ولي محمد وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر

    ڀڳوانداس کتري

    جيئن دنيا جو تخليقي تصور، عورت جي موجودگي کانسواءِ اڻپورو آهي. بلڪل ايئن علم ۽ ادب جي دنيا، شاعريءَ جي تصور کانسواءِ اڻپوري آهي. ننڍي کنڊ ۾ دنيا جا وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن. پر شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن سمورن شاعرن جي ڀيٽ ۾ دنيا جو وڏو ۽ عظيم شاعر آهي. جنهن بعد جديد سنڌ ۾ سرجندڙ نڪور شاعريءَ جو سرواڻ شيخ اياز کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.

    سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙ ساريون نيون صنفون متعارف ٿيون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي روپ طور ضم ٿيون آهن. انهن ۾ غزل واري صنف پڻ شامل آهي. غزل کي جيتوڻيڪ فارسي ادب جو مک محرڪ سمجهيو وڃي ٿو. پر حسن جي سورن ماڻ، ماپن سان سرجندڙ غزل واري هن صنف سنڌي شاعريءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جهڙي نازڪ ادبي صنف جو ذڪر، ناري پٽ جي نواب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ولي محمد ”وفا پلي“ جي ذڪر کانسواءِ ڪجهه به ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ولي محمد وفا پلي کي سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر سڏيو وڃي ٿو.

    تاريخ 7 ڊسمبر 1944ع ڌاري، ناري جي نواب خان صاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ولي محمد وفا پليءَ بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته اڳتي هلي پلي خاندان جو هي خوبصورت گل مستقبل ۾ سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر بڻجندو ۽ سنڌي شاعري جي شفق لالاڻ ۾ هڪ روشن ستاري جيان چمڪندو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم، سنڌي ادبي سنگت مان 2004ع ڌاري ولي محمد وفا پلي کي سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر واري ايوارڊ سان نوازيو. سندس غزل ڪنهن خوبصورت اپسرا جهڙو ڏيک ڏيندا آهن ۽ سنڌ جي هاڻوڪي ٽهي جي وڏن شاعرن، وفا پلي جي غزل کي ايڏو ته خوبصورت قرار ڏنو آهي، جو هڪ شاعر پنهنجي محبوبا جي حسناڪي کي وفا جي غزل سان ڀيٽيندي ايئن لکڻ تي مجبور ٿيو؛ ”تون ايڏو ته خوبصورت ٿي لڳين، ڄڻ وفا جو غزل تي لڳين.“

    سنڌي غزل ۾ نين تشبيحن ۽ تخليقي فن جي مهارت رکندڙ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر، سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جا ٻه خوبصورت ڪتاب پڻ ارپيا آهن. جن ۾ ” لئون لئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل“ شامل آهن. اڪثر طور هاڻوڪي ادبي محفلن ۽ ميڙاڪن ۽ شامن کان پري رهندڙ هن شاعر، تنهائيءَ دوران جيڪي گيت ۽ غزل تخليق ڪيا آهن، سي سنڌ جي لکين عوام لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن. پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ ملنسار طبعيت جي شاعر، سنڌ جي سماجي ترقي ۾ پڻ هڪ مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ڪافي ۽ غزل جي مشهور راڳي سينگار علي سليم، راڳ جي راڻي عابده پروين تائين سنڌ جا اڪثر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جا پارکو ڳائيڪ هن شاعر جي حلقا احباب ۾ رهيا آهن. تنوير عباسي، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ ٻيا وڏا نالا سنڌ جي علم، ادب تي جڏهن به پنهنجا ويچار ونڊيندا هئا، تڏهن اهي اسٽيج تي هن محبوب شاعر جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا هئا. سندس غزل جو هڪ خوبصورت بند هيئن به آهي ته ”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، ڪڏهن مُحب ملندين ملاقات ٿيندي“ يا تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو. آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو، وقت وارن جا وار سهبا، مگر دوستن جو سلوڪ ماري ٿو“. وفا پلي جي غزل جو هر بند ۽ هر سٽ، توڙي تشبيهه ۽ استعارو پنهنجي نيارپ ۾ نئون رنگ ۽ ڍنگ توڙي تصور قائم ڪندا آهن. ڄڻ ڪنهن پدمڻي جون سموريون حسناڪيون، ڀاسنديون هجن. اڄ جڏهن جديد اطلاعاتي ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ملاله يوسف زئي نالي ڇوڪري جي هڪڙي خط تي نشرياتي ادارا ڀنڊڻي ٻاريو، کيس عالمي انعام ۽ ايوارڊ ڏيارين ٿا ته پوءِ سنڌ جي هن عظيم شاعر ۽ غزل جي بادشاهه کي ان ماڻ ۽ ماپي واري فريم ورڪ کان ٻاهر رکڻ مان اسان پڪ سان سمجهون ها ته اهو به اهڙي ادبي ويساهه گهاتي آهي. جهڙي قومي ۽ عالمي سطح تي سنڌي ٻولي سان ڪئي پئي وڃي.

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]

    تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
    آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو


    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو


    ڪا تمنا ڪا آرزو ڪانهي
    زندگي ايئن به ڪو گذاري ٿو


    ڪوبه ايندو نه ريگذارن ۾
    راهه ڪنهن جي وفا نهاري ٿو


     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 آگسٽ 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر

    1. ڀڳوانداس جو لکيل مضمون سهڻو آهي .. وفا پلي بيشڪ غزل ۽ نظم جو پيارو شاعر آهي..
    2. اتفاق جي ڳالهه آهي ته وفا پلي کان گھڻو اڳ ”وفا ناٿن شاهي“ کي ”سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب ملي چڪو آهي!
    3. هي غزل ”ڪوبه ايندو نه ريگذارن ۾، راهه ڪنهن جي وفا نهاري ٿو“ جيڪو عابده پروين ڳايو آهي تنهن کي ماڪا صاحب ”ينگ عابده“ جو ٽائيٽل ڏئي رڪارڊ ڪيو آهي.. جيڪڏهن اهو عابده بچپن ۾ ڳايو هو ته ان وقت وفا پلي ڪيترو هو؟؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر

    مهربانيون سائين رضوان

    وفا ناٿن شاهي به سنڌ جي مشهور غزل جي شاعرن مان هڪ ٿي گذريو آهي۔

    وفا پلي، عبدالڪريم پلي جو ڀاء آهي جيڪو به سنڌ جو وڏو شاعر آهي۔ ينگ عابده جي تصور مان مراد ٻار عابده جو ناهي پر نوجوان عابده جو به ٿي سگهي ٿو ۽ وڊيو ۾ تصوير به تمثيلي ڏنل آهي۔ وفا پلي جي پيدائش 1944 جي آهي ۽ وفا ناٿن شاهي جي پيدائش به 1944 جي آهي جڏهن ته عابده پروين جي پيدائش 1954 آهي، ان حساب سان وفا پلي عابده پروين کان ڏهه سال وڏو آهي۔

    وڌيڪ ته هن مضمون تي ڪي وڏا اديب ۽ ڄاڻو ئي ڳالهائي سگهن ٿا، مون وٽ گهڻي ڄاڻ ناهي تنهنڪري اوهان جهڙن ادب دوستن ۽ ڏاهن جي راين جو انتظار رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: وفا پلي : سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر

    پيارا محمد سليمان اوهان بلڪل درست آهيو..
    مون کي وفا اشرف پلي ذهن ۾ هو.. تڏهن مٿيان سوال ذهن ۾ هڪدم اڀريا .. وفا پلي لاشڪ غزل جو وڏو شاعر هو ۽ هو به ان خطاب جو هر وجهه لائق هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ڪنڊائتو ٿي ويل هڪ بهترين شاعر ولي محمد وفا پلي

    نور محمد سمون


    ناري جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان واسطو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر ولي محمد وفا پليءَ جو جيءُ سال 1991ع ۾ تڏهن جُهري پيو هو جڏهن سندس 2 وڏا ڀائر، مشهور شاعر ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن واري تڏهوڪي گڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان 2 ڀيرا چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم پلي ۽ مشهور محقق ۽ اديب راڄ محمد پلي صرف 40 ڏينهن جي وقفي سان ڦوھ جواني ۾ راھ رباني اختيار ڪيائون، اهو ڏينهن اڄوڪي گهڙي، چوٿائي صدي گذري وئي پر انهن ڀائرن جو هي لاڏلو ننڍو ڀاءُ ۽ حساس شاعر ان صدمي مان اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ لڳاتار ڊگهي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪري ويٺو آهي.
    شاعري جي ڪتابن، ”لونءَ لونءَ منجھ لغار“ ۽ ”درد هزار، هڪڙي دل“ جي سرجڻهار وفا پلي توڙي سندس ٻنهي وڏن ڀائرن کي روايتي وڏيرن وانگر رِڇ، ڪتا يا ڪڪڙ پالي، انهن جون ويڙهون رکي لطف اندوز ٿيڻ بدران سموري زندگي سنڌي ٻولي، ادب، شاعري، موسيقي ۽ تاريخ تي تحقيق سان چاھُ رهيو آهي. سال 1960ع کان 1990ع تائين لڳاتار 3 ڏهاڪا هي 3 پلي ڀائر سنڌ جي علمي، ادبي، تحقيقي، اشاعتي ڪمن، شعر و شاعري ۽ سنڌي موسيقي جي آسمان جا چمڪندڙ چنڊ تصور ڪيا ويندا رهيا هئا. سنڌ جي مشهور ٿرواسي ڊراما نويس ۽ اديب عبدالقادر جوڻيجي جي ان دور ۾ پرائمري استاد طور سندن ڳوٺ ۾ مقرري هڪ اتفاق هو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي موجب، عبدالقادر جوڻيجي پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿيل پنهنجي هڪ مشهور ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جي نالي سان سنڌي وڏيري جو هڪ غريب پرور ۽ مثبت ڪردار ڏنو هو، جنهن بابت ڏسندڙن جو خيال هو ته اهو ڪردار لاڙ جي خير محمد نظاماڻي يا اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سان مشابهت رکي ٿو سو ان جي ڪردار کي سامهون رکي پيش ڪيو ويو آهي پر ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي بعد ۾ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چٽائي ڪئي ته اهو ڪردار عمرڪوٽ جي زميندار عبدالڪريم پلي کان متاثر ٿي لکيو ويو هو ۽ ڪيترائي ڊائلاگ به جيئن جو تيئن ڪريم پلي جا لفظ ورجايا ويا هئا. مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب محترم معمور يوسفاڻي پلي، لطف الله حساماڻي پلي ۽ يار محمد چڱاڻي پلي سندن ويجها مائٽ ۽ ساڳئي تر ۾ ٿوري فاصلي جا رهواسي هئا باقي شمشير حيدري، علي بابا، مولانا گرامي ۽ ٻيا انهن جي جوڙ جا سڄي سنڌ جا گهڻا چوٽيءَ جا اديب، شاعر، صحافي ۽ موسيقاراڪثر سندن مهمان هوندا هئا، سنڌ ۾ ان وقت عملي ۽ ادبي لڏو ساڄي ۽ کاٻي ڌر ۾ ورهايل هو پر پلي ڀائرن ان ورهاست ۾ پوڻ بدران پاڻ کي ٻنهي ڌرين جي وچ تي رکيو هو، ان دور ۾ هن علائقي ۾ آمد و رفت جو وڏي ۾ وڏو ذريعو حيدرآباد _ کوکروپار ريلوي لائين هئي سو سندن ڳوٺ جي ويجهو واري ريلوي اسٽيشن ڍورونارو تي پلي ڀائرن جون جيپون سندن مهمانن کي کڻڻ يا ڇڏڻ لاءِ روزانو ڀرجي اينديون ۽ واپس به ڀرجي وينديون هيون.

    مشاعرا، موسيقي جون محفلون، ادبي ۽ تحقيقي موضوعن تي ويهڪون، بحث مباحثا ۽ مچ ڪچهريون هنن جي اوطاق جو روزانو جو وهنوار هو، پنهنجين ادبي تخليقن تي پنهنجي باذوق ڀائرن ۽ دوستن جي راين تي حد کان وڌيڪ ڀاڙيندڙ هن شاعر جو چوڻ آهي ته ”ادا عبدالڪريم ۽ راڄ محمد جي وڇوڙي کان پوءِ مون شاعري به ڇڏي ڏني ڇاڪاڻ ته هاڻي اهڙو ڪو ماڻهو ئي ناهي رهيو جنهن کي آئون پنهنجا شعر ٻڌايان ۽ هو انهن تي ڪا راءِ ڏئي سگهي“
    ”وقت وارن جا وار سهبا پر،
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.......“
    جهڙا درديلا غزل لکڻ واري هن شاعر جو چوڻ آهي ته ”ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو سبب به عشق هو ۽ ايئن ئي ان جي تباهي جو سبب پڻ عشق ئي هوندو، ٻار، پوپٽ ۽ چنڊ به سُونهن جو اُهڃاڻ آهن پر عورت الائي ڇا آهي؟ عورت جڏهن وهنجي وار ڇنڊيندي آهي ته چوڏسائن ۾ موسم جهڙالي ٿي ويندي آهي، عورت جون ٻيون سموريون ادائيون به مون مٿان هميشه ڪيئي قيامتون برپا ڪنديون رهنديون آهن، ڀنڀا وار منهنجي مجبوري آهن، آئون چاهيندو آهيان ته اهي وار منهنجي ڇاتيءَ تي کُليل هجن ۽ سڄي ڄمار انهن ڀنڀن وارن جي وڪڙ ۾ هجان، هن عمر ۾ به ڪو اهڙو حسين ماڻهو ڏسندو آهيان ته دل چوندي آهي ته سموري ڄمار ان جي ئي پُوڄا ڪجي، شاھ لطيف ڀٽائي توڙي پُورڀ جي سموري رومانوي شاعري ۽ خاص طور غزل ته آهي ئي عورت، لمحو محبت ۽ خوشيءَ جو هجي يا ڏاڍ ۽ جبر جو، اهو مون کي لکڻ تي اُتسائيندو آهي ۽ آئون چاهيندو آهيان ته لکان پر منهنجي ڀائرن ڪريم ۽ راڄ محمد کان پوءِ مون کي ڪير ٻڌڻ وارو ئي ناهي سو مون لکڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ رهان پيو، جتي ٽي وي، ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا وغيرھ آهن ۽ ٻيو آئون آهيان، ڏاڙهي ٺهرائڻ لاءِ هفتي ۾ صرف هڪ ڀيرو ان ڪمري مان ٻاهر نڪرندو آهيان، اڪيلائي وڏو عذاب آهي، هر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اڪيلائي ۾ خوب روئڻ ڪري اڃا تائين زندھ آهيان“
    سنڌ، سنڌي شاعرن ۽ شاعري بابت سندس خيال آهي ته ”سنڌ سدائين سُورن ۾ رهي آهي ۽ اڄ به اهڙين ئي حالتن مان گذري رهي آهي پر پاڻ هر دور کي عبوري چئي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندا رهيا آهيون، شاعرن جي حساب سان ڏسان ٿو ته سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر توڙي ڳوٺ مون کي لکنئو لڳي ٿو پر شاھ لطيف ڀٽائي کان پوءِ اسان سمورن شاعرن لفظن تي هلر هلائي آهي، معاشرا ارتقائي عمل مان گذرن ٿا پر اسان انهن تي ڌيان نٿا ڏيون“ پنهنجي وڏن ڀائرن بابت سندس چوڻ آهي ته ”عبدالڪريم کي سنڌ ۾ غزل گُو شاعر ڪوٺيو وڃي ٿو جڏهن ته ادا اصل ۾ مصري شاھ ۽ طالب الموليٰ کان پوءِ ڪافي ۽ وائي جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي ۽ ادا راڄ محمد جڏهن ڪجھ تحقيقي مقالا لکي 3 ماهي مهراڻ ۾ اشاعت لاءِ موڪليا ته مولانا گرامي اهي ڇپجڻ کان پوءِ اتان خط لکي پڇيو هو ته ”ٿر ۾ راڄ محمد پلي جي نالي وارو اهو ٻيو گرامي ڪير پيدا ٿيو آهي؟ گراميءَ جي ان پهرئين خط بعد اسان ٽيئي ڀائر ۽ گرامي صاحب دوستي جي ڌاڳي ۾ تسبيح جي مڻين وانگر پروئجي ويا هئاسين“
    ”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي، ڪڏهن محب ملندين، ملاقات ٿيندي......“
    وفا جو هي مشهور غزل جيڪو مرحوم استاد سينگار علي سليم ڳايو هو ۽ بعد ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندو رهيو هو سو هاڻ ٻيهر نشر ٿيڻ بند ٿي ويو آهي پر جن ماڻهن تڏهن اهو ٻڌو هو اهي اڄ به ان جا ڳولائو آهن ۽ هاڻ ريڊيو پاڪستان کان ان جي رڪارڊنگ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. مشهور محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي تحقيق موجب عابدھ پروين، استاد منظور علي خان، سينگار علي سليم، غلام قادر لنجواڻي ۽ ڍول فقير سميت 32 ڀلوڙ راڳين ٻنهي پلي شاعر ڀائرن، ڪريم ۽ وفا جو ڪلام ڳايو آهي، جيڪو ريڊيو پاڪستان سنڌ جي سمورين اسٽيشنن تان نشر ٿيندو رهيو آهي. ڊاڪٽر اسد جمال پلي توڙي سندس والد برک دانشور، اديب ۽ محقق مرحوم معمور يوسفاڻي جي ڪوششن سان قائم ڪيل اشاعتي اداري نوائي ادب پاران ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ گذريل ڪجھ سالن دوران هنن 3 پلي ڀائرن جا 5 ڪتاب، عبدالڪريم جي شاعري جا 2 ڪتاب ”ڪيا سانگ سانوڻ“ ۽ ”چنڊ جهڙا پرين“، وفا جي شاعري جا 2 ڪتاب ”لُونءَ لُونءَ منجھ لغار“ ۽ ”درد هزار، هڪڙي دل“ ۽ راڄ محمد پلي جي صوفي محمد صديق فقير ”صادق“ جي زندگي ۽ صوفيانه شاعري تي تحقيقي ڪتاب ”وڙهيا، واڳيا، وچڙيا“ سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي ڇپايا ويا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر اسد جمال پلي موجب ”عطائي پلي خاندان جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ ڪتاب تي ڪم هلندڙ آهي.
    وفا پلي سان تندرستي جا مسئلا چوٿائي صدي کان رهندا پيا اچن پر سندس پٽ ميڪائيل پلي ۽ ڀائٽو حاجي اصغر پلي ٻڌائين ٿا ته ڪجھ عرصو اڳ جڏهن سندس پوڙهي جسم جو هڪ هڏ ٽُٽي پيو هو ۽ پاڻ ڪافي عرصو اُٿڻ ويهڻ کان لاچار هو تڏهن به خوش هو، هاڻ وري هو صحتياب ٿي پيو آهي ۽ صرف سندس منظور نظر ملاقاتون هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيون آهن.

    ڪاوش سنڊي ميگ 13 سيپٽمبر 2015
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفا پلي بہ اڄ اسان موڪلائي راھ رباني ورتي ...

    انا للہ و انا اليہ راجعون

    ڪڏهن تُنهنجي وارن سندي رات ٿيندي،
    ڪڏهن مُحب ملندين ملاقات ٿيندي!

    ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪُل ڪڪر ڇانو ٿيندين،
    ڪڏهن ورندين بادل ٿي برسات ٿيندي!

    نه تون ويڙه وارن کي رُخ تي رهڻ ڏي،
    نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي!

    نه هئي آس ايئن ڪا پرين اوچتو ئي،
    سرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي!

    سندءِ صبح سان ئي سندم ٿيندو،
    سندءِ رات سان ئي سندم رات ٿيندي!

    وفا ڄاڻ اڳ ۾ نه هرگز هئي سون،
    وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي!
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    وفا پلي

    پرين پيار پنهنجو ڀلائي نہ سگهندين،
    لڙي لڙڪ پوندئي لنوائي نہ سگهندين.

    ڪندو چيٽ جو چنڊ چانڊاڻ جڏهن،
    سڏڻ مونکي گهرندين سڏائي نہ سگهندين

    تون رسمن رواجن جو پابند ٿيندين،
    ملين ڀي ڪٿي مسڪرائي نہ سگهندين.

    ڪري ياد مونکي تون روئي ڏيندين،
    سبب جي پڇيو ڪنهن سڻائي نہ سگهندين

    سندم راهون ڏاڍيون ڪي پُرخار آهن،
    وري وڃ ”وفا“ نينهن نڀائي نہ سگهندين.
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ﻭﻓﺎ ﭘﻠﻲ

    دُھراءِ نہ شبِ غم جي فساني کي ڇڏي ڏي،
    اي موت ھلي آءُ، بھاني کي ڇڏي ڏي.

    ﺳُﮏَ ﺳﺎﻥ ﻧﻪ ﺟﻴﺌﮡ ڏﻳﻨﺪﻱ ڪڏﻫﻦ ﺭﺳﻢِ ﺯﻣﺎﻧﺎ،
    ﺑﻬﺘﺮ ﺁ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺗﻪ ﺯﻣﺎﻧﻲ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ڏﻱ !

    ﺟﻲ ﺯﻟﻒ ﮐُﻠﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭰﺮﻱ ﻧﺎﻧﮓ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ،
    ﺩﻳﻮﺍﻧﺎ ﺳﺘﻢ ڪﺶ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﻲ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ڏﻱ.

    ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﭤﻲ ﭼﻤﻲ ﭘﻴﺮ، ﺳﺘﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺳُﻬﺎﺋﻲ،
    ﻫﻦ ﭘﺎﺭ "ﻭﻓﺎ" ﺁﺀُ، ﺯﻣﺎﻧﻲ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ڏﻱ.
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    وفا پلي صاحب سنڌي ادب جي افق جا چمڪندڙ ستارا ھيا.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    A Humble Tribute to A Great Poet of Ghazal

    نيٺ زيرِ مزار سُمهنداسين

    نوراحمد جنجهي

    ”نارو“ جنهن کي نارو ماٿري به سڏين ٿا سو نارو پنهنجي نوابيءَ جي ڪري ڀلي شاهوڪار سڏيو وڃي پر ناري جي اصل نوابي اُتان جي مٽيءَ ۾ سخاوت جي سڳنڌ آهي ، علم ادب ، فن ۽ ثقافت لاءِ محبت ۽ مانکو آهي جنهن ناري کي نه رڳو نارو بنايو آهي پر ثقافتي اظهار جو پرنار ٺاهي ڇڏيو آهي . نار و لفظ ”نار“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي پاڻياٺ جو قدرتي وهڪرو پوءِ اُهو پاڻي هجي يا کير هجي . ان ريت نارو واقعي سخاوت ، علم ادب ۽ فن جو ”نار “ رهيو آهي . ناري جي نوابي ناري جي ماڻهن جي ادب دوستي آهي باقي ٻيون سڀ نوابيون ته ٿور وقتي ٿين ٿيون ۽ مٽجنديون رهن ٿيون پر علم ، ادب ، فن جي نوابي اصل ۾ نينهن جي نوابي آهي تنهنڪري اهڙي نوابيءَ کي صدين تائين ڪوئي لهر لوڏو نه هوندو آهي . ڌرتيءَ جي سيني تي نينهن جي نوابيءَ جي مهرسدائين لاءِ ثبت رهي ٿي . ناري جي انهي ثقافتي ، سخاوتي ، علمي ادبي ۽ فن دوستيءَ ۾ پلي برادران جي ٽمورتي مشهور رهي آهي جنهن لڙيءَ ۾ ڪافيءَ جو نيارو شاعر عبدالڪريم پلي ، نثر جو ڪويسر ليکڪ راڄ محمد جمال پلي ۽ غزل جو بادشاهه سڏجندڙ ولي محمد وفا جهڙا جرڪندڙ ۽ جڳ جرڪائيندڙ ناري جي جُوتيءَ جا موتي پوتل آهن . انهي محبت مالها جا ٻه موتي ته ڪجهه ڏهاڪا اڳ هليا ويا پر سندن ساٿ جو آخري ماڻهو ۽ سنڌ جو غزل جي شاعريءَ جو وڏو نالو ”ولي محمد وفا“ به چند ڏينهن اڳ سندن ڀائرن سان ملڻ هليو ويو جتان ملي ڪوئي موٽندو ناهي . وفا پلي (1944...2019) سنڌي شاعريءَ کي ٻه املهه ڪتاب ”لنئون لنئون منجهه لغار“ ۽ ”درد هزارين هڪڙي دل “ جهڙا مجموعا ارپي ويو آهي جن مان محسوسات جو اهو جهان جهلڪي ٿو جنهن ۾ زندگيءَ جا انيڪ رنگ نظراچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ غم ئي غم آهي ، محبت ئي محبت آهي . زندگيءَ جي زوراوريءَ بابت شڪوا شڪايتون آهن ، تاريخ جي ورقن جون جهلڪيون آهن پر سڀني رنگن ۾ ”وفا “ جي منفرد اظهار جو انگ چٽو نظراچي ٿو . ولي محمد وفا پنهنجي هر اظهار سان انتهائن تي وڃي نباهيو آهي جيتوڻيڪ هن زندگيءَ جو ڏک وارو ذائقو گهڻو چکيو آهي پر سندس اظهار ۾ اُميد جي جهلڪ به نظراچي ٿي. ڏُک ۽ ياس پويان جيڪو محرڪ آهي تنهن بابت ”درد هزارين هڪڙي دل ۾ هو پاڻ لکي ٿو ، ” ڪريم ۽ راڄ محمد جي وفات کانپوءِ چيو يا سوچيو هئم ته : ”ادب نالو جنهن جو آ ، ويو اوطاق پنهنجي مان “ . ان ڳالهه جي جهلڪ ولي محمد وفا جي نه رڳو شاعريءَ ۾ نظرايندي هئي پر سندس زندگيءَ به غم سان خوب نباهيو. انتهائي ڌنوان خاندان سان تعلق هئڻ باوجود سندس ڏکارو هجڻ سندس حساس طبيعت کي ظاهر ڪري ٿو . هو جيئن ڏسڻ جو ملوڪ هو تيئن سندس اندر به ملوڪ هو . وفا پنهنجي رويئي ۾ انتهائي چٽو چائو ۽ ڪنهن به اوڻيهه ويهه کان پري ، بي ڌڙڪ اظهاريندڙ انسان هو . هن ڪڏهن به لفظ چٻي ڳالهه نه ڪئي . سندس غزلن تي لکندي ، محترم امداد حسيني لکي ٿو ،” روايتي غزل کان وٺي اياز جي گيڙو ويس غزل تائين جي صنف به ڪيترن تجربن مان گذري آهي . انهن تجربن ۾ وفا جو حصو پتي اهي ضرور“ هو وفا کي ”محبتن جو شاعر“ سڏيندي ، ”بيقراري ۽ تشنگي “ کي وفا جي شاعريءَ جو محرڪ ڪوٺي ٿو. غزل جي شاعري ڀلي عربيءَ مان اُٿي هجي ، فارسيءَ مان ڦرندي اسان وٽ پهتي آهي جنهن کي ميرعبدالحسين سانگيءَ ۽ ٻين شاعرن روايت جي پراڻيءَ ريت مان ڪڍي ، نئين روايت جو لباس پارايو جنهن جي پوئواري شيخ اياز به ڪئي ۽ غزل گيڙو ويس به سڏيو ويو پر وفا غزل ۾ نيارا ۽ پيارا تجربا ڪيا آهن جن ۾ روايتي رنگ به آهي ته گيڙو ويس غزل کان هٽي ڪري نج سنڌي روايت جي سنگهاڻ مصري به شامل آهي. وفا جي غزل بابت محترم امداد حسيني لکي ٿو ، ” وفا بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي ۽ سنڌي غزل جي هڪ الڳ روايت آهي. روايتي غزل کان نئين غزل تائين سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جو هڪ الڳ اتهاس آهي ۽ منهنجي راءِ ۾ موجوده دور ۾ وفا غزل جو هڪ اهم شاعر آهي ۽ وفا جي غزل جي هڪ الڳ روايت آهي “. وفا جي مجموعي درد هزارين هڪڙي دل کي ڏسجي ٿو ته اُن ۾ هو انهي صوفي روايت جو امين نظراچي ٿو جنهن جي ڳڻ ڳوت ”وجود جي وحدت “ واريءَ واٽ تي وڃي ٿي ۽ همه اوست جي هوڪي سان سڏ ۽ پڙاڏي کي ساڳي اک سان ڏسي ٿو جنهن نگاهه سان ٻيائي کي ٻن اچي وڃي ٿو ۽ ساڳي هيڪڙائي حق جي ڳالهه خواجه نظام الدين جي دلبر، ڇاپ تلڪ ڇيني جي سرجيندڙ حضرت امير خُسرو به ڪئي هئي. وفا سائين ڪتاب جي منڍ ۾ هن ريت ٻولي ٿو .....

    هرابتدا جي ابتدا رب ِ ڪريم
    هر انتها جي انتها ربِ ڪريم

    ابتدا ۽ انتها جو اهو تصور وقت جي لامحدوديت کي بيان ڪري ٿو. حدن جي دنيا مان هر ڪو لنگهي ٿو پر بيحد ۽ لاحد جي لقاءَ جو مزو ڪو ڪو ماڻي ٿو. وحدانيت جي وائي ڳائڻ کانپوءِ وفا سنڌ جو سنيهو ورنائي ٿو ۽ لطيفي لات جي سنڌ سڪار واريءَ سنت تي هلندي، دعا گهري ٿو .....

    پيڪر مهر و عطا دلبند سنڌ
    تا قيامت شل رهين خورسند سنڌ

    وفا جو غزل دل کي ڇهندڙ غزل آهي جنهن ۾ خيال جي رعنائي به آهي ته ٻوليءَ ۽ گهاڙيٽا جا به منفرد مثال آهن. هو غزل جي روايتي ترڪيبن کي ڪتب آڻي ٿو جيئن شام غم ، اختتام سفر ، دشت ِ خيال ، وقتِ قصا ، صبح مسا وغيره پر ان سان گڏ وگڏ هن ”مٺڙا“ ۽ ”نال نيئڻ “ جهڙيون ٺيٺ ترڪيبون به استعمال ڪيون آهن . سندس غزلن جو مُکيه موضوع عشق آهي جنهن مان ملندڙ غم وفا سڄي عمر جهوليءَ پائي جهليو ۽ ان غم سان نه رڳو نباهيو پر انهي غم کي پنهنجي سموري اظهار جو جوهر ڪري به پيش ڪيو . سندس غزلن جون سٽن ۾ سوين ماڻهن کي پنهنجا دُک درد به نظرايندا هوندا ڇاڪاڻ ته درد کي وفا پنهنجي ڀلوڙ ڏات وسيلي جيئن ڪيپيٽلائيز ڪيو آهي ايئن شايد ئي سندس ڪنهن همعصر ڪيو هجي، سندس غزل جون سٽون هن ريت آهن...

    تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو
    آ ، وڇوڙي جو موت ماري ٿو
    ڪا تمنا ، ڪا آرزو ڪانهي،
    زندگي ايئن به ڪو گذاري ٿو
    چند لمحا ته سُک سمهان، ليڪن،
    درد تنهنجو اچي اُٿاري ٿو

    مشتاق جي ديد سارڻ واري ڳالهه ڪندي هو درد کي اُٿاريندڙ محرڪ طور استعمال ڪري ٿو. وارن جي رات ٿيڻ سان ملاقات جي توقع ڪندي ، محبوب کان ملڻ جي اُميد رکي ٿو جنهن مان سندس نراسائي جهلڪي ٿي ته ساڳئي غزل ۾ اڳتي اوچتي آس اُميد بر اچڻ جي خبر پڻ ڏئي ٿو ته ڪيئن سندس محبوب بنا توقع جي کيس ملي ويو. هو چوي ٿو؛

    ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي
    ڪڏهن محب ملندين ، ملاقات ٿيندي
    نه هئي آس ايئن ڪا پرين ! اوچتوئي ،
    سرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي.

    رهگذر جي ڳالهه مرزا غالب جهڙي ”باده خواريءَ گهٽ “ولي شاعر به ڪئي آهي ته زندگي ايئن ئي گذري وڃي ها پوءِ اي محبوب تنهنجو رهگذر ڇو ياد آيو ” زندگي يونهي گذرجاتي ، کيون تيرا رهگذر ياد آيا“ . وفا ننڍي کنڊ جي غزل جي سموري پڙاڏي کان جتي ڀليءَ ڀت واقف هو اُتي هو سنڌي شاعري جي روايتن کي هنيين سان هنڊائڻ وارو سُچيت ڏات ڌڻي هو جنهن جي پنهنجي سڀني ناميارن همعصر شاعرن سان سنگت صحبت هوندي هئي . اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس ئي ٻولن ۾ سندس گهرائي رڳو ”شمشير “ ۽ ”علي “ يعني شمشير الحيدري ۽ علي بابا سان رهي. هو غزل جي ميدان ۾ جڏهن نج سنڌي مزاج جو تجربو ڪري ٿو ته ههڙيون سهڻيون سٽون سرجي ٿو....

    تماشو ٿي رهيو آهي
    تماشو ٿي چُڪو آهي
    وفا تنهنجو ئي هو سائين،
    بُرو هو يا ڀلو آهي

    غزل جي اهڙي تجربي وارو گهاڙيٽو وڏي هنرمنديءَ جو گهرجائو آهي. مطلعي ۾ ٿورا لفظ مٽائي ، نيارو تاثر اُڀارڻ ۽ وقت جي ٻنهي زمانن کي ڄاڻائڻ جو گُر ”وفا“ جهڙن پختن غزل جي شاعرن جي حصي ۾ آيو آهي . هو ”بُري هجڻ “ جي ڳالهه کي ماضيءَ ۾ ڪري ٿو جڏهن ته حال کي ”ڀلو “ ٻُڌائي ٿو ڇاڪاڻ هو پرينءَ جو ٿي ڀلو ٿي پيو آهي. هو عشق محبت جي ڳالهين کي ڳائڻ سان گڏوگڏ تاريخ جا حوالا ڏيندي ، منصور ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر دستِ شبلي ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ”جوئي شير“ جو به ذڪر ملي ٿو ته سنڌ جي شهرن جا حوالا به ملن ٿا. هو روايتن جو ذڪر به اُڪير سان ڪندي ماضيءَ کي ياد ڪري ٿو ته هيءُ دور وفا جو ناهي ، اهي روايتون هاڻي ماضيءَ جو مزار بنجي چُڪيون آهن ؛

    هاڻي ڪونهي وفا جو دور ”وفا“
    هي اڳوڻيون روايتون آهن

    ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي انفراديت جو اهڃاڻ به چٽي ٿو ته سندس قلم جي شوخي سرس ۽ سوائي آهي . وفا جو جواب خود وفا آهي يعني وفا لاجواب آهي . اها ڳالهه اهڙي لطيف انداز ۾ وفا پلي ئي ڪري سگهي ٿو.

    شوخيءَ قلم لاجواب آهي
    خود وفا جو ”وفا“ جواب آهي

    سندس غزلن جي اهم خوبي نيارو تغزل آهي جنهن سان ذهن ۾ ترت پڙاڏو اُڀري ٿو ته اهو غزل وفا پليءَ جو آهي . وفا پلي دردن سان، زندگيءَ سان ۽ شاعريءَ خصوصن غزلن سان نباهيندي ، مڻين مٽيءَ هيٺيان وڃي آسڻ آرامي ٿيو ۽ سڀني تڪليفن جي باوجود هن جيڪي ڏنو آهي اُهو سنڌي غزل جو املهه سرمايو آهي ؛

    تاقيامت نام تن جو زندهه رهندو اي ”وفا“
    موت تائين زندگيءَ سان جي نڀائي ويا هليا

    ڪيستائين جاڳائيندين غمِ هجران،
    نيٺ زيرِ مزار سُمهنداسين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو