خانصاحب عبدالڪريم پلي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    خانصاحب عبدالڪريم پلي

    ڀڳوانداس کتري


    خانصاحب عبدالڪريم پلي جو تعلق ناري پٽ جي معزز راڄ ”پلي سان آهي. هي قبيلو درس پلي مرحوم جو اولاد آهي. درس پلي ذات جو ”سمون“ هو ۽ سندس اولاد درس پلي سڏجي ٿو. خانصاحب عطا محمد پلي جي حويلي ۾ جنم وٺندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي نه رڳو سياستدان پر اديب، شاعر ۽ هڪ وڏو سماج سڌارڪ پڻ هو. سندس وڏن جي سخاوت ۽ عطائيت جو ذڪر نڪرندو ته چوندا ته تون ڪهڙو عطائي آهين. عطائي مرحوم جي سخاوت بنا سوچ سمجهه جي هوندي هئي ته کيس بنا طلب جي ايترو ڪجهه ملي سگهي ٿو. خانصاحب مان حاصل ڪئي. ديني تعليم ڳوٺ ڳموري مان حاصل ڪئي ۽ بعد م عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. خانصاحب عبدالڪريم پلي کي علم ۽ ادب سان گهڻو شوق هوندو هو ۽ راڳ کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. خانصاحب عبدالڪريم پلي 70ع واري ڏهاڪي کان اڳ سياسي ميدان ۾ سياست جي شروعات مڪاني چونڊن کان ڪئي ۽ پهريون ڀيرو يونين ڪائونسل عطا محمد پلي جا چيئرمين چونڊيا ويا. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو واري صوبائي تڪ تان آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽي ايم پي اي منتخت ٿيو ۽ بعد ۾ باقائده پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. خانصاحب عبدالڪريم حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جا مريد آهن. خانصاحب عبدالڪريم پلي 1976ع وارني عام چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان ساڳئي تڪ تان ايم پي اي منتخب ٿيو. خانصاحب عبدالڪريم پلي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سڄي ناري توڙي ٿر جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي پر ڪڏهن اهو به نه سوچيو ته هن ووٽ ڏنا آهن يا نه رڳو محبت سان ملندو هو پر سندس مسئلا حل ڪندو هو. خانصاحب عبداڪريم پلي ناري پٽ کي علم ۽ ادب سان روشناس ڪرائڻ ۾ هڪ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌ حڪومت کان عمر ڪوٽ ۾ بوائز ڪاليج منظور ڪرايو. ڪاليج جي بلڊنگ ٺهڻ کان پوءِ خانصاحب عبدالڪريم پنهنجي نالي وارو بورڊ نه هڻايو. هو جتي ڪابه سرڪاري رٿا ڏيندو هو ته ان تي پنهنجي نالي واور بوڊ لڳائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتي کي سخت منع هوندي هئي. عمرڪوٽ ڪاليج کي بلدنگ تيار ٿين کانپوءِ شاگرد يونين طرفان هڪ عاليشان ادبي پروگرام منعقد ڪرايو. جنهن پروگرام جي صدارت مولانا غلام محمد گرامي ڪئي هئي. خانصاحب عبدالڪريم پلي جي سخاوت جو مثال نه ملندو. علائقي جا ڪيترائي غريب خاندان سندن فصل لهڻ جي انتظار ۾ هوندا هئا ۽ انهي وقت نه فقط سوين مڻ ان (ڪڻڪ) انهن مستحق ۽ غريب خاندان جي گهرن تائين پهچائي ويندي هئي پر ان سان گڏ ڪپڙي جي تاڪين جي ڍڳن سان گڏ، ڪڻڪ، ساريون اسڪولن ۽ مدرسن ڏانهن شاگردن لاءِ پهچايو وينديون هيون. سنڌ جي هن سخي مرد جي سخاوتن جا داستان تمام گهڻا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جو ڪجهه حصو ۽ 90 هزار ماڻهو ڀارت جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ ڀارت موڪليل وفد ۾ خانصاحب عبدالڪريم شامل هو. وفد ۾ پهرين خانصاحب عبدالڪريم پلي جو نالو شامل نه هو جڏهن وفد لاهور پهتو ته راڻا چندر سنگهه چيوته خانصاحب عبدالڪريم پلي کان سواءِ لڇمڻ سنگهه سوڍو کي پرچائڻ ڏکيو آهي. جنهن بعد خادم علي شاهه جو نالو خارج ڪري خانصاحب عبدالڪريم پلي کي وفد ۾ شامل ڪيو ويو.

    خانصاحب عبدالڪريم پلي 1991ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خانصاحب پاڻ سڄي زندگي پنهنجي جاگيردانه حيثيت هوندي به ڪنهن کي به نه ڏکايو. سندس وڏو فرزند خانصاحب عطا محمد پلي، اعجاز پلي، ڊاڪٽر رسول بخش، فيض محمد پلي آهن ۽ اڄ به سندس اولاد خانداني روايت کي برقرار رکيو اچي ۽ سخاوت اڄ به مشهور آهي.


    روزانه عبرت جي ٿورن سان

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    عبدالڪريم پلي ”ڪريم“ (21، آگسٽ 1940ع - )
    سنڌي غزل جي اوسر
    اياز قادري

    عبدالڪريم ولد عطا محمد پلي، ڳوٺ عطا محمد پلي تعلقه عمرڪوٽ جي زميندار گهراڻي مان آهي. سندس وڏا پنهنجي تر ۾ وڏي اثر رسوخ وارا آهن. عبدالڪريم پنهنجي شوق مان اديب فاضل ۽ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آهي، کيس ننڍپڻ کان شاعري جو شوق هو، جنهن کي هن پنهنجي محنت سان ڪافي ترقي وٺرائي آهي.

    ڪريم جيتوڻيڪ ڪافي جو شاعر آهي مگر سندس غزلن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو هڪ چڱو غزل گو شاعر به آهي. سندس غزلن ۾ جماليات جي ترجماني، جذبات جون نيرنگيون ۽ مشاهدي جي حقيقت آفريني آهي. جنهن ڪري سندس غزلن ۾ ڪشش ۽ اثر هوندو آهي.

    ڪلام جو نمونو

    خير هجي شل طوفانن جو،
    عزم نه گهٽبو ديوانن جو.

    پاڇي ناهه ڇڏي ڪا پنهنجن،
    ذڪر ڪجي ڇا بيگانن جو.
    رفته رفته بڻجي ويئي،
    دلڙي مدفن ارمانن جو.


    هن بستيءَ جي حال تي اڪثر،
    گذري شبهه ٿو ويرانن جو.


    جور جفا کان وڌ ڇا ٿيندو،
    بدلو ڪوئي احسانن جو.


    دار سدا نه ”ڪريم“ جهان ۾،
    محرم آ ڪو ديوانن جو.


    -

    دير سان ئي سهي مگر ٿيندي،
    جستجو نيٺ بارور ٿيندي.

    بخت وارو ورائيندو،
    زندگاني حسين تر ٿيندي.


    زور آهي اڃا ته ظلمت جو،
    ڪير ڄاڻي ڪڏهن سحر ٿيندي.


    ڪنهن کي شڪ هو ته ايترو جلدي،
    بدگمان ڪنهنجي هيئن نظر ٿيندي.


    موت جيسين اچي اچي تيسين،
    ياخدا عمر ڪيئن بسر ٿيندي.


    ڪو سبب ئي ڪريم ڪونهي ڪو،
    آهه ڇا لاءِ بي اثر ٿيندي



     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورسيء جي مناسبت سان​
    اميريءَکان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏيندڙ خانصاب عبدالڪريم پلي
    سونهاري سنڌ پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسان کي آسيس ڏنو آهي. انهن ۾ مارويءَ جي ملڪ امراڻي جو عظيم ڪردار نواب خانصاب عبدالڪريم پلي پڻ هڪ آهي، جنهن جي اڄ 04 نومبر تي 22 هين ورسيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، خانصاحب عبدالڪريم پلي، جنهن کي ناري پٽ جا ماڻهو دودو چوندا هئا، اهو نواب سنڌ جو نرالو ڪردار ان ڪري به هو جو هن اميريءَ کان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏني هئي. سندس سياسي خدمتن جون کوڙ ساريون ڳالهيون انبن واري شهر ميرپورخاص کان وٺي ٿر جي راجستاني بارڊر تائين سمورا ماروئڙا ڪندا رهن ٿا، سنڌي ادب ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ پنهنجو مقام رهيو آهي، جنهن جي شاعريءَ کي راڳ جي راڻي عابده پروين به سُر سنگيت جا ويس اوڍايا. عمرڪوٽ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ پهريون ڪاليج منظور ڪرائڻ به سندس پهريون ڪارنامو آهي، سنڌي ادب ۾ شاعر جي مضبوط ۽ ڏکي صنف ڪافيءَ تي مرحوم عبدالڪريم پلي کي وڏو عبور حاصل هوندو هو، ’وڻجارن وايون‘، ’ڪيا سانگ ساوڻ‘ ۽ ’چنڊ جهڙا پرين‘ سندس علمي پورهئي جو شاهڪار حصو آهن. هن وقت جڏهن ته سندس 22 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، افسوس جو مقام اهو آهي جو سنڌ جي علمي ادبي تنظيمن ۽ ثقافت کاتي پڻ مرحوم عبدالڪريم پلي کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو سنڌ جي ادبي دنيا لاءِ هڪ فڪر انگيز سوال اُڀاري ٿو، ته ڇا اسان پنهنجي ادبي محسنن جي وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي؟!

    لجپت مالهي/عمرڪوٽ

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    خانصاحب مرحوم تمام گهڻ پاسائين شخصيت هو۔۔
     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ” ڪﺮﻳﻢ “ ﭘﻠﻲ
    ڪﻴﺎ ﺳﺎﻧﮓ ﺳﺎﻭﮠ، ﻭﺭﻱ ڙﻱ،
    ﻭﺭﻱ ڙﻱ،
    ﭼڪﻴﺎ ﭼﺎڪ، ﭤﻲ ﺩﻝ، ﭼﺮﻱ
    ڙﻱ، ﭼﺮﻱ ڙﻱ !
    ﭘﻴﻮﻥ ﻳﺎﺩ ﮔﺬﺭﻳﻞ ﮔﻬڙﻳﻮﻥ ﭘﻴﺎﺭ
    ﭜﺮﻳﻮﻥ،
    ﺍﮐﻴﻦ ﺁﺏ ﺁﻳﻮ، ﺗﺮﻱ ڙﻱ ﺗﺮﻱ ڙﻱ .
    ڪﻴﻮ ﺳڏ ڪﻼﻟﻦ، ﭘﺮﻭڪِﻲ
    ﭘﻴﮡ ﻟﺌﻪ،
    ﻣﻼﺭﻱ ۾ ڏﺳﺒﻮ، ﻣﺮﻱ ڙﻱ ﻣﺮﻱ
    ڙﻱ .
    ﻧﻪ ﺁﺋﻲ ﺑﻬﺎﺭ ۽ ﻧﻪ ﻣﮑڙﻱ ٽڙﻱ
    ڪﺎ،
    ﺭﻫﻲ ﺁﺱ ﺩﻝ ۾، ﮄﺭﻱ ڙﻱ، ﮄﺭﻱ
    ڙﻱ .
    ﮐﻠﻲ ﺳﺮ ڏﻳﮡ ﺟﻲ ﻫﮣﻲ ﻫﺎﻡ
    ﻫﺎﮢﻲ،
    ﻫٽﮡ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺁﻫﻲ، ﮘﺮﻱ ڙﻱ،
    ﮘﺮﻱ ڙﻱ .
    ”ڪﺮﻳﻢ “ ﺁﻫﻪ ﻭ ﺯﺍﺭﻱ ۾ ﮔﺬﺭﻱ
    ﺣﻴﺎﺗﻲ،
    ﻧﻪ ﺳﮏ ﺟﻲ ﮔﻬڙﻱ ڪﺎ، ﺳﺮﻱ
    ڙﻱ، ﺳﺮﻱ ڙﻱ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    (خانصاحب عبدالڪريم پلي)

    جعفر شاهاڻي

    سونهاري سنڌ جون فطري حسناڪيون جتي من موهيندڙ آهن، اتي موتي داڻن مثل محبتي مزاج وارن ماڻهن ۽ انسان دوستن سان سنڌ جي سرسبز سرزمين به ڀري پئي آهي. فريب جي دنيا کان پري؛ سڀ ڪجهه هٿ وس هوندي به قوم ۾ شعور جي لاٽ بيدار ڪرڻ جي خواهش رکندڙ يقينََ داد جا مستحق آهن جيڪي انفرادي مفادن کي پُٺَ ڏئي اجتمائي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندا رهندا آهن.
    اهڙين خوبين جي مالڪ حقيقي انسان دوست جو خانداني پسمنظر سڄي سنڌ ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ڪونه آهي ۽ خوش قسمتيءَ سان انهي قبيلي سان منهنجو مائٽاڻو تعلق لڳ ڀڳ اڌ صدي کان مٿي جو آهي. جنهن جي وڏن مان عطا محمد پلي دٻيءَ جي جنگ ۾ مير شير محمد ٽالپر سان گڏجي ٻه هزار جوانن سميت وڃي انگريزن خلاف وڙهيو به هو ته، جڏهن انگريز تروٽ سنڌ جي وڏيرن ۽ سردارن سان گڏجي سنڌ جي سوڍن جون سسيون ڌڙ کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته، روپلي ڪولهي جي اڳواڻي ۾ انگريزن خلاف ڪولهين ۽ سوڍن جي تلوارن، ڪاترن ۽ ڪهاڙين جا ڪڙڪاٽ هئا ته، انوقت گهڻن پڳدارن مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪندي انگزيرن جو ساٿ پئي ڏنو پر سندس وڏي تروٽ کي وڏي واڪ چيو، ٺڪر اسانجي سنڌ جا ماڻهو آهن، آئون انهن سان نه وڙهندس.
    ان کانسواءِ انهي شخص جي خاندان جو هڪ ٻيو واقعو مشهور آهي ته جڏهن پير صاحب پاڳاري جي حر تحريڪ انگريزن خلاف پئي هلي ته انگريز به حرن پويان لاهي پاهي پيل هئا. جوڻيجن جي ٻن ڳوٺن جون عورتون خانصاحب عطا محمد پلي جي ڪوٽ ۾ رهايون ويون ته انگريزن جي وڏي دٻدٻي باوجود به خانصاحب عطا محمد پلي صاف صاف چيو ته آئون پنهنجو پورو خاندان مارائي سگهان ٿو پر سامون ڪنهن به قيمت تي انگريزن حوالي نه ڪندس.
    انهي پلي قبيلي جي چڱي مڙس خانصاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ 27 آگسسٽ 1940ع تي خانصاحب عبدالڪريم پلي جنم ورتو. جيڪو اڳتي هلي سياستدان، حاتم طائي، اديب شاعر، چڱو مڙس، مهمانواز ۽ راڄن جو راڻو به سڏجڻ لڳو. اها خانصاحب عبدالڪريم پلي جي خوش نصيبي پڻ آهي؛ جو پالڻهار هن کي سکيي ستابي گهر ۾ موڪليو پر سکيا ستابا ته انوقت کانئس ٻيا به ڪيترا ئي ماڻهو هئا پر منجهس جيڪي گڻ هئا اهي گهڻن دولت پوڄارين ۽ عقل جي اڪابرن ۾ نه هئا.
    70 واري ڏهاڪي کان اڳ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي سياسي ميدان ۾ لهندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي 1970ع وارين چونڊن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو جي تڪ تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿي ايم پي اي منتخب ٿيو. جنهن بعد 1976ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم پي منتخب ٿيڻ بعد شعور جي لاٽ بيدار ڪرائڻ جو عملي ثبوت ڏيندي عمرڪوٽ ۾ بوائز ڪاليج سنڌ حڪومت کان منظور ڪرايائين، جنهن بابت شايد اڄ انهي ڪاليج ۾ پڙهندڙ نوجوانن کي به خبر نه هجي ڇو ته پاڻ پنهنجي نالي وارو بورڊ به نه لڳايائين. اڄ جي دؤر ۾ جيڪڏهن انهي ڳالهه جو موازنو ڪيو وڃي ته شايد ڪو به سندس برابري وارو ماڻهو نظر نه ايندو ڇو ته هي جديد سيلفي دؤر آهي!
    ڀٽو صاحب جي دؤر حڪومت ۾ جڏهن پاڪستان جو ڪجهه حصو ۽ 90 هزار قيدين کي ڇڏائڻ وارو وفد هندستان وڃڻ لاءِ لاهور پهتو ته راڻا چندر سنگهه چيو، خانصاحب عبدالڪريم پلي کانسواءِ لڇمڻ سنگهه سوڍي کي پرچائڻ ڏکيو آهي. جنهن بعد خادم علي شاه جو نالو خارج ڪري خانصاحب عبدالڪريم پلي جو نالو هنيو ويو. اها ڳالهه يقينن سندس ذهانت، دانشمندي، سياسي سوچ جي بالغي جو ثبوت آهي ته پاڻ قابل ۽ پر اعتماد شخص هئا.
    سياست جي ميدان ۾ پاڻ مڃائيندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي سخي دل، مهمانواز، اديب ۽ شاعر به هئا. سندس سخاوت جي هاڪ پنهنجي تَرُ ۾ گهڻي مشهور هئي ۽ ذهن تسليم نه ڪندڙ ڳالهيون به ماڻهو ڪندا آهن. چيٽ جي سيزن ۾ هڪ ڀيري هڪ همراه 20 مڻ ڪڻڪ جي چٺي وٺي 200 مڻ کڻي ويو پر، جڏهن اهو ئي ساڳيو همراه ٻئي سال آيو ته پاڻ معافي وٺندي چيائون، بابا گذريل سال مونکي توهانجي ضرورت جي نه خبر هئي، سو هن ڀيري به 200 مڻ ڪڻڪ کڻي وڃو. چون ٿا هڪ ڀيري ڪراچي ڪم سانگي پئي ويو ته حيدرآباد ۾ ڪنهن فقير گاڏي اڳيان اچي صدا هنئي ته سڀ پئسا ڪڍي ڏنائين ۽ جڏهن دوستن پڇيو ته چيائين، گهٽ ۾ گهٽ فقير کي به ايترو ڏجي جو هُن جو ڪم ٿئي، پاڻ کي ڏيندو وري مولا.
    خانصاحب عبدالڪريم پلي نه صرف سياستدان، غريبن جو هڏڏوکي، يارن جو يار هو پر پاڻ ”ڪيا سانگ ساوڻ، چنڊ چهرا پرين“ ڪتابن جا خالق به آهن ته پنهنجي اداري نواءِ ادب طرفان پنهنجي حياتي ۾ ٻه ڪتاب به پڌرا ڪيائون. سندس شاعري عابده پروين، سينگار علي سليم ۽ شمن علي ميرالي سميت ٻين فنڪارن جي آواز ۾ پڻ ريڪارڊ ٿيل آهي.
    اڄ اسان سندس سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض لفظن جون مالهائون پوئي کڻي هزارين ڳالهيون ڪريون پر حقيقت اها آهي ته،
    جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو
    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو
    مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
    اهڙا ارجمند يقينََ سالن بعد جنم وٺندا آهن، جيڪي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهڻ بجاءِ عوام ۾ جاڳرتا لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجو نانءُ امر ڪندا آهن ۽ خانصاصب عبدالڪريم پلي به انهن مان هڪ هو.

    Jaffarshahani155@gmail.com
     
    باغي راشد ڪوٽڙيو هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جعفر شاهاڻي

    جعفر شاهاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2019
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو: عمرڪوٽ
    مون ناچيز کي ايڏو مانُ ڏيڻ لاءِ سنڌ سلامت سٿ جي مانوارن جو ٿورائتو.
     
  7. باغي راشد ڪوٽڙيو

    باغي راشد ڪوٽڙيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2022
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ورڪر
    ماڳ:
    ضلع ٿرپارڪر تعلقو اسلامڪوٽ ڳوٺ علھو ڪوٽڙيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو