نثارناز
سينيئر رڪن
آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي مشاعرو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾وڏي تعداد ۾ اديبن ڏات ڌڻين شرڪت ڪئي
رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا مهربان سنڌي ڀائرو ۽ ڀينرو السلام عليڪم جيئي سنڌ، نمستي
دوستو طبيعت جي سخت ناسازي جي باوجود ڪالهه آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت واري تقريب ۾ صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي شرڪت ڪري ڪوريج ڪيم، دوستو ڳالهه اها آهي ته ها بلڊ پريشر جي ڪري منهنجي کاٻي ٻانهن معمولي پيرالائيز ٿي پئي آهي ۔خير دعا ڪريو ته الله سائين هر بيماري پريشاني ۽ مشڪل کان بچائي ۔هاڻي پيش آهي مشاعري ۽ ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت

ڪالهه بروز اڱارو تاريخ 14 فيبروري 2012ع تي ناميارا سنڌي شاعره آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب ”رنگن جا اوجاڳا“ جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سنڌ ادبي سنگت حيدرآباد ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڏات ڌڻين اديبن ، شاعرن ۽ فنون لطيف سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شخصيت ۽ ڪتاب رنگن جي اوجاڳا متعلق ڳالهايو، اهم ترين ادبي شخصيتن ۾ نامياري شاعره، آپا مريم مجيدي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي محترم نبي بخش ناز، انعام شيخ، نامياري سنڌي شاعره گل بي بي، آپا زيب نظاماڻي، ڪتاب دنيا سڀ دريا جو ليکڪ حفيظ ڏيرو، ناميارو ليکڪ غلام نبي مغل، ناميارو ڪهاڻيڪار غلام نبي سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽر نثاراحمدناز (راقم الحروف) اسٽيج ٽي وي سان تعلق رکندڙ محمود مغل، کان علاوه سوين عام دوستن شرڪت ڪئي، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري امين لاکو سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ آجياڻو ڏيندي چيو ته آپا مهرالنساءَ لاڙڪ جو هي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا سنڌي ابي سنگت حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ۽ اهو اعزاز به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد کي ئي اهو اعزاز حاصل ٿي ويو جو آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي هن ڪتاب جي مهورت به هو ڪرائي رهيا آهنان موقعي تي ڳالهائيندي هن ڪتاب جي سرجڻهاره آپا مهرالنساءِ لاڙڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن جي هو انتهائي ٿورائتي آهي جو سندس ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ڇپائي پڌرو به انهن ڪيو ته وري اڄ منهنجي ساڳوڻي ڪتاب جي مهورت به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ڪئي. محترما آپا مهرالنساءِ چيو ته اڄ هوءَ تمام گهڻي خوش آهي جو منهنجي لکڻ وارو پورهيو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۽ سڀني معزز مهمانن جي هن مهورت واري تقريب ۾ اچڻ سبب ساڀيان پيو آهي، آپا مهرالنساءِ چيو ته منهنجي شاعري ۽ ڪتاب جي باري ۾ سڀني دوستن منهنجي شاعري کي ساراهيو آهي پر کيس خبر آهي ته ڪافي ساريون غلطيون فني فڪري لحاظ کان ضرور ان ۾ هونديون، آپا مهرالنساءُ وڌيڪ چيو ته سندس مضمونن جو ٻيو ڪتاب به جلدي سنڌي عوام جي هٿن ۾ هوندو.، نامور سنڌي شاعره محترما گل بي بي چيو ته هاڻي اسان جو سنڌي عورتون سُجاڳ ٿي چُڪيون آهن ڪو وقت هوندو هو ته ڪا سنڌي ڇوڪري شاعري جو ڪتاب پڙهندي هُئي تڏهن به ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي هُئي. پر هاڻي آپا مهرالنساءِ کان وٺي انيڪ سنڌي عورتون پنهنجي ڪويتائون لکن پيون ، ۽ ڪتاب مالڪياڻيون آهن ، شاعره گل بي بي ويٺل سنڌي ڀينرن کي چيو ته توهان به جيڪڏهن محنت ڪنديون ته توهان مان ڪا ڀيڻ ڪتاب مالڪياڻي ٿي سگهي ٿي، ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي باري ۾ گل بي بي چيو ته آپا مهرالنساءَ جي ڪتاب رنگن جا اوجا جي هر ڪويتا دل جا تار ڇيڙيندڙ آهي وايون چار سٽا نثراڻي نظم کان وٺي غزل تائين آپا مهرالنساءِ جدت ۽ فڪر جا نت نوان موتي پويا آهن ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ۾ ان کان علاوه محترما گل بي بي پنهنجي مخصوص انداز بيان ۾ آپا مهرالنساءِ جا چند نظم پڙهي ٻُڌايا جنهن تي سموري پنڊال تاڙيون وڄائي نامياري شاعره گل بي بي کي داد ڏنو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمدناز(راقم الحروف ) آپا مهرالنساءِ جي ڪتاب رنگن جي اوجاڳا تي لکيل مقالي ۾ چيو ته :
آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سان سنڌي شاعر جي حيثيت سان ته سُڃاڻپ صدين جي آهي ، مگر مون کيس پهريون ڀيرو ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه منهنجو ٽنڊو محمد خان واري عنوان سان ملهايل فنڪشن ۾ ڏٺو، جيئن ته انهيءَ پروگرام ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان مون پنهنجو هڪڙو غزل پڙهيو هو، غزل پڙهي آئون جڏهن پنهنجي سيٽ تي ويٺس ته آپا مهرالنساء پنهنجو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي اعزازي ڪاپي وڏا وڙ ڪري مون وٽ اچي مونکي ڏني جنهن ۾ هُن منهنجي لاءِ لکيو ته پياري ڀاءُ لاءِ انتهائي خلوص سان ڪتاب رنگن جا اوجاڳا تحفو، مون کيس چيو آپا مان ته هن ڌرتي جو صفا پتڪڙو ۽ ننڍڙو شاعر آهيان آپا اهو ڪتاب توهان ڪنهن وڏي اديب کي ڏيو ته پاڻ چوڻ لڳي ته ادا پاڻ شاعر هن ادبي کيتر واري ٻيڙي ۾ سوار آهيون پاڻ ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪونهي ، اها خبر آهي ته پاڻ شاعر هميشهه پيار ورهائيندا آهيون ڌرتي جا حلالي پُٽ ۽ نياڻيون ٿي سنڌ ڌرتيءَ جون ثنا خوانيون ڪندا آهيون ۽ پاڻ شاعر هڪڙي فيملي هڪڙي خاندان مان هوندا آهيون مون توکي جيڪو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ڏنو آهي بلڪل ٺيڪ ڏنو آهي ۽ بلڪل صحيح هٿن ۾ ڏنو آهي ، مان اٿي بيٺس دل چيو ته عقيدت سان آپا مهرالنساءِ جا هٿ پنهنجي ماءُ سمجهي چمان پر ائين ڪري نه سگهيس هڪ ڀيرو آپا کي ڏٺم ته سندس شڪل ۾ مونکي پنهنجي سڳي جيجل ماءُ جو چهرو نظر آيو، مونکي چڱي طرح ياد پيو اچي ته انهن ڏينهن ۾ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي سنڌي سائٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جنهن جو خوشقسمتي سان آئون سرپرست اعلا آهيان ان طرفان سال 2011ع جو ڪيلينڊر آيل هو اسٽيج تي ويٺل سڀني مهمانن کي اهو ڪيلينڊر تحفي طور ڏنو هو ، جيئن ته آپا مهرالنساءِ انهيءَ فنڪشن مان هڪڙي شاعره ڀيڻ رضيه لغاريءَ سان گڏ آيل هُئي سي جلدي انهي فنڪشن مان هليون ويون هيون آئون جيئن ئي اهي ڪيلنڊر آپا مهرالنساءِ لاءِ کڻي آيس ته آپا واپس پنهنجي ماڳ حيدرآباد وڃي چُڪي هُئي ، ان کانپوءِ اسٽيج تي ويٺل سنڌي جي بهترين ۽ ڏاهي شاعره آپا زيب نظاماڻي صاحبه کان آپا مهرالنساءِ جو نمبر ورتم جنهن مهربانيون ڪري آپا مهرالنساءِ جو نمبر ڏنو مون جڏهن ان نمبر تي ڳالهايو ۽ آپا جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي اعزازي ڪاپي ڏيڻ تي ٿورا مڃڻ لڳس ته آپا پهرين سوال اهو ڪيو ته توهان ڪير پيا ڳالهايو مون پنهنجي نالي ٻُڌائڻ بدران آپا مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه کي چيو ته آپا پهرين ته مان توهان کي ڪونه سُڃاڻندو هُئس پر توهان جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا پڙهڻ کان پوءِ توهان جي خوبصورت شاعري پڙهڻ کانپوءِ توهان جو فين ٿي پيو آهيان پنهنجو نالو آپا کي ڪونه ٻُڌايو پر آپا کي صرف اهو ٻُڌايم ته آپ مان توهان جو فين آهيان، ان کانپوءِ آپا کي حفيظ ڏيري جي ڪتاب دنيا جي سڀ دريا جي مهورت واري موقعي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي واري هال ۾ ڏٺم جنهن ۾ آپا انهي ڪتاب دنيا سڀ درياءَ جي باري ۾ هڪڙو مفصل ليڪچر ڏنو هو، انهي ڪتاب جي جملي تصويري ڪوريج مون پنهنجي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لاءِ ڪئي انهي ڪتاب جي مهورت جو سمورو اکين ڏٺو احوال سنڌي سلامت ڊاٽ ڪام تي تصويرن سميت موجود آهي. هاڻي ٻه ٽي لفظ ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي باري ۾ ڳالهايندس. آپا مهرالنساءَ جي هن ڪتاب جي باري ۾ سنڌ جي نامياري شاعر آپا روبينه ابڙو لکي ٿي ته
1. : هڪ شاعر جي اسلوب ۽ انداز تي هميشه ٽن ڳالهين جو اثر نمايان رهندو آهي. پهريون ماحول ٻيو مطالعو ۽ ٽيون طبيعت :
ماحول ۽ مطالعو ته هميشهه حالتن جي پيداوار پي رهيا آهن جڏهن ته طبيعت صرف ۽ صرف قدرت جي عطا رهي آهي . ان ڪري طبيعت جو لاڙو جنهن طرف هوندو تخيل به اهوئي رنگ جهلڪندي ۽ رقص ڪندي نظر ايندو. شاعري جو اسٽائل ڪڏهن به پاڻ ناهي چونڊبو ته اسان کي ڪلاسڪ ، جديد يا علامتي انداز ۾ کڻڻو آهي پر تخليقڪار کي ان جي سوچ ۽ لوچ جو انداز ئي ان رستي تي وٺي ويندو آهي جنهن کي اسان لکڻيءَ جو انداز چوندا آهيون اهو سڀ لاشعوري هوندو آهي:
صوفياء ڪرام جو چوڻ آهي ته الله تعالى جڏهن روح خلقيا تڏهن انهن روز ازل کان ئي “قالوبلى” وارو واعدو ڪيو هيو ته “ بيشڪ تون اسان جو رب آهين” ۽ اهو ئي رب جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندو آهي ته اُن کي شاعر بنائي ڇڏيندو آهي..
هاڻي خبر ناهي ته ادي مهرالنساءِ کي خُدا جو اهو پيارُ ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرح نصيب ٿيو ۽ ڏات جي ديويءَ کيس پهريون پهريون ڦُول ڪڏهن ڦٽو ڪيو هُيو...
مهرالنساءِ جي شاعريءَ کي آئون احساساتي شاعري چونديس ڇو جوپاڻ ڪوتا جي هار ۾ لفظن ۽ احساسن جا ڦُولَ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پويا اٿائين، لفظن جا ڦُولَ ڪٿي احسان جي اڌ ٽڙيل گُلاب جي مکڙيءَ جيان ته ڪٿي وري آجپي ، امن ۽ پيار ڏانهن واجهائيندڙ سورج مُکيءَ جيان پيا ڀاسن.
آئون دل سان دُعا پيئي ڪريان ته مهرالنساءِ جي هِن “ڪوتا ڪائنات” ۾ “گُلابن جي ڦُلواڙي” ۽ “سُورج مُکي کيتُ” سدا سرسبز ۽ شاداب رهي !
آپا مهرالنساءَ جو سمورو ڪتاب خوبصورت ڪويتائن سان ڀريو پيو آهي پر مونکي آپا جو ٻه وايون ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي پيج نمبر 85 مان مهرالنساءِ لاڙڪ جي هڪ خوبصورت وائي
“ سچ پچ بهار جهڙو
هڪ شخص ياد آيو،
مُرڪي ته موتي هاري
پويتر پيار جهڙو
هڪ شخص ياد آيو
هر گُل جو واسُ هُن ۾
هيرن جي هار جهڙو
هڪ شخص ياد آيو
هو عڪس هُنَ جو اُجرو،
پهرين نِهار جهڙو
هڪ شخص ياد آيو
پن ڇڻ جي مُند ۾ ڀِي
سُندر بهار جهڙو
هڪ شخص ياد آيو
سندس ٻي وائي جيڪا ڪتاب جي پيج نمبر 80 تي آهي
انبن جهليو ٻُور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
ڏيئي وڍ وجود ۾
ڇو نه پيئي ڪو پُور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
اوجاڳن جي مُند ۾
توکي ننڊ اَگُهور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
جوڀن جي گُذري ويو،
پوءِ نه ايندو مُور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
توسان پنهنجي ساٿ جا
سڀ ڪٽڻا هِن سُور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
گُهنج جسم، جِهيڻي نظر،
جذبا ناهن جُهور
هاءِ الا ! تُون دُور
ڪيسين رهندين سانورا
مونکي تمام گهڻيون پسند آيون ۽ انهي ءَ ٻن وائين ئي مونکي آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جو مريد (فين) ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ان کان علاوه ، دوستو جيئن ته سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جو سمورو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا نت نئين جدت ۽ تمام ۽ تمام سُندر خيالن جو مجموعو آهي ، سندس هر غزل سندس هر نظم، سندس هر وائي ، سندس هر چار سٽي، سندس هر نثري نظم ۾ سانئڻ مهرالنساءِ جي تخيل جي اُڏار ايتري ته وڻندڙ ۽ اُتساهه ڏيندڙ آهي جو انهيءَ ڪتاب کي نه صرف مان پر هرڪو ڪويتائن جو سرجڻهار ۽ سرجنهاره يا جيڪو ادب دوست هوندو اهو چاهيندو ته پنهنجي پهرين فرصت ۾ اهو ڪتاب پڙهي محبتن جا نوان معراج ماڻي ، ۽ آپا مهرالنساءِ جي شاعري مان آنند حاصل ڪري.
آخر ۾ انهي دعا سان آپا مهرالنساءِ جا ٿورا مڃيان ٿو جو آپا اسان کي سندس هن ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ياد ڪيو انهي ڪتاب جي باري ۾ اسان جا احساس ٻُڌا. اسان اميد ٿا ڪريون ته آپا جي ڪويتائن جو خزانو ڪڏهن به ڪونه کٽندو آپا کي لکين مُبارڪون هُجن جو آپا ڪتاب مالڪياڻي ٿي وئي، شال آپ جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو سدائين سنڌ امڙ جي شان ۽ مان لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن کي به جس هُجي جن آپا مهرالنساءِ جو هي هي ڪتاب ڇپائي مٿان وري شانائتي انداز سان هن ڪتاب جي مهورت ڪرائي آهي

هن مهورت واري تقريب ۽ مشاعري جو بينر اسٽيج جي وچ ۾ مٿان لڳايو ويو هو

ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت جي تقريب ۽ مهمانن کي اجرڪ پارائڻ جا منظر مهمانن ۾ نامور سنڌي شاعره گل بي بي، آپا مهرالنسا لاڙڪ، آپا مريم مجيدي، انعام شيخ ، نبي بخش ناز نمايان آهن