولين جي محبت هڪ دل ۾ رکڻ بيڪار آهي. اسان کي سنڌيءَ جي زور وٺائڻ جي قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو - ڪتابن جي ذخيري، شعر، اخبارن، سينما ۽ راڳ جي جملي ذريعن کي ان جي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب آڻڻو آهي. سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تي آڻڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻي آهي.

    ڀارت ۾ لڏي ويل هندن جي سنڌيءَ لاءِ جدوجھد مان اسان کي سبق وٺڻ گھرجي اسان کي پنهنجي گذشته تاريخ، مان سبق وٺڻ گھرجي. هڪ وقت جڏهن ملن ۽ مولوين مذهب کي تنگ دائري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ته سوين صوفي ۽ شاعر نڪري نروار ٿيا، جن هزارها ڪلام مذهبي تنگ دليءَ جي برخلاف چيا، ۽ هر هنڌ راڳ جي مجلسن ۾ انهن ڪلامن کي ڳارايو ويو، سوين سيلاني فقير ۽ راڳيندڙ پيدا ڪيا ويا. جن گھٽين، بازارين ۽ مجلسن ۾ انهن کي ڳائي، سندس تعليم جو پرچار ڪيو. اسان کي به نئين قسم جا شعر مجلسن ۾ ڳلائڻ لاءِ فقيرن ۽ راڳيندڙن کي سيکارڻ گھرجن. سنڌي فلم، رڪارڊ وغيره ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گھرجن؛ سنڌي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن کي زياده پڙهجي. جيسين تائين اسين اهو جذبو نه رکنداسون، ان وقت تائين نه اسان اديبن جي قدر ٿيندو، نه راڳيندڙن جي همت افزائي ٿيندي، نه قومي غيرت ئي اسان جي دلين ۾ پختي ٿيندي.

    اڄ ڪلهه پاڪستان ۾، قوميت جي ٽن نظرين ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهو موجود آهن. هڪ نظريي وارا پاڪستان جي جملي مسلمانن کي اعتماد جي بنياد تي جدا قوم ٿا مڃين؛ ٻيا وري پاڪستان جي جمله رهاڪن کي بنا تميز مذهب جي هڪ يڪي پاڪستاني قوم مڃڻ جا حامي آهن؛ ٽيا وري اهي آهن جي وري وطن، قوم، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي پاڪستان کي بنگالي، سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي قومن جو وطن سمجھن ٿا. انهن ٽنهي نظرين ۾ اعتماد رکندڙن حضرات کي پنهنجا جدا فلسفا، دليل ۽ رايا آهن، ۽ منجهائين هر هڪ پنهنجي پنهنجي نظريي جي ثبوت ۾ ڪافي ڪتاب لکيا. ادب کي، اسان جي اديبن ۽ عالمن کي به انهن ڳالهين بنسبت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي، اسلام ليگ، علامه اقبال ۽ ڪيترن پنجاب ۽ يو پيءَ جي حضرات جي ڪتابن ۽ مضمونن جي سموري ڪوشش ادب کي پهرئين نظريي جي رنگ ۾ رڱڻ طرف رڌل آهي؛ ”اسلام“ ، ”پاڪستان“ ۽ ”مسلمان قوم“ جي حربن کي هو پنهنجي جدوجھد ۾ استعمال ڪن ٿا.

    سنڌي قوم، ان جي ڪلچر،زبان ۽ ادب جا سوال ساڳئي وقت مٿئين قسم جي تعليم سان گڏ هلي ڪونه سگھندا. جيڪڏهين پاڪستان جي مسلمانن کي هڪ قوم ڪري قبول ڪبو، ته پوءِ انهن جي ڪلچر، زبان ۽ ادب به هڪ ئي ڪرڻو پوندو. جي سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻو آهي، ته سنڌين جي جداگانه قوميت جي اصول کي مڃڻو ئي پوندو.

    مٿي ذڪر ڪيل جماعتن يا حضرات جي تعليم سنڌي قوميت جي منافي آهي. تنهن ڪري جيڪي ماڻهو سنڌ جا خيرخواهه ٿيڻ گھرن ٿا، تن کي اهڙين جماعتن ۽ حضرات جي جذباتي ڳالهين جي ڌوڪي کان خبردار رهڻو پوندو. سنڌين کي اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ گھڻو ڌوڪو ڏنو ويو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻو پوندو - ان کي اهڙيءَ هر ڳالهه کان پاسو رکڻو پوندو، جا اسان کي سنڌ جي محبت کان دور ڪري.

    سنڌي شعر تي تصوف، درد، فراق، مرثيه خواني، گل و بلبل جهڙا موضوع ۽ طرز بيان گھڻو حاوي آهن. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ ڪمزوري، بزدلي، گوشه نشيني، عياشي، تقليد ۽ نقاليءَ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون. هاڻ وقت آيو آهي ته ماڻهن کي بهادري، سرفروشي، آزاديءَ جي جذبي، قرباني۽ قومي غيرت جي تعليم ڏني وڃي. انڪري اوهان کي سنڌي ادب کي انهيءَ رنگ ۾ رڱڻو آهي. منهنجي دعا آهي ته اوهان اديب ۽ شاعر اسان جي يعني سنڌ جي مستقبل کي درست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو!

    انهي لفظن سان هن ڪانفرنس جو افتتاح ٿو ڪريان!

    دوست نظر پياسيءَ جي ٿورن سان
    [/JUSTIFY]
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ ۔۔۔۔ جي ايم سيد


    ادا ابڙا صاحب توهان سنڌ جي عظيم هستي سائين محترم جي ايم سيد صاحب جو مضمون مقالو يا تقرير پيش ڪئيجنهن لاء توهان جي مهرباني ، ادا ابڙا صاحب سائين جي لکڻي مان اهيو محسوس ٿيندو آهي ته سائين ڪنهن وڏي يونيورسٽي مان ڪا وڏي ڊگري ماڻيل عالم اديب آهن۔۔۔ ، شايد سنڌ جو هي واحد سياستدان آهي جيڪو ايڏو وڏو سياستدان به آهي ته هڪ وڏو عالم اديب مدبر ۽ مفڪر پڻ آهي، منهنجي خيال ۾ مون کي ته ڪو اهڙو سنڌ جو سياستدان ڪونه ٿو سجهي جيڪو سائين جي ايم سيد صاحب جيترو مطالعو رکندو هجي، ۽ سيد جيترا مختلف عنوانن تي ڪتاب لکيا هجن۔ ادا سائين ون يونٽ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي اهيا هڪ حقيقت آهي ته ون يونٽ مهل سنڌ ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي ادب سان تمام وڏي نا انصافي ڪئي وئي هئي،۽ ان وقت ۾ سنڌ جو نالو وٺڻ به عذاب کان گهٽ نه هو بقول شيخ اياز ته سنڌڙي تنهنجو نانء ورتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو جڏهن ته سنڌ ڪو هڪ شهر يا پاڙو يا ڪا ننڍڙي رياست ڪا نه هئي جو هن کي بندوق جي نوڪ تي سنڌ کان پنهنجي سڃاڻپ کسي ڪري گريٽر پنجاب بنايو ويو هو، (جنهن جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب کي تمام گهڻو نقصان پهتو جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ثٿئي ٿو، جيڪا پنج ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڳالهائي ۽ سمجھي سگھن ٿا، ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، جنھن کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا آثار5000 سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان مليا آھن.جنهن تي مختلف ڪتابن ۾ تمام گهڻو بحث ٿيل آهي ) ياد رهي ته سنڌ هڪ الڳ وطن رهي چڪي آهي پر 1845ع ۾ برطانوي فوج ۽ سنڌ جي مير حڪمرانن درميان دٻي جي مقام تي جنگ لڳي، جيڪا مير حڪمران هارائي ويٺا ۽ سنڌ پنهنجي آزاد ملڪ واري حيثيت وڃائي انگريزن جي حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. ٻين عالمي جنگ جي اختتام کان ٿورو ئي پوءِ برطانوي سرڪار 1947ع ڌاري سنڌ وطن کي هڪ آزاد ديس جي حيثيت ۾ ڇڏڻ بدران پاڪستان جي بيٺڪ بنائي ڇڏيوهاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي. برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترا ئي حصا هندستان سان ملايا ويا. ڪجھه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته ڪجھه حصا وري راجستان سان۔۽ سنڌ سان نه صرف ون يونٽ جي نالي تي پر سنڌ کي هر گهڙي ڪنهن نه ڪنهن بهاني لٽيو ڦريو ويو آهي، جنهن ۾ مان ته ائين چوندس ته مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾۔
    ادا ادا سائين سيد صاحب تمام وڏا عالم اديب مفڪر ۽ مدبر آهن ان سان ڪو به اختلاف ڪونهي مگر ادا سائين جيئن سائين لکيو آهي ته سنڌي شعر تي تصوف، درد، فراق، مرثيه خواني، گل و بلبل جهڙا موضوع ۽ طرز بيان گھڻو حاوي آهن. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ ڪمزوري، بزدلي، گوشه نشيني، عياشي، تقليد ۽ نقاليءَ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون. سو ادا اهيو شايد سائين جو پنهنجو خيال يا نقطه نظر آهي ۽ هر ماڻهون کي اهيو حق آهي ته پنهنجو خيال ِايا سوچ رکي، پر ادا نثار ابڙا صاحب سائين جي هيڏي وڏي عالم اديب مفڪر ۽ مدبر هجڻ جي باوجود ان ڳالهه سان مون وانگر شايد هر ماڻهون اتفاق نه ڪري، ڇو جو ادا ابڙا صاحب نه صرف سنڌي ادب پر دنيا جي هر ادب ۾ درد فيراق ۽ روحانيت جو اثر رهيو آهي پوء اهو ادب ڇو نه انگريزي ادب هجي يا فارسي ادب، ۽ توهان اهيو به ڄاڻو ٿا ته انگريزي ادب کي شايد دنيا ۾ گهڻو پڙهيو وڃي ٿو جڏهن ته ان تي به فارسي ادب جو ڪنهن حد تائين اثر رهيو آهي ، ۽ فارسي ادب ۾ اهي تمام شيون موجود آهن جنهن جو سائين ذڪر ڪيو آهي،
    ابڙا صاحب توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته توحيد توڙي تصوف ڪڏهن به انسان کي بزدل ڪمزور ناهي بڻائيندو۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان ٻين خطي جي تصوف وارن شاعرن کي ته ڇڏيوتوهان صرف سنڌ جي تصوف وارن شاعرن جو ذڪرکڻون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    پهرين مثال ٿا ڏيون سنڌ جي عظيم شاعر شاهه صاحب رح جو ٿا ذڪر ڪريون جنهن جو تقريبن سمورو رسالو تصوف ۽ توحيد سان ڀريو پيو آهي، ۽ هي اهو واحد سنڌ جو شاعر آهي جنهن سرڪاري زبان فارسي کي اهميت نه ڏيندي ۽ وقت جي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪائيندي ٺيٺ سنڌي ۾ شاعري ڪئي، ۽ ان وقت ۾ پنهنجي شاعري رستي غلط ريتن ۽ رسمن جو مقابلو ڪيو، جيڪو ان وقت جي اثر رکندڙن ماڻهن ۽ حڪمرانن کي نه وڻيو جيڪي هن جي جان جا دشمن ٿئي بيهي رهيا جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو
    نمبر ٻه مّخدوم محمد هاشم ٺٽور رح جيڪو پڻ هڪ بيباڪ بهادر ۽ بي خوف عالم هو جنهن ان وقت جي غلط ريتن ۽ رسمن جو پڻ بهادري سان مقابلو ڪيو، ان کانپوء توهان نالو وٺو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رح، يا وري صوفي شاهه عنايت صاحب رح جو، جنهن حق ۽ سچ لاء سر تري تي رکي جهاد ڪيو، مگر ناحق ۽ ڪوڙ سامهون ڪڏهن به نه جهڪيه، تنهنکان پوء نالو ٿا وٺون پير صاحب وڏي پاڳاري جو جيڪو پڻ روحانيت جو پيروڪار هو ۽ تصوف سان گهرو تعلق رکندڙ شصيت هئي، جنهن سنڌ جي ۽ اسلام جي دشمن انگريز سان جنگ جوٽي سر ته ڪٽايو مگر ان اڳيان ڪڏهن سر جهڪايو نه، تنهن کانپوء ٿا اچون حضرت تاج محمد امروٽي ڙح ۽ حضرت مولانه عبيدالله سنڌي ڙح طرف جيڪي پڻ تصوف جا شاگرد ۽ مڃيندڙ هئا جنهن پڻ تنهن وقت جي لٺ سردار انگريز سرڪار سان جهاد ڪيو پر پوئتي نه هٽيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا توهان اهڙين ( تصوف جي مڃيندڙن کي ) بزدل عياش ۽ ڪمزور سڏيندو ؟۔۔۔۔ باقي ادا جيئن پرو چانڊيو ڌاڙيل جي آڙ ۾ ٻيا ڌاڙيل ڦر ڪري ويندا هئا ۽ بدنام پرو ٿيندو هو اهڙي ريت ڪجهه پيٽو حرام جي ڪمائي کائڻ وارا هڏ حرام (جنهن لاء شاهه صاحب چيو آهي ته ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي ) پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاء ڪوڙا ڌنڌا ڄمايو ويٺا آهن۔ باقي تصوف ڪڏهن به ڪنهن کي بزدل ڪمزور عياش ۽ هڏ حرام ناهي بڻائيندو۔
    نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جھان ۾،ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ان ري. (شاهه)
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ ۔۔۔۔ جي ايم سيد

    ادا ممتاز وگهيا صاحب! بيشڪ هر انسان کي پنهنجي پنهنجي سوچ رکڻ جو پورو پورو حق آهي، اوهانجي صوفي ازم جي حمايت سان سهمت ٿيندي اهو چئبو ته سنڌ ۾ صوفي ازم تي سڀ کان وڌيڪ لکڻ وارو ۽ اسانجي دور جو سڀ کان وڏو داعي به شايد جي ايم سيد ئي هو …. باقي اوهان هڪ لفظ ۾ اٽڪي نه بيهو ان جي پوري پسمنظر ۽ پاڪستان جي ان دور جي منظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪريو ….

    مٿيون تقرير جو ٽڪرو مون سائين جي ايم سيد جي ڪيل تقرير مان ورتو آهي جيڪو هن 1957 ۾ چيو هو … جڏهن اڃان پاڪستان کي وجود ۾ ايندي 10 سال ٿيا هيا ….

    هي اهو وقت هو جنهن ۾ ڊوگرا راڄ اوڀر پاڪستان ۾ ۽ بعد ۾ (1954/55) اولهه پاڪستان کي ملائي ون يونٽ قائم ڪري پاڪستان جي سڀني قومن جي وجود جو انڪار ڪيو ، ان وقت بنگلاديش سميت سموري قوميتن جي ڏاهن قومن کي جاڳائي ان قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ جي عملي جدوجهد شروع ڪري ڏني هئي …. هي اهو وقت هو جڏهن اڃان مسلمان قوم جو نشو تازو ۽ توانو هو …

    ان زماني ۾ جي ايم سيد سميت ٻيا ڏاها سنڌ ۾ عملي جدوجهد شروع ڪري چڪا هئا ۽ اهو دور قوم کي مزارن، مئخانن، عشق، محبت ۽ گل و بلبل جي راڳن مان ٻاهر آڻي عملي جدوجهد ۾ شامل ڪرائڻ جو هو … جنهن ۾ اديبن کي پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو ۽ تاريخ شاهد آهي ته ان وقت جي اديبن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قومي جاڳرتا ۾ پاڻ ملهايو هو …. بلڪ هي اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي اديب، سياستدان، سنڌي شاگرد ۽ هر طبقي (سواءِ مذهبي ڪٽرپڻي) پاڻ ملهائي سنڌي قوم کي جاڳرتا ڏئي، سنڌ جي مالڪيءَ لاءِ تيار ٿيو هو …

    ان دور جي ضرورت هئي ته هر نظريي کي پوئتي اڇلائي صرف قومي جذبي کي اڳتي آندو وڃي ، ۽ هن وقت به سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جا ڄار مضبوط ڪسجي رهيا اهن … هن وقت به سنڌي اديب کي قوم جي سجاڳي ۽ قوم جي رهنمائي ڪرڻ جهڙو فرض نڀائڻو آهي … اهو انڪري ته قلم جي طاقت تمام سگهاري هوندي آهي ۽ هن وقت بجاءِ چپن، چمين ۽ سهڻين عورتن جون تصويرون لڳائي، عشق و محبت جا غزل ڳائي قوم کي، جنسي خواهشن جي پويان لڳائڻ ۽ تصوراتي ننڊ ڪرائڻ جي جاڳائڻ جي ضرورت پيش آئي آهي ... مون ان تناظر ۾ مٿيون جملو ڪوڊ ڪيو آهي .... جي اوهانکي غلط لڳو ته معاف ڪجو ...

    ان ڳالهه جيئان جو جتان اوهان ڏسو ٿا ته اڌ گلاس خالي آهي ۽ جتان مان ڏسانٿو ته اڌ گلاس ڀريل آهي ... ممڪن اسين ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح هجون ...

    باقي صوفي ازم جي اهميت ۽ صوفي ڪردارن بابت اسانکان وڌيڪ شايد جي ايم سيد ڄاڻندو هو ... اسان ته ان اداري جا ننڍڙا طالبعلم آهيون ...

    اوهان حسب دستور تمام سٺو تفصيلي جواب لکيو ... لک ٿورا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ ۔۔۔۔ جي ايم سيد

    سائين نثار مهربانيون

    سائين جي ايم سيد اهو ماڻهو هو جنهن سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي خطي جي چڱي پرک ٿي رکي۔ سائين جي ايم سيد سنڌ جو محسن رهيو ۽ آخري دم تائين سنڌ سان پنهنجي ااٿاهه پيار ۾ گهٽتائي ڪانه آيس۔ ان ماڻهو جي لازوال تقرير ۽ سهڻنيون ڳالهيون پڙهڻ لاء مليون۔

    ماڻهو اڄ به سيد جي ڳالهين کي پڙهن ٿا پر انهن تي عمل گهٽ ماڻهو ٿا ڪن ۽ اهوئي اسان جي ناڪامي جو هڪ سبب پڻ آهي۔ اسان کي ماضي مان نڪري حال ۾ اچي مستقبل جي رٿه بندي ڪري اڳتو وڌڻو پوندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو