• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسي رُخ ٿياسين ڪلامي پري کان ( دادن فقير )

عرس پريو

سينيئر رڪن
a9pr9c.jpg
[/CENTER][/IMG]

ڏسي رُخ ٿياسين ڪلامي پري کان
ڪئي سون اوهان جي سلامي پري کان
 
پَسي سهڻي صورت اوهان جي اي سهڻا
بنا زر وياسين وڪامي پري کان
 
ڏسڻ منهنجو توڏي سهي ڪين سگهيا
اندر ويو رقيبن جو کامي پري کان
 
جي ويجها اچئون ٿا ته فِتنو اُٿي ٿو
ڏبي تنهنجي در جي غلامي پري کان
 
پري کان سڃاڻي ٿو سڀ ڪنهن کي ”دادن“
آ پڌرو حلالي حرامي پري کان
دادن فقير
 
جواب: ڏسي رُخ ٿياسين ڪلامي پري کان ( دادن فقير )

جي ويجها اچئون ٿا ته فِتنو اُٿي ٿو
ڏبي تنهنجي در جي غلامي پري کان


هل دادن توهان جي شاعري ۽ خيال ۔۔۔۔۔۔

خوبصورت شاعري جي چونڊ تي ادا عرس کي لک شاباسون هجن، ان کان وڌيڪ سندس سهڻي چترڪاري تي کيس داد ڏجي ٿو۔

لگي رهو منا ڀائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڏسي رُخ ٿياسين ڪلامي پري کان ( دادن فقير )

جي ويجها اچئون ٿا ته فِتنو اُٿي ٿو
ڏبي تنهنجي در جي غلامي پري کان


هل دادن توهان جي شاعري ۽ خيال ۔۔۔۔۔۔

خوبصورت شاعري جي چونڊ تي ادا عرس کي لک شاباسون هجن، ان کان وڌيڪ سندس سهڻي چترڪاري تي کيس داد ڏجي ٿو۔

لگي رهو منا ڀائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

دادن جي شاعري ئي اهڙي آهي جو دل ۾ گهر ڪيو وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي چترڪاري ته سکي رهيا آهيون

مهرباني

 
Back
Top