پنهنجي ٻولي جا لفظ ڪتب آڻيون ۔

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ رضوان علي جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2012۔

  1. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    اسان ڏيهاڙي لفظ خوشبوءِ بدبوءِ ۽ بوءِ ڪتب آڻيندا آهيون ۔ جي فارسي ٻولي جا لفظ آهن ۔ پر پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ ڏاڍا وڻندڙ پيارا لفظ آهن ڳَنڌِ سُڳنڌِ ۽ اُڳنڌِ
    ڳنڌ بوءِ سڳنڌ خوشبو ۽ اڳنڌ بدبو
    جي اسين پنهنجي ٻولي جا لفظ ڏيهاڙي جي ونهوار ۾ ڪتب آڻيون ته اسانجا ٻچڙا پنهنجي ٻولي کي نه وساريندا نه ته هوريان هوريان اسانجا اِهي لفظ رڳو ڪتابن ۾ ملندا ( ڌڻي پاڪ ايئن نه ڪري )
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: پنهنجي ٻولي جا لفظ ڪتب آڻيون ۔

    ادا اها بالڪل صحيح سوچ آهي۔ اسان کي روزانو گهٽ ۾گهٽ 5 لفظ اهڙا نوٽ ڪرڻ گهرجن جيڪي اسان ٻين ٻولين جا ڪتب آڻيون ٿا۔ ان کان پوء انهن لفظن کي درست استعمال ڪرڻ جي مشق ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجي ٻولي جا لفظ ڪتب آڻيون ۔

    سائين مهرباني

    اوهان جي تمام سهڻي صلاح۔ اميد ته سڀ دوست ان تي عمل ڪندا۔

    پر ميڊيا جي هن دور ۾ اسان جيڪا ٻولي روزاني جي ڪالمن ۽ خبرن ۾ پڙهون ٿا ان کي ئي استعمال ڪيون ٿا۔ ان ساڳي ڳالهه تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي سيمينار ۾ وڏو بحث ٿيو هو جتي ڪي دوست ان ڳالهه تي بضد هيا ته ٻولين ۾ اها وسعت هجڻ گهرجي ته ٻين ٻولين جا لفظ قبول ڪري۔

    خير اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ لاء عملي ڪم ڪرڻا آهن۔ لک قرب اهڙي سهڻي صلاح ڏيڻ جا
     
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: پنهنجي ٻولي جا لفظ ڪتب آڻيون ۔

    سائين انهي موضوع تي هڪ مضمون اوهان سان ونڊڻ چاهيندس جيڪو ahpalh.wordpress.com تان ڪاپي ڪيو اٿم

    سنڌي ٻولي ۾ ڌاريا لفظ

    اسان جي ٻن اهم شهرن ڪراچي حيدرآباد ۾ ڪي سنڌي ٻارن سان سنڌي ڪونہ پيا ڳالهائِن. پرَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اِنهيءَ کان وڏو جوکو ڌاريا لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڀڃ ڊاه آهي. سائين فرهان شيخَ لکن ٿا تہ نِجُ سنڌي لفظ ڪتب آڻڻ گھرجن جن بدران اخباري ليکڪ ڦيرائي اڙدوُءَ وارا لفظ (يا اُڙدوُءَ واري معنا سان لفظَ) ڪتب پيا آڻين. هيٺين فهرست سندن ڏنل آهي، اِنهيءَ ۾ هڪ اڌ ڦيري گل آغا ڪئي آهي. ٻہ چارَ اڙدوُ جا ڏنلَ لفظ سنڌي ۾ ٻيءَ معنا سان لڳن ٿا، جيئين مِلڻ ”حاصل ڪرڻ، لڀڻ، جزب ٿيڻ“ واريون معنائون رکي ٿو، جڏهن اُڙدوُ مان ”ملنا“ لفظُ گڏجڻ لاءِ پڻ ڪتب اچي.

    آغا گل جي ٿورن سان. سنڌي ٻارن لاءِ

    ENGLISH ــــ اڙدو ــــ سنڌي

    *Daily* ــــ روز ــــ ڏيهاڙي

    *that* ــــ ڪِه ــــ ته

    *Although* ــــ حالانڪه ــــ جيتوڻيڪ

    *If* ــــ اگر ــــ جيڪڏهن

    *Provided* ــــ بشرطيقه ــــ جيڪڏهن

    *Perhaps, may be* ــــ شايد ـــــ متان

    *Pure* ــــ خالص ــــ نِجُ

    *If Only* ــــ ڪاشِ ــــ جيڪر

    *Always* ــــ ھميشه ــــ سدائين

    *At least* ــــ ڪم از ڪم ــــ گھٽ ۾ گھٽ

    *I think, believe* ــــ سمجھان ٿو ــــ ڀائنيان ٿو

    *Talk* ــــ گفتگو ــــ ڳالھ ٻولھ

    *Negotiation* ــــ مذاڪرات ــــ ڳالهيون

    *deficiency* ڪمي ــــ اوڻائي

    *Dearth, shortage* ڪمي ــــ کوٽ، گھٽتائي،اَڻاٺ

    *secret* خفيه، راز ــــ ڳجھو،ڳجھ

    *Blot* ــــ داغ ــــ چُٽو

    *Hold* ــــ پڪڙڻ ــــ جھلڻ

    *Prevent, Stop* ــــ روڪڻ، منع ڪرڻ ــــ جھلڻ

    *Prevention* ــــ روڪ ،پرھيز ــــ جَھلَ

    *Last* ــــ آخري ــــ پويون

    *clear* ــــ واضع ــــ چِٽو

    *exposed* ــــ ظاھر ــــ پڌرو

    *Habit* ــــ عادت ــــ ھَير

    *air* ــــ ھوا ــــ ھِير

    *Bored, fed up* ــــ بيزار ــــ تنگ، بِرُ

    *wisdom* ــــ سمجھ ــــ ساڃھ

    *despair* نراسائي ــــ مايوسي

    *childhood* بچپن ــــ ننڍپڻ

    *Rain* ــــ بارش ــــ مينهن

    *Beginning, start* ــــ شروعات ــــ منڍ

    *end* آخر ــــ پڇاڙي

    *Conclusion, Finish* ــــ ختم پڄاڻي،ڇيھ

    *Result* نتيجو ــــ پاڇي، تت

    *Vicinity, Locality* ــــ محلو ــــ پاڙو

    *Grocery* ــــ ؟؟؟؟ ــــ پسارُ

    *Grocer* ــــ ؟؟؟ ــــ پساري

    *Stuff* ــــ سامان ــــ ٽَپَڙَ

    *Trade* ــــ تجارت ــــ وڻج، واپار

    *Trader* ــــ تاجر ــــ واپاري

    *Merchandise* ــــ سودو، مال ــــ وَکَرُ

    *Merchant* سوداگر ــــ وڻجارو

    *Shop* ــــ دُڪان ــــ هَٽُ

    *profit* ــــ فائدو ــــ لاڀ

    *beneficial* ــــ فائديمند ــــ لاڀائتو

    *Loss* ــــ نقصان ــــ هاڃو،چٽي

    *Harmful* ــــ نقصانڪار ــــ ھاڃيڪار

    *Yield* ــــ پيداوار ــــ اُپت

    *cultivate* ــــ پيدا ڪرڻ ــــ اپائڻ

    Value, Price* ــــ قيمت ــــ مُلُھ

    *wealth* ــــ دولت ــــ ناڻو

    *Surplus, sufficient* ــــ ڪافي،ڪثير ــــ جھَجھو

    *more (than enough)* ــــ زياده ــــ گھڻو

    *Obtain, acquire* ــــ حاصل ڪرڻ ــــ ماڻڻ

    *Estimation* ــــ اندازو، تخمينو ــــ ڪاٿو

    *useful* ــــ ڪارآمد ــــ ڪارائتو

    *Bargain, Haggle* ــــ ??? ــــ رِيڙھ پِيڙھ ڪرڻ

    *Pay* ــــ تنخواھ ــــ پَگھار

    *Need* ــــ ضرورت ــــ گھُرج

    *Needy* ــــ ضرورتمند ــــ گھُرجائو

    *employment * ــــ نوڪري ــــ ڪِرتَ

    *Occupation* ــــ ڪاروبار ــــ ڌنڌو

    *Laborer* ــــ مزدور ــــ پورھيت

    *Work labor* ــــ مزدوري، محنت ــــ پورھيو، ڪارج

    *Partner* ــــ حصيدار ــــ ڀاڱيوار

    *greed* ــــ لالچ ــــ لوڀ

    *Greedy, avaricious* ــــ لالچي ــــ لوڀي

    *mistake* ــــ غلطي ــــ ڀُلَ

    *Guess* ــــ قياس ــــ ٽَلَ، ڌڪو

    *Monopoly* ــــ ???? ــــ هِڪ هَٽي

    *Place* ــــ جڳھ ــــ هَنڌُ، ماڳُ

    *As per* ــــ موجب، مطابق ــــ پٽاندڙ

    *Plot, conspiracy* ــــ چال، سازش ــــ سِٽ

    *Scheme, Plan* ــــ منصوبو، تجويز ــــ رِٿ

    *step* ــــ قدم ــــ اُپاءَ

    *solution* ــــ حَلُ ــــ نبيرو

    *Attack, assault* ــــ حملو ــــ ڪاھ، اُلَرَ

    *victory* ــــ فتح ــــ سوڀ

    *victorious* ــــ فاتح ــــ کَٽڻَھارُ

    *present* ــــ تحفو ــــ سوُکڙيِ

    *about* ــــ تقريبن ــــ لڳُ ڀڳ

    *Additional* ــــ اضافي ــــ واڌو، وڌيڪ

    *Positive* ــــ مثبت ــــ ھاڪاري

    *Breakthrough* ــــ پيشقدمي ــــ اڳڀرائي

    *Party* ــــ جماعت ــــ ٽولي

    *Team* ــــ ؟؟؟ ــــ وَلَر، جٿو

    *warning* ــــ تاڪيد ــــ چتاءُ

    *Freedom* ــــ نجات ــــ ڇوٽڪارو

    *Exempted* ــــ مثتثنا ــــ آجو

    *Involved* ملوث ــــ اڙيل

    Complaint شڪايت، فرياد ــــ دانهن

    Complainant ــــ فريادي ــــ دانُھيندڙ

    Notorious ــــ بدنام ــــ نالي چڙھيو، ڏاٺِيَلُ

    Famous ــــ مشھور ــــ ناليرو، نانوَ چڙهيو، نامي، نالي وارو

    *Remnants, signs* ــــ آثار، علامت اھڃاڻ، ڏَسُ

    *rough treatment* ــــ زيادتي ــــ ڏاڍائي

    *Submit* ــــ اطاعت ڪرڻ ــــ آڻ مڃڻ

    *Approve* ــــ قبول پوڻ ــــ اگھامڻ

    *Submission* ــــ اطاعت ــــ آڻ

    *Confess* ــــ اقرار ڪرڻ ــــ باسڻ

    *Offer, propose* ــــ پيشڪش ڪرڻ ــــ آڇڻ

    *Offering* ــــ نظرانو ــــ ڀَيٽا

    *sacrifice* ــــ قربان ڪرڻ ــــ گھورڻ

    *Freedom* ــــ آزادي ــــ آجپو

    *concern* ــــ فڪر ــــ اونو

    *opinion* ــــ سوچ ــــ ويچار

    *Apprehension* ــــ خدشو ــــ اُڊڪو، سنڪو

    *Anxiety, Fear * ــــ انديشو ــــ اُلڪو

    *Reliance, trust* ــــ ڀروسو ــــ آڌار

    *Current* ــــ موجوده ــــ هلندڙ، هاڻوڪو

    *Forecast, predict* ــــ پيشن گوئي ــــ اڳڪٿي

    *Current Affairs* ــــ حالات حاضره ــــ واءُ سُواءُ

    *Assembly* ــــ مجلس ــــ سَڀا، منڊلي

    *Future* ــــ مستقبل ــــ آئيندو، اَڳنا

    *vanished* ــــ گم ــــ الوپ

    *Ordeal* ــــ درد، مصيبت،عذاب ــــ پيڙا

    *Injuries* ــــ زخم ــــ ڦَٽُ

    *Injured* ــــ زخمي ــــ ڦَٽِيل

    *Exiled* ــــ جلاوطن پَرَواسي

    *Meeting* ــــ ملاقات ــــ گڏجاڻي

    *Meet* ــــ مِلڻ ــــ گڏجڻ

    *congregation* ھجوم ــــ ميڙ، ميڙاڪو

    *conference* ــــ اجلاس ــــ سميلڻ

    *Permission* ــــ اجازت ــــ موڪل

    *Message* ــــ پيغام ــــ نياپو

    *Condemn* ــــ مذمت ڪرڻ ــــ نندائڻ

    *criticism* تنقيد ٽيڪا ٽپڻي، ڇوھ ڇنڊ

    *hunter* ــــ شِڪاري ــــ ماري، آهيڙي

    *Defense* ــــ تحفظ ــــ بچاءُ

    *Control* ــــ ضابطو ــــ وَسُ

    *Serious, complex* ــــ سنجيده ــــ ڳَنڀير

    *Terror* ــــ دھشت ــــ ڏهڪاءُ

    *Terrorist* ــــ دھشتگرد ــــ ڏهڪائيندڙ

    *struggle* ــــ جدوجھد ــــ جاکوڙ، مٿاڪٽ

    *Adventure* ــــ ؟؟؟ ــــ ڏاکڙا

    *Function* ــــ مقصد، مطلب ــــ ڪَارِجُ

    *Resolution* ــــ قرارداد ــــ ٺھراءُ

    *Noise* ــــ شور ــــ هُلُ، گوڙ

    *silence* ــــ چپ ــــ ماٺِ

    *story* ــــ ڪھاڻي ــــ آکاڻي

    *Transparent* ــــ شفاف ــــ نِرمَلُ

    *Unusual, different* ــــ الڳ ــــ نيارو

    *Wanderer, Itinerant* ــــ خانه بدوش ــــ رمتو، رول
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو