هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔ شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔ شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔ ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔ استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“ ”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“ سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔
جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟ ها سائين پر اهو انتظار ۽ ٿڌو ٿيڻ اهو ايڏو سولو ناهي۔ اڄڪلهه هر ڪو جواب ڏيڻ ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿو ڪري ۔۔۔۔ ڪاش سڀ اوهان پاران ونڊ ڪيل هن سبق آموز ڪهاڻي کي پڙهن ۽ سمجهن ۔۔۔۔۔ خوبصورت شيئرنگ
جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟ ڏاهن جون ڳالهيون به ڏاهپ واريون ۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ، ڪاوڙ تي هي به هڪ ڏاهي جو ونڊ آهي ۔۔۔ اميد ته دوستن کي ڪاوڙ جي نوعيت سمجهه ۾ اچي ويندي ۔۔۔ ڪاوڙ يا غصو
جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟ سائين بهترين سبق آموز۔ اوهان جي هن سبق آموز کي اڳتي وڌائيندي آءُ هت ڪجھ گذارش ڪندس: الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. سورت آل عمران آيت 134 آقائي نامدار رسول ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم به شيئر ڪرڻ چاهيندس۔۔ پاڻ ڪريم جن ڪاوڙ يا غصي کان منع فرمائي آهي پاڻ ڪريم جن جي حديث جو مفهوم آهي بخاري شريف جي حديث آهي حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته هڪ شخص پاڻ ڪريم جن کي چيو ته آقا مون کي ڪا نصيحت ڪريو، ته پاڻ ڪريم جن کين فرمايو: ڪاوڙ نه ڪر. امام احمد رحمه الله جن حديث روايت ڪن ٿا ته پاڻ ڪريم جن هي دعاء گهرندا هئا: اي الله مان توکان ڪاوڙ ۽ رضا ٻنهي حالتن ۾ حق ڳالھ ڪرڻ جي دعاء ٿو گهران.