پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    هڪ انڌو ماڻهون پني رهيو هئو نيويارڪ جي هڪ گهٽي جي ڪنڊ تي۔ ان جي ڀرسان هڪ بورڊ لڳل هئو،جنهن تي هن لکيو هئو " مان انڌو آهيان،منهنجي مدد ڪيو" ماڻهون ان بورڊ کي پڙهي ان انڌي جي ٿورڙي مدد پياڪن يا بغير ڪجه ڏئي اتان لنگهي پيا وڃن۔هڪ دفعو هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني جو مارڪٽينگ مينجر اتان اچي لنگهيو ۽ بورڊ پڙهي،هو ڪجه وقت اتي بيهي رهيو پر جڏهن ڏٺائين ته بورڊ ماڻهن جو گهڻو ڌيان نه ٿو ڇاڪائي ته هن ان آنڌي فقير جو بورڊ کنيو ۽ ان تي لکيل تحرير مٽائي،هڪ ٻيو جملو لکيو۔ان وقت کانپوء ان آنڌي فقير کي تمام گهڻا پيسئا مدد لاء ملڻ لڳا ۽ هر ڪو ماڻهون هن کي پيسئا ڏيڻ لڳو۔
     


    ڇا توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن ان بورڊ تي ڇا لکيو هوندو ؟


    ان مارڪٽينگ مينجر لکيو هو : " توهان ڏاڍا خوبصورت آهيو،پر مان توهان کي ڏسي نه ٿو سگهان "

    مورل:
    سٺي انداز ۾ ڪيل ڳاله دل تي اثر ڪندي آهي ۽ گهڙِين شين ۾ تبديل آڻي سگهي ٿي۔انڪري توهان پنهنجا آئڊياز مّختلف انداز ۾ پيش ڪندا ڪيو۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    توهان جي ڳالهه دل سان لڳي سائين، اها هڪ حقيقت آهي، پنهنجي ڳالهه کي درست لفظن يا درست انداز ۾ پيش نه ڪرڻ سان انسان هٿ آيل موقعو به وڃائي ويهندو آهي، دراصل اهو منهنجي نظر ۾ خوداعتمادي جي گهٽتائيءَ جي ڪري ٿئي ٿو۔۔​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    بيشڪ حق سچ آهي مٺڙا سائين

    آءُ ان وقت پرائمري ۾ پڙهندو هيس، جڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ پهريون دفعو سعودي عرب آيو هيو ۔۔۔ ان وقت فون عام ڪون هئي ۽ خاص ڪري ڳوٺن ۾ ته بلڪل ڪون هئي ۽ خط به ڪافي دير لڳائيندا هيا ۔۔۔ سو مون واري ڀاءُ جي وڃڻ کانپوءِ سندس خط جو شدت سان انتظار هو، هڪ ڏينهن سندس خط آيو، بس ڄڻ ته گهر ۾ عيد ٿي هجي، اسين سڀ گڏجي ويٺاسون ۽ مون اهو خط پڙهيو هو ۔۔۔ خط ۾ گهڻي ڪجهه احوال سان گڏ هڪ جملو لکيل هو، جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب آندو هو ۔۔۔ اهو جملو هيو؛

    ”زبان انسان کي کٽ تي به ويهاري ته پٽ تي به“

    مقصد جنهن به شئي جو اظهار ڪجي انکي اهڙا لفظ ڏجن جو مسئلو به حل ٿي وڃي ۽ عزت ۾ به اضافو ٿي وڃي ۔۔۔ انڪري هر شئي جي اظهار جا يا چوڻ جا ڪيترائي طريقا آهن ۔۔۔ ڪجهه پيارا ۽ موهيندڙ ته ڪجهه اڻوندڙ ۽ ڪوجها ۔۔۔ اهو اسانجي مٿان آهي ته اسان ڪنهن ڳالهه کي ڪهڙي طريقي سان ٿا پيش ڪريون۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    سائين محترم تمام بهترين سبق ڏيڻ لاءِ لک لائق
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    مختصر پر تمام سٺي ۽ سبق آموز ڪهاڻي ۔۔۔۔۔۔

    هر شيء کي سٺي ۽ مثبت انداز سان پيش ڪري سگهجي ٿو ۽ اهوئي مارڪيٽنگ جو اصول به آهي۔
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    ادا رشيد سمون صاحب ڇا ويچار آهن اوهان جا هن مختصر ڪهاڻي جا باري ۾ ڇاڪاڻ ته هن قسم جون مختصر نصحيت ڀريون آکاڻيون اوهان جا لکيل ڪهاڻين کي پڙهي اسان لکڻ شروع ڪيون آهن۔
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    سائين! بلڪل متفق ۽ اھو منھنجو ذاتي تجربو پڻ آھي۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    هالانڪه اڳ اهڙي قسم جي شيئرنگ مون طرفان آندل آهي پر هي نئون انداز به بهتر لڳو۔۔۔
    هڪ دفعي منهنجو بولٽن مارڪيٽ ڪراچي ۾ وڃڻ ٿيو ۔۔۔ مون هڪ نوجوان کي چوڪ تي ماڻهن جي ميڙ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو ۔۔ غور ڪيم ته همراهه هڪ ٽوٿ پيسٽ جي ايتري ته زبردست قسم جي اشتهار بازي ڪري رهيو هو جو مان جنهن جو ارادو صرف ٻارن لاءِ رانديڪا خريد ڪرڻ هيو پڻ هڪ ٽوٿ پيسٽ خريد ڪري ورتي۔۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي همراهه جو پيسٽ سان ڀريل ڪارٽون خالي ٿي ويو۔۔۔
    مون اندازو لڳايو ته هن هڪ ڪلاڪ کن ۾ ئي اندازن 500 روپين جو منافعو حاصل ڪري ورتو هوندو۔۔۔۔ مطلب پوري ڏينهن جي ڪمائي صرف هڪ ڪلاڪ ۾ حاصل ڪري ورتي هوندي۔۔۔

    توهان جي ڪهاڻي پڙهندي مون کي ان همراه وارو قصو به ياد آيو جنهن پنهنجي گڏهه جي عادتن کان تنگ ٿي هڪ همراهه کي کپائڻ لاءِ چيو ۽ ان همراهه هڪ چوڪ تي ان گڏهه جو شجره نصب ٻڌائيندي ان جون ايتريون ته خوبيون بيان ڪيون جو گڏهه جي مالڪ کي کيس ڪن ۾ چوڻو پيو ته جيڪڏهن گڏهه ايترو ئي ڀلو آهي ته مون کي ناهي کپائڻو۔۔۔

    سو سائين توهان جي آندل ليک ۾ پنهنجي ڳالهين يا احساسن کي درست طريقي سان پيش ڪري وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ جو بي بها سبق ملي ٿو۔۔۔ يقينن پڙهندڙ توهان جي هن ليک کي پسند ڪيو هوندو ۔۔۔ اميد ته پنهنجي لکڻ جي ان بهترين انداز کي روان دوان رکندا۔۔۔
     
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: پنهنجا آئڊياز سٺي انداز ۾ پيش ڪيو۔

    ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي اوهان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو