• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هيرن سان بڻيل اپگرهه (ڊائمنڊ پلانٽ)

مست

سينيئر رڪن
الله پاڪ جي هن ڪائنات ۾ الائي جي ڪيترا راز، رمز ۽ شيون آهن جيڪي انسان جي سوچ کان مٿانهيون آهن، ڪائنات ۾ اهڙيون به شيون وجود رکن ٿيون، انسان جن شين لاءِ سوچي به نه ٿو سگهي۔ مٽيءَ جي ٺهيل اپگرهه (زمين) تي رهندڙ انسان ذات کي ڪهڙي خبر ته هن ننڍڙي پتڪڙي دنيا کان ٻاهر ڪائنات ۾ قدرت ڪهڙا ڪهڙا نظام رکيا آهن؟؟ پر سائنس جي مدد سان الله جي هن جوڙيل ڪائنات ۾ انسان ڪيترن ئي نون رازن کان واقفيت حاصل ڪندو رهيو آهي۔ ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته ڪجهه اپگرهه (پلانٽ) اهڙا به آهن جيڪي مختلف عنصرن مان ٺهيل آهن۔۔۔ تازو ئي سائنسدانن هڪ اهڙو پلانٽ ڳولي لڌو آهي جيڪو مڪمل طور هيرن (ڊائمنڊس) مان ٺهيل آهي۔ ڊائمنڊس اصل ۾ ڪاربان عنصر مان ٺهن ٿا۔
اهڙي اپگرهن جي موجودگيءَ بابت اندازو لڳائيندڙ سڀ کان پهريون سائنسدان يا ايسٽرا فزسٽ، آمريڪا جي خلائي اداري ناسا جو هڪ سائنسدان مارڪ ڪچنر آهي۔
  1. هن سلسلي ۾ سڀ کان پهريون دريافت ڪيل هڪ اپگرهه جو نالو سائنسدانن طرفان (PSR J1719-1438 b) رکيو ويو آهي۔
  2. هي پلانيٽ 25 آگسٽ 2011ع تي پهريون ڀيرو دريافت ڪيو ويو۔
  3. هن پلانيٽ جي اسان جي اپگرهه (زمين) کان دوري 4000 نوري سال (Light Years) آهي۔
  4. انهيءَ اپگرهه جو حجم يا سائيز اسان جي گرهه زمين کان 5 کان 15 ڀيرا وڌيڪ آهي۔
  5. سائنسدانن جي اندازي مطابق ان اپگرهه ۾ اسان جي زمين واري ڪهڪشان کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هيرا ٿي سگهن ٿا۔
  6. سائنسدانن جي ڪاٿي مطابق ان اپگرهه تي آتش فشان جبل پڻ آهن، جيڪي لاوي جي بدران هيرن جو مجموعو اوڳاڇيندا هوندا۔

 
جواب: هيرن سان بڻيل اپگرهه (ڊائمنڊ پلانٽ)

تمام سٺو ۽ ڄاڻ وارو ونڊ۔

ڪائنات وسيع آهي، رب جا ڪيترا راز ڄاڻي ٿو انسان ۔۔۔۔ ؟؟؟
 
جواب: هيرن سان بڻيل اپگرهه (ڊائمنڊ پلانٽ)

جڏهن اسين پنهنجي اردگرد غور ڪريون ٿا، رب جي وڏائي ۽ انجي عظمت جي آڏو سر سجدي ۾ ڪري پوي ٿو ۔۔۔

هي زمين، هي آسمان، هي گره ۽ تارا ۔۔۔ هي ڪهڪشان ۽ ڪوڪب ۔۔۔ رات، ڏينهن جي پويان ۽ ڏينهن رات جي پويان ۔۔۔ هي هوا، هي پاڻي ۔۔۔ انسان جي سوچ تمام محدود آهي ڪائنات تمام گهڻي وسيع آهي ۔۔۔

پر پوءِ به انسان چوي ته آءُ ۔۔۔۔۔ آءُ پڻي جا متوالا اکيون کول ۽ ڏس ته هن قدرت ۾ ڇا آهي؟ رڙ نڪري ويندي آهي، پنهنجي حيثيت ۽ ڪمزوريءَ تي۔

”جر تي ڦوٽو جيئن“

سبحان الله ۔۔۔ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون۔
 
Back
Top