ڪرڪيٽ جي تاريخ جو شرمناڪ واقعو۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هونءَ ته ڪافي اهڙا ڏينهن گذريا آهن جيڪي شرمناڪ تصور ڪيا پيا وڃن پر فيبروري مهيني جي پهرين تاريخ 1981 کي شايد ئي ڪرڪيٽ وساري۔۔۔
    هن ڏينهن آسٽريليا جو ورلڊ سيريز ۾ نيوزيلينڊ سان مقابلو هيو۔۔ مقابلي جي آخري بال تي نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 7 رنسون جڏهن ته ميچ کي ٽائي ڪرڻ لاءِ هڪ ڇڪي جي ضرورت هئي ۔۔۔ آسٽريليا جو مايا ناز سمجهندڙ ڪرڪيٽر گريگ چيپل ڪپتاني ڪندي پنهنجي ڀاء ٽريور چيپل کي آخري بال انڊر آرم ڪري موڪلڻ جو چيو۔۔ ياد رهي ته اهڙي بال ته ڇڪو ته ڇا پر چوڪو به لڳائي نه ٿو سگهجي ۔۔۔ ۽ ان وقت ۾ اهڙي بال ڪرائڻ تي پابندي نه هئي۔۔
    اهڙي بال کي نيوزيلينڊ جي رانديگر نيل روڪيو ۽ جيترو پري بال ويو ان کان به پري پنهنجي بيٽ کي اڇلائي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو۔۔۔
    ان دور جي ڪامينٽيٽرن ۽ اڄ جي ڪرڪيٽ جي شوقينن ان واقعي کي ڪرڪيٽ جو شرمناڪ واقعو قرار ڏنو آهي۔۔۔
    اها ميچ آسٽريليا کٽي ته وئي پر جيڪا بدنامي ان جي حصي تي آئي ان کان گهڻو وڌيڪ ته چيپل برادرس جي حصي تي آئي۔۔ خود گريگ چيپل ان واقعي بابت ٻڌايو هو ته ”گرائونڊ کان ٻاهر نڪتس ته هڪ ننڍي نينگر منهنجي ٻانهن پڪڙيندي چيو هو ته بي ايماني ٿو ڪرين۔۔۔!“
    ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي هئي پر هن واقعي کي ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پڻ بحث ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وزير اعظمن کي پڻ بيان ڏيڻا پيا هئا۔۔۔۔

    انهن واقعي کي ڪيمرا جي اک ڪيئن محفوظ ڪيو آهي توهان به ڏسو۔۔۔

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو