• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڻادريه ميلو يا نمائش ۔۔ سعودي عرب

نثارابڙو

نائب منتظم
دنيان جو سڀ قومون پنهنجي پنهنجي ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ مختلف جتن ڪن ٿيون، جن ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ، ثقافتي ميلا لڳرائڻ ۽ ثقافتي شين کي عام جام ڪرڻ لاءِ انهن جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ.

سعودي عرب جي گاديءَ وري شهر رياض ۾ هر سال موسم بهار ۾ عرب ثقافتي ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ سعودي عرب جي تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل هر شئي کي تمام وڏي اهميت ڏئي ان جي نمائش ڪئي ويندي آهي ۽ تمام پري پري کان ماڻهون ڪهي اچي ان ميلي مان لطف اندوز ٿيندا آهن ...


زنده قومون پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ کي ائين سنڀالينديون آهن جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ابهم ٻار کي سنڀاليندي هجي

هي ڪجهه تصويري جهلڪيون آهن سعودي عرب ۾ لڳندڙ ” جنادريه ميلي جون“ اڄڪلهه اهو ميلو پنهنجي پوري عروج تي هلي رهيو آهي.


http://imageshack.us


http://imageshack.us


http://imageshack.us


http://imageshack.us

 
جواب: جڻادريه ميلو يا نمائش ۔۔ سعودي عرب

اهم معلومات ڏيڻ لاء مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔

قومون پنهنجي ثقافت سان گڏ ثقافتي ڏڻن کي ياد رکندي ان ڏينهن تي خاص ميلن جو اهتمام ڪنديون آهن۔ اهي قومون جيڪي پنهنجي ماي کي نه ٿيون وسارن، پنهنجي قومي هيرن کي ياد ٿيون رکن اهي دنيا ۾ ڪامياب به آهن۔
 
جواب: جڻادريه ميلو يا نمائش ۔۔ سعودي عرب

تازو ڪجهه ڏينهن کان قصص الانبياء تي مشتمل ڪجهه اسلامي موويز ڏٺيون ۔۔ جنهن ۾ عربن جي گذريل دورن جي جهلڪ کي انتهائي خوبصورتي تحت پڪچرائيز ڪيو ويو هو۔۔ جنهن کان پوءِ دنيا جي جديد شهر مڪي مڪرمه ۽ مدينه شريف کي ڏسي سوچيان پيو ته ڪيڏو نه تيزي ۽ تڪڙي انداز سان دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي هنن شهرن اڏاوت جاري آهي جو اسلامي طرزِ ثقافت پڻ متاثر نه ٿي ٿئي ۽ جديد طرزِ تعمير جو ڪيترا نه شاندار نمونا ظاهر پيا ٿين۔۔۔
توهان طرفان عربن جي ميلي جي جهلڪ ۾ سندن شاندار ماضي جو هڪ ننڍو عڪس نظر آيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ان پاڪ ڌرتي پهچڻ جي خواهش انتها تي پهتي ۔۔۔
بيشڪ سندن تاريخ، ثقافت ۽ زبان سان وفا ڪندڙ قومن جو مثال واضح آهي۔۔۔
 
Back
Top